آصف نواز جنجوعا
آصف نواز جنجوعا | |
---|---|
معلومات شخصيت | |
ڄم | 3 جنوري 1937[1] جهلم ضلعو |
موت | 8 جنوري 1993 (56 سال)[1] راولپنڊي |
شھريت | ![]() ![]() |
عسڪري خدمتون | |
شاخ | پاڪ فوج |
عهدو | جنرل آفيسر |
ترميم ![]() |
پاڪستان جي اڳوڻي چيف آف آرمي اسٽاف، جنرل آصف نواز جنجوعا جو تعلق، پنجاب جي ضلعي جهلم جي هڪ فوجي گهراڻي سان هو. سندس والد فوج ۾ ڪرنل هو. ننڍي هوندي کان سندس تربيت مڪمل فوجي ضابطي سان ٿي. 1954ع ۾ کيس پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، جنهن بعد کيس وڌيڪ تعليم لاءِ انگلنڊ موڪليو ويو، جتي جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ ۽ گوهر ايوب به سندس هم ڪلاسي رهيا.
تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ، پاڪستان آرميءَ جي پنجاب رجمينٽ سان وابسته ٿيو، ۽ ان ئي رجمينٽ ۾ اعليٰ عهدن تي فائز ٿيو. جڏهن هو ڪراچيءَ جو ڪور ڪمانڊر بڻيو ته ان وقت ڪراچي، لساني فسادن ۽ دهشتگرديءَ جو ڳڙهه بنجي چڪي هئي. انهن حالتن ۾ جنرل آصف جنجوعا ڪراچيءَ ۾ دهشتگرديءَ جي روڪڻ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو. 16 آگسٽ 1991ع تي، جنرل مرزا اسلم بيگ جي رٽائر ٿيڻ کان پوءِ چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ڪيو ويو ۽ 11 جنوري 1993ع تي، هڪ مبينه واقعي ۾ وفات ڪري ويو.[3]
حوالاسنواريو
- ↑ 1.0 1.1 Bibliothèque nationale de France ID: https://catalogue.bnf.fr/ark:/12148/cb14486400m — subject named as: Āṣif Navāz — مصنف: Bibliothèque nationale de France — عنوان : اوپن ڈیٹا پلیٹ فارم — اجازت نامو: Open License
- ↑ BnF catalogue général — اخذ شدہ بتاریخ: 25 مارچ 2017 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — ناشر: Bibliothèque nationale de France
- ↑ http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=آصف%20نواز%20جنجوعا