آسٽريليا

اوشيانا کنڊ جو ملڪ

آسٽريليا(انگريزي ٻولي: Australia) جنھن کي فيڊريشن آف آسٽريليا يا آسٽريليا جو وفاق پڻ چوندا آهن. اهو لاطيني لفظ آسٽرالس[10] مان نڪتل آهي، جنهن جو مطلب آهي ”ڏاکڻي زمين“.[11] ھن ملڪ جو سرڪاري نالو آسٽريليا جي دولت مشترڪه' يا ڪامن ويلٿ آف آسٽريليا آهي[12] اھو اوشيانيا کنڊ جو ھڪ خودمختيار ملڪ آهي جنھن ۾ آسٽريليا واري ڌرتيءَ سان گڏوگڏ تسمانيا ۽ ٻيا ڪيترائي ننڍا ٻيٽ شامل آهن. ھي ملڪ پکيڙ ۾ دنيا جو ڇھون نمبر وڏو ملڪ آهي پر ان جي ابادي اڍائي ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي[13]. ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ ڪينبرا ۽ وڏي ۾ وڏو شھر سڊني آھي. ملڪ جا ٻيا مشھور شھر ميلبورن، برسبين، پرٿ ۽ ايڊيليڊ آھن. ھي ملڪ زندگي جي گوناگونيت سان ڀرپور آهي. ھتي مختلف قسمن جا زميني ميدان، ريگستان، جبل، ٻيلا، درياء ، ڍنڍون ۽ سمنڊ واقع آھن جن ۾ جانورن ، پکين ، ريڙهيون پائيندڙ جانورن، مڇين، جيتن وغيره جون بي شمار جنسون ملن ٿيون. ملڪ جي آبادي جي گھاٽائي دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ م گھٽ م گھٽ واري آھي. ھتي ھڪ چورس ڪلوميٽر جي پکيڙ لاء صرف 2.8 ماڻھو آھي[14] ھن ملڪ جي آمدني جي ذريعن م کاڻون، ٽيلي ڪميونيڪيشن، بينڪاري، صنعت، تعليم شامل آهن[15][16][17]. ھي ملڪ تمام گھڻو ترقي يافته آهي جيڪو ڪل قومي پيداوار جي لحاظ کان دنيا جي چوڏھين وڏي معيشت آھي. في ڪس آمدني جي لحاظ کان ھي ملڪ عالمي بينڪ جي ڏنل درجي مطابق دنيا م ڏھين نمبر تي آهي[18]. فوجي خرچن جي لحاظ کان دنيا م 13 نمبر تي آهي[19]

ڪامن ويلٿ آف آسٽريليا

A blue field with the Union Flag in the upper hoist quarter, a large white seven-pointed star in the lower hoist quarter, and constellation of five white stars in the fly – one small five-pointed star and four, larger, seven-pointed stars.
نِسبتي نشان Australia
جھنڊو نِسبتي نشان
Location of Australia
گادي جو هنڌ ڪينبرا
35°18′29″S 149°07′28″E / 35.30806°S 149.12444°E / -35.30806; 149.12444
سڀ کان وڏو شهر سڊني
قومي ٻولي آسٽرلين انگلش[N 1]
مقامي آبادي
حڪومت فيڊرل پارليامينٽري ۽ آئيني بادشاهت
راڻي ايلزبيٿ ٻين
سر پيٽر ڪوسگروو
ميلڪم ٽرن بل
مخائيل ميڪ ڪورمئڪ
سوسن ڪيفل
اسڪاٽ رئن
ٽوني سمٿ
مقننه پارليامينٽ
سينيٽ
ھائوس آف ريپرزنٽٽيٽو
'خودمختياري: گريٽ بريٽن ۽ آئرلينڊ جي يونائيٽيڊ ڪنگڊم کان
1 جنوري 1901
9 آڪٽوبر 1942
( 3 سيپٽمبر 1939 کان عمل ۾ آيو)
3 مارچ 1986
پکيڙ
• جملي
7٬692٬024 km2 (2٬969٬907 sq mi) (6th)
• پاڻي (%)
0.76
آبادي
• 2024 اندازو
26,369,200[5] (51st)
• 2016 مردم شماري
23,401,892[6]
•  گھاٽائي
3.4 /km2 (8.8 /sq mi) (236th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$1.296 ٽرلين ڊالر [7] (19th)
• في سيڪڙو
$51,536[7] (17th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$1.48 ٽرلين ڊالر [7] (13th)

تاريخ سنواريو

 
اولھ آسٽريليا جي ڪمبرلي واري علائقي ۾ پٿرن تي قديم ابارجين ماڻھن جي آرٽ

ھن سرزمين تي انساني آبادي جي شروعات 65000 سال اڳ ٿي ھئي[20][21]. تاريخ جي دور کان اڳ جا ماڻهو ڏکڻ اوڀر ايشيا ما 40000 ھزار سال اڳ داخل ٿي علائقي واسي ٿيا[22]. ھتان جا اصل مقامي ابارجين رھاڪو 65000 سالن کان اتي رھندڙ آھن[23]. آسٽريليا م سڀ کان قديم انساني باقيات منگو ڍنڍ وارا باقيات آهن جيڪي 41000 سال پراڻا آهن[24][25]. ان باقيات جي علائقي جا رھاڪو موجوده ابارجين رھاڪن جا ابا ڏاڏا ھيا[26]. آسٽريليا جي ابارجين تھذيب ڌرتي جي قديم تھذيبن مان ھڪ آھي[27]. يورپين جي آمد وقت ھتان جا مقامي رھاڪو شڪاري ھيا ۽ انھن جي معيشت ۽ سماج پيچيده ھيو[28][29] موجوده آثار قديم جي ماھرن جي اندازن مطابق انھن جي آبادي 750000 تائين ھئي[30][31]. ابارجين مقامي رھاڪن جي ثقافت زباني روايتن تي مشتمل ھئي جيڪي نسل در نسل منتقل ٿينديون رھيون[32]. آسٽريليا جي ڪئينسلينڊ واري پاسي ٽوريس واري سامونڊي لنگھ جي ٻيٽن ۾ رھندڙ ماڻھو وري ابارجين رھاڪن کان مختلف ھئا. نسلي طور تي اھي ميلنيشيائي ھيا ۽ انھن جو گذران موسمي زراعت ۽ سامونڊي ۽ جابلو وسيلن تي ھوندو ھيو[33]. آسٽريليا جي اترين سامونڊي پٽي تي ماڪاسار نسل جي ماڻهن جي گھڻي اچ وڃ ھئي جيڪي انڊونيشيائي مھاڻا ھيا[34].


يورپين جي آمد سنواريو

 
آسٽريليا جي علائقائي ارتقا

يورپي ھن سرزمين تي سترھين صدي عيسويءَ ۾ داخل ٿيا[22].1770 ۾ يورپين مان سڀ کان پھريون ڪيپٽن جيمز ڪڪ اوڀر واري ساحل تي ڪجهه زميني حصي تي قبضو ڪري اولھ آسٽريليا جي نالي سان ھڪ برطانوي ڪالوني جو بنياد وڌو جنھن کان پوء اوڻويھين صدي تائين ڇھ ٻيون ڪالونيون قائم ٿيون جنھن کان پوءِ اڳتي ھلي سموري آسٽريليا تي برطانيا جو قبضو ٿي ويو، ۽ 1901 ڪامن ويلٿ آف آسٽريليا ۾ تبديل ٿي ويو. ھي نئون ملڪ پنھنجي قدرتي وسيلن جي ڪري جلدي ترقي ورتي[22].

جاگرافي سنواريو

هي ملڪ ڏکڻ اولهه پيسفڪ سمنڊ ۾ آهي، هن جي اتر ۾ تيمور ۽ آرا فورا سمنڊ، اوڀر ۾ ڪورل سمنڊ ۽ تسمان سمنڊ ۽ اولهه ۾ هندي سمنڊ آهي[22].

 
آسٽريليا جو جھندو
 
انڊين پيسيفڪ

آسٽريليا زمين جي ڏکڻ پاسي واري اڌ ڀاڱي تي هڪ ڌار وڏو کنڊ ۽ هڪ وڏو ٻيٽ آهي. هي ايراضيءَ جي لحاظ کان دنيا جو ڇهون وڏو ملڪ آهي، جنهن جي ڪل پکيڙ 7692300 چورس ڪلوميٽر (2266150 چورس ميل) ۽ آبادي ٻن ڪروڙن کان مٿي آهي. گاديءَ جو هنڌ ڪينبرا (Canberra) ۽ سڀ کان مٿانهون هنڌ مائونٽ ڪاسڪيوسڪو (بلندي: 2230 ميٽر) آهي.

 
اوپيرا ھائوس

آسٽريليا جي سرڪاري ٻولي انگريزي آهي، جڏهن ته هتي اٽالين ۽ يوناني پڻ ڳالهائجن ٿيون، موسم گرم ۽ خشڪ هوندي آهي. اندرين علائقن ۾ مينهن گهٽ پوندو آهي[22].

 
ميلبورن جي سانجھي

آسٽريليا جو محل وقوع يا دنيا جي نقشي ۾ بيھڪ 27 00 S, 133 00 E. ھن کي اوشنيا به چوندا آهن[22]. ھن جي پکيڙ 7,741,220 sq km آھي جنھن مان 7,682,300 sq km خشڪي ۽ 58,920 sq km پاڻي اٿس. دنيا جو پکيڙ ۾ ستون وڏو ملڪ آهي[22]. ھن جي سرحد جي ڊيگھ 25,760 km آھي جيڪا صرف سمنڊ سان لڳي ٿي. سمنڊ ۾ ان جو علائقو چوڌاري خشڪيءَ کان 12 ناٽيڪل ميلن تائين آهي. سطح سمنڊ کان ان جي سراسري اوچائي 330 ميٽر آهي[22]. اونھو مقام اير ڍنڍ Lake Eyre آهي جيڪا سمنڊ جي سطح کان 15 ميٽر ھيٺ`آھي[22]. سڀ کان اوچو مقام ڪاسڪيئوسڪو جبل Mount) (Kosciuszko جي چوٽي آھي جيڪا سمنڊ جي سطح کان 2,228 m بلند آهي[22]. ھن ملڪ جا قدرتي وسيلا باڪسائيٽ، ڪوئلو، ڪچو لوھ، ٽامو،ٽين ، سون ، چاندي، يورينيم، نڪل ، ٽنگسٽين، شيھو، زنڪ، ھيرا، قدرتي گيس، پيٽرول وغير آھن. آسٽريليا دنيا ۾ ڪوئلي جو سڀ کان وڏو ايڪسپوررٽر آهي ۽ پوري دنيا جي ڪوئلي جي برآمد جو 29 سيڪڙو ھن ملڪ جو آهي[22]. ھن جي 57.4 سيڪڙو زمين زراعت سان لاڳاپيل آهي جنھن جو 47.1 سيڪڙو چراگاھون ۽ 19.3 سيڪڙو ٻيلا آهن.6.2 سيڪڙو وري آبپاشي تي آباد ٿئي ٿي جنھن جي ايراضي 25000 چورس ڪلوميٽر آهي[22].

معيشت سنواريو

آسٽريليا جي مکيه زرعي پيداوار ڪڻڪ، جوئر، ڪمند، ڪپهه، ميوا ۽ ڀاڄيون آهن[22]. هتان جي مکيه صنعتن ۾ فولاد، ايليومينم، گاڏيون، ڪپڙي جي اڻت، مشينري، سياحت، ان ۽ گوشت جي پيڪنگ آهي ۽ مکيه معدنيات، لوهه، ڪوئلو، باڪسائيٽ، ٽامو، سون، چاندي، قلعي، يورينيم، پيٽروليم، گيس، هيرا ۽ جست آهي[22].
ھن ملڪ جي پر ڪيپيٽا جي ڊي پي ،2017 ۾ 49900 ڊالر ھئي ۽ ساڳي سال جي.ڊي.پي. واڌ 2.2 سيڪڙو ھئي[22].2017 ۾ ملڪ م افراط زر 2.2 سيڪڙو ھيو ۽ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ آسٽريلين ڊالر جي طاقت 1.31 ھئي[22]. ھتي سئو سيڪڙو آبادي کي بجلي جي سھولت ڏنل آهي.2015 م ھتي بجلي جو استعمال 223600 ميگاواٽ ھيو جڏھن تہ مجموعي ملڪي پيداوار 237900 ميگاواٽ ھئي[22].ملڪ ۾ 2013 ۾ ايئرپورٽن جو تعداد 480 ھيو.ملڪ ۾ ريلوي لائين جي ڊيگهه 33343 ڪلوميٽر آهي ۽ روڊن جي ڊيگھ 873573 ڪ م آھي[22]. ملڪ ھر سال جي ڊي پي جو 2 سيڪڙو دفاع تي خرچ ڪندو آھي[22].

ماڻھو ۽ آبادي سنواريو

آسٽريليا کي خوش بختيءَ جي زمين به چيو ويندو آهي. هتي سڀ کان اڳ جيڪي ماڻهو اچي آباد ٿيا، سي شايد تسمانين هئا، -جن- 40 هزار سال اڳ ڏکڻ ايشيا مان لڏپلاڻ ڪري تسمانيا اچي وسايو، جيڪي آسٽريليا جا اصلوڪا رهواسي ابارجين سڏيا ويندا آهن[22]. جڏهن ته گوري نسل جا ماڻهو گهڻو ڪري انهن يورپي خاص ڪري انگريز ماڻهن جو اولاد آهن، جن کي قيدين جي صورت ۾ ٻيڙن ذريعي هن ڏورانهين کنڊ تي اڇلايو ويندو هو[22]. 10هين صدي عيسويءَ ۾ پهريون مسلمان هتي واپار جي غرض سان آيو. 14هين صدي عيسويءَ ۾ مسلمان آسٽريليا جي اترئين ڪناري تي آباد ٿيڻ لڳا، جنهن تي عرب واپارين جو ڪنٽرول هو[22]. يورپي 17هين صدي عيسوي ۾ آيا. ولنڊيزي 18 هين صدي عيسويءَ ۾ داخل ٿيا ۽ هن کي نيو هالينڊ جو نالو ڏنائون[22]. 20 -اپريل- 1770ع تي ڪيپٽن جيمز ڪڪ برطانيا پاران اوڀرئين ڪناري تي قبضو ڪيو، جتي اصلوڪا قبيلا آباد هئا[22].
جولائي 2017 مطابق ھن ملڪ جي آدمشماري 23,232,413 ھئي ۽ ان مطابق دنيا ۾ آبادي جي لحاظ کان ھم ملڪ جو نمبر 56 وڃي بيٺو[22]. ھتان جي ماڻھن کي آسٽريلين ۽ سنڌي ۾ آسٽريليائي چون ٿا. آبادي جي ان تعداد ۾ 25.9 سيڪڙو انگريز، 25.4 آسٽريلين، 7.5 آئرش، 6.4 اسڪاٽش، 3.3 اٽالين، 3.2 جرمن، 3.1 چينيئ، 1.4 ھندوستاني، 1.4 يوناني،1.2 ڊچ، 15.8 ٻيا جن ۾ آسٽريليا جا پراڻا رھاڪو بہ شامل آھن[22] . ھن ملڪ ۾ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو رهن ٿا جن ۾ 76.8 انگريزي، 1.6 مينڊرين Mandarin، 1.4 اٽالين ٻوليءَ وارا، 1.3 عربي 1.6 يوناني، 1.2 ڪينٽونيزي ٻولي، 1.1 ويٽ نامي ٻوليون ڳالھائيندڙ آھن. ھن ملڪ ۾ مذهب سان لاڳاپيل ماڻهن ۾ پوري آبادي جو 23.1 سيڪڙو پروٽيسٽنٽ، 22.6 سيڪڙو رومن ڪيٿولڪ آهن.2.6 مسلمان، 2.4 ٻڌ ۽ 1.9 ھندو ۽ باقي ٻيا عيسائي فرقا ۽ ٻيا مذھب آھن[22].

سياسي انتظام سنواريو

آسٽريليا هڪ فيڊريشن آهي، جتي آئيني بادشاهت ۽ برطانوي طرز جي پارلياماني جمهوريت آهي. راڻي ايلزبيٿ-II رياست جي سربراھ ۽ هٿياربند فوجن جي سپريم ڪمانڊر آهي.
آسٽريليا جي آزاديءَ جو ڏهاڙو پهرين جنوري 1901ع آهي ۽ کيس گڏيل قومن جي اداري جي ميمبرشپ پهرين نومبر 1945ع کان مليل آهي. 2010ع جي غير سرڪاري انگن اکرن موجب آسٽريليا جي آبادي 22,333,569 آهي.[35]

 
ڪينبرا جي پارليامينٽ


آسٽريليا ۾ 6 رياستون ۽ ٻہ خطا آهن:

  1. نيو سائوٿ ويلز
  2. ڪئينسلينڊ
  3. سائوٿ آسٽريليا
  4. تسمانيا
  5. وڪٽوريا
  6. ويسٽرن آسٽريليا


ھي ملڪ پھرين جنوري 1901 ۾ برطانيا کان آزاد ٿيو. آئين به ساڳي سال خودمختياري سان گڏوگڏ لاڳو ٿيو. ھتي ڪامن لا سسٽم مروج آھي. شھريت جي لاءِ لازم آهي تہ والدين مان ڪو ھڪ آسٽريلين ھجي. ڪو به ٻار اتي ڄمڻ سان شھري نہ ٿو ٿي سگهي . ووٽ جو حق ھتي 18 سال جي عمر ۾ شروع ٿيندو آهي. ھن ملڪ جي پارليامينٽ ٻن ايوانن تي مشتمل آهي جن ۾ ھڪ ايوان سينيٽ آھي جنھن 76 سيٽون آھن جن مان ھر رياست کي 12 جيڪي 72 ٿينديون ۽ باقي 4 خطن جون آھن يعني 2 وفاقي گاديءَ وارو خطو ۽ باقي 2 ٻئي خطي جون. سينيٽر 6 سالن لاءِ چونڊيا ويندا آهن ۽ اڌ ميمبر ھر 3 سالن ۾ نوان ايندا آھن . ٻيو ايوان ھائوس آف ريپرزنٽيٽوز آھي جنھن جا 150 ميمبر آھن. ھن ملڪ جي وڏي ۾ وڏي عدالت ھاء ڪورٽ آف آسٽريليا آھي جنھن ۾ چيف جسٽس سميت ست جج آھن.[36]

مکيہ شھر سنواريو

آسٽريليا جا مشھور شھرن ۾ شامل آهن: ڪينبرا ، پرٿ، ايڊيليڊ، ميلبورن، سڊني، ڊارون، برسبين، نيوڪاسل، جيرالڊٽن ۽ پورٽ لنڪن وغيره

 
مائونٽ ائنسيلي تان نظر ايندڙ ڪينبرا جي سانجھيءَ (twilight) وارو منظر
 
پرٿ جو افقي منظر
 
ايڊيليڊ جو مونٽ لافٽي
 
ڊارون جو مرينا نار
 
پورٽ ھوبرٽ مرينا جي خليج تي

کاڌا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. آسٽريليا جو شاھي ترانو ( خدا راڻي جي حفاظت ڪري) آهي ۽ جڏهن بہ برطانيا جي شاھي خاندان مان ڪو آسٽريليا ايندو آهي ته اھو ترانو وڄايو ويندو آهي باقي آسٽريليا جو قومي ترانو ھاڻي ( ايڊوانس آسٽريليا فيئر) آھي
  2. It's an Honour – Symbols – Australian National Anthem آرڪائيو ڪيا ويا 9 November 2007 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. and DFAT – "Australian National Anthem" آرڪائيو ڪيا ويا 23 September 2015 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.; "National Symbols". Parliamentary Handbook of the Commonwealth of Australia (29th ed.). 2005 [2002]. https://web.archive.org/web/20070611101901/http://www.aph.gov.au/library/handbook/40thparl/national+symbols.pdf. Retrieved 7 June 2007. 
  3. See entry in the Macquarie Dictionary.
  4. Collins English Dictionary. Bishopbriggs, Glasgow: HarperCollins. 2009. p. 18. ISBN 978-0-00-786171-2. 
  5. "Population clock". Australian Bureau of Statistics website. Commonwealth of Australia. حاصل ڪيل 3 April 2018.  The population estimate shown is automatically calculated daily at 00:00 UTC and is based on data obtained from the population clock on the date shown in the citation.
  6. سانچو:Census 2016 AUS
  7. 7.0 7.1 7.2 7.3 "Australia". International Monetary Fund. حاصل ڪيل 27 October 2017. 
  8. "OECD Economic Surveys: Norway 2012". 
  9. "2016 Human Development Report" (PDF). United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 23 March 2017. 
  10. Australis
  11. Quattrocchi, Umberto (1999-11-17) (en ۾). CRC World Dictionary of Plant Names: Common Names, Scientific Names, Eponyms, Synonyms, and Etymology. CRC Press. ISBN 9780849326752. https://books.google.com.pk/books?id=esMPU5DHEGgC&pg=PA238&dq=Australis+latin&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwiW9bPVqKvbAhWBkywKHbo1CMoQ6AEIJDAA#v=onepage&q=Australis%20latin&f=false. 
  12. "Constitution of Australia". ComLaw. حاصل ڪيل 5 August 2011. 3. It shall be lawful for the Queen, with the advice of the Privy Council, to declare by proclamation that, on and after a day therein appointed, not being later than one year after the passing of this Act, the people of New South Wales, Victoria, South Australia, Queensland, and Tasmania, and also, if Her Majesty is satisfied that the people of Western Australia have agreed thereto, of Western Australia, shall be united in a Federal Commonwealth under the name of the Commonwealth of Australia. 
  13. "Geographic Distribution of the Population". حاصل ڪيل 1 December 2012. 
  14. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named worldatlas1
  15. Cassen, Robert (1982). Rich Country Interests and Third World Development. United Kingdom: Taylor & Francis. ISBN 978-0-7099-1930-8. 
  16. "Australia, wealthiest nation in the world". وقت 21 July 2012 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 24 July 2012.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  17. "Australians the world's wealthiest". The Sydney Morning Herald. 31 October 2011. https://www.smh.com.au/executive-style/luxury/australians-the-worlds-wealthiest-20111101-1mt2r.html. Retrieved 24 July 2012. 
  18. Data refer mostly to the year 2017. World Economic Outlook Database, October 2018, International Monetary Fund. Accessed on 1 April 2019.
  19. "Trends in World Military Expenditure, 2017" (PDF). www.sipri.org. 
  20. Nunn, Patrick (2018). The Edge of Memory: Ancient Stories, Oral Tradition and the Post-Glacial World. Bloomsbury Publishing. p. 16. ISBN 978-1-4729-4327-9. https://books.google.com/books?id=Z4xaDwAAQBAJ&pg=PT16. 
  21. Fagan, Brian M.; Durrani, Nadia (2018). People of the Earth: An Introduction to World Prehistory. Taylor & Francis. pp. 250–253. ISBN 978-1-351-75764-5. https://books.google.com/books?id=W0NvDwAAQBAJ&pg=PT250. 
  22. 22.00 22.01 22.02 22.03 22.04 22.05 22.06 22.07 22.08 22.09 22.10 22.11 22.12 22.13 22.14 22.15 22.16 22.17 22.18 22.19 22.20 22.21 22.22 22.23 22.24 22.25 22.26 - https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/as.html.  Missing or empty |title= (مدد)
  23. Clarkson, Chris; Jacobs, Zenobia; Marwick, Ben; Fullagar, Richard; Wallis, Lynley; Smith, Mike; Roberts, Richard G.; Hayes, Elspeth et al. (2017). "Human occupation of northern Australia by 65,000 years ago". Nature 547 (7663): 306–310. doi:10.1038/nature22968. ISSN 0028-0836. PMID 28726833. Bibcode2017Natur.547..306C. 
  24. Tuniz, Claudio; Gillespie, Richard; Jones, Cheryl (2016). The Bone Readers: Science and Politics in Human Origins Research. Routledge. p. 43. ISBN 978-1-315-41888-9. https://books.google.com/books?id=WrJmDAAAQBAJ&pg=PA43. 
  25. Castillo, Alicia (2015). Archaeological Dimension of World Heritage: From Prevention to Social Implications. Springer Science. p. 41. ISBN 978-1-4939-0283-5. https://books.google.com/books?id=jV64BAAAQBAJ&pg=PA41. 
  26. "The spread of people to Australia". Australian Museum. 
  27. "Aboriginal Australians the oldest culture on Earth". Australian Geographic. وقت 18 May 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 18 December 2018.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  28. Williams, Elizabeth (2015). "Complex hunter-gatherers: a view from Australia". Antiquity (Cambridge University Press) 61 (232): 310–321. doi:10.1017/S0003598X00052182. 
  29. Sáenz, Rogelio; Embrick, David G.; Rodríguez, Néstor P. (3 June 2015). The International Handbook of the Demography of Race and Ethnicity. Springer. pp. 602–. ISBN 978-90-481-8891-8. https://books.google.com/books?id=v_bLCQAAQBAJ&pg=PA602. 
  30. 1301.0 – Year Book Australia, 2002 Australian Bureau of Statistics 25 January 2002
  31. also see other historians including Noel Butlin (1983) Our Original Aggression George Allen and Unwin, Sydney. ISBN 0-86861-223-5
  32. Galván, Javier A. (2014). They Do What? A Cultural Encyclopedia of Extraordinary and Exotic Customs from around the World. ABC-CLIO. p. 83. ISBN 978-1-61069-342-4. https://books.google.com/books?id=e2RyBAAAQBAJ&pg=PA83. 
  33. Viegas, Jennifer. "Early Aussie Tattoos Match Rock Art". Discovery News. وقت 10 July 2008 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 30 March 2010. 
  34. MacKnight, CC (1976). The Voyage to Marege: Macassan Trepangers in Northern Australia. Melbourne University Press. 
  35. [http://encyclopediac sindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A2%D8%B3%D9%BD%D8%B1%D9%8A%D9%84%D9%8A%D8%A7 آسٽريليا : (Sindhianaسنڌيانا) http://encyclopediac sindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A2%D8%B3%D9%BD%D8%B1%D9%8A%D9%84%D9%8A%D8%A7 آسٽريليا : (Sindhianaسنڌيانا)] Check |url= value (مدد).  line feed character in |url= at position 21 (مدد); Missing or empty |title= (مدد)
  36. https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/as.html.  Missing or empty |title= (مدد)


حوالي جي چڪ: "N" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="N"/> نہ مليو