وڪيپيڊيا:چونڊ ڏينهن/آگسٽ 26
اڄ راکي ٻڌڻ جو ڏڻ آهي.
- 683ع – يزيد (تصوير:يزيد جي وقت اموي خلافت جو سڪو) جي لشڪر حره جي جنگ ۾ صحابين سميت مديني جي 11 هزار ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيو.
- 1840ع – انگريز عملدار ليفٽيننٽ لوڊي کي قلات ۾ بروهي برادري جي ماڻهن اغوا ڪري ورتو، سندن مطالبو هو ته قلات بابت انگريز پنهنجيون پاليسيون تبديل ڪن.
- 1950ع – هندوستان مان آيل پناهگيرن جي بحالي لاءِ پاڪستان جي سڀني شهرين تي مهاجر ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو.