پورچوگال

يورپ جو ملڪ
(پرتگال کان چوريل)

پورچوگال(انگريزي: Portugal) يا پورچوگيز ريپبلڪ يا ريپبلڪا پورچوگئيسا اردو ۾ پرتگال يورپ جي ابيريائي اپٻيٽ ۾ آخري ڏکڻ اولھ واري ھنڌ ائٽلانٽڪ سمنڊ تي واقع ھڪ ملڪ آهي. ھن ملڪ جي اوڀر ۽ اتر ۾ اسپين، اولھ ۽ ڏکڻ ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ واقع آهي. ملڪ جي دفتري ۽ قومي ٻولي پورچوگيزي آھي.

پورچوگيزي ريپبلڪ

ريپبلڪا پورچوگئيسا
Flag of پورچوگال
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
ترانو: "آ پورچوگئيسا"
مڪانيت  پورچوگال  (تيز سائو) – يورپ ۾  (سائو & تيز خاڪي) – in يورپي يونين  (سائو)
مڪانيت  پورچوگال  (تيز سائو)

– يورپ ۾  (سائو & تيز خاڪي)
– in يورپي يونين  (سائو)

گادي جو هنڌ لزبن
سڀ کان وڏو شهر لزبن
دفتري ٻوليون پورچوگيزي
تسلیم ٿيل مقامي  ٻوليون ميرانديزي
نسلي گروھ (2011)
مذهب (2011) 81.0% رومن ڪيٿولڪ %3.3 ٻيا عيسائي %0.6 ٻيا مذھب %6.8 لامذھب جيڪي مذھب ظاھر نہ ٿا ڪن %8.3
مقامي آبادي پورچوگيزي
حڪومت وحداني نيم صدارتيآئيني ريپبلڪ[1]
• صدر
مارسيلو ربيلو ڊي سوزا
• صدر
ايڊورڊو فيرو روڊريگيس
انتونيو ڪوستا
مقننه اسيمبلي آف دي ريپبلڪ، پورچوگال
پورچوگال جي تاريخ
• پھرين ڪائونٽيء جو قيام
868
• ڪائونٽي آف پورچوگال جو ٻيھر قيام
1095
24 جون 1128
26 جولاءِ 1139
5 آڪٽوبر 1143
23 مئي 1179
1 ڊسمبر 1640
5 آڪٽوبر 1910
25 اپريل 1974
25 اپريل 1976
1 جنوري 1986
پکيڙ
• جملي
92٬212 km2 (35٬603 sq mi)[2] (109th)
• پاڻي (%)
0.5
آبادي
• 2016 اندازو
10,379,573[3] (83rd)
• 2011 مردم شماري
10,562,178[4]
•  گھاٽائي
115 /km2 (297.8 /sq mi) (97th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$338.321  ارب ڊالر [5] (50th)
• في سيڪڙو
$32,576[6] (40th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$235.696 ارب ڊالر[5] (43rd)

نالوسنواريو

 
اينٽا ڊا آرڪا نالي ڪيلڪلٿڪ(پٿر ۽ ٽامي وارو دور) ڊالمين (پٿرن جي قبر جو قسم)

پورچوگال لفظ پورٽس ڪال نالي قديم رومي-ڪيلٽڪ شھر جي نالي مان نڪتل آھي;[11] جنھن شھر واري جاء تي ھاڻوڪي پورچوگال جي اترئين ڀاڱي ۾ ڊوئرو ندي جي منھن لڳ ولا نووا ڊي گائيا واقع آهي. پورٽس ڪال ۾ لاطيني لفظ پورٽس جي معني آھي بندر, پر ڪال جي معني اڃان واضع ٿي نہ سگھي آهي. خيال آهي ته ابيريائي اپٻيٽ جي اتراولھ تي قابض ڪاسٽرو تھذيب وارا ماڻھو جيڪي ڪالئشي يا گالئشي يا گالنيشيا سڏيا ويندا ھئا، انھن جي نالي تان ڪال نالو ان شھر تي پيو[12].

تاريخسنواريو

عربن جي آمد کان اڳسنواريو

 
ڪَوئَا وادي ۾ تاريخ کان آڳاٽي دور جي مليل پٿر واري آرٽ

پورچوگال وارو خطي ۾ شروعات ۾ نيئندرٿال (انسانن وانگر ماڻھو) رھندڙ ھيا جن بعد ھوموسيپيئنس (موجوده انسان) آيا[13] ۽ انھن خانه بدوشي بعد اتي وسنديون ٺاھڻ شروع ڪيون ۽

 
ٽئين ھزاري ق م ۾ تعمير ٿيل الڪالار وارا يادگار

عالمن جو خيال آهي ته پھرين ھزاري قبل مسيح ۾ وچ يورپ مان ڪيلٽڪ ماڻھو ڪاھي آيا ۽ انھن مقامي ماڻھن سان رشتن جي ڏي وٺ شروع ڪئي اھڙي طرح رومين کان اڳ وارا ابيريائي اپٻيٽ جا مختلف قبيلن جنم ورتو [14] اڄوڪو آثار قديم وارو علم پڻ پورچوگال جي ڪيلٽڪ ماڻھن جي ھجڻ جي نشاندهي ڪري ٿو[15]


 
الينٽيجو ۾ واقع رومي تھذيب جو اويرا وارو رومي مندر

رومن ابيريائي اپٻيٽ تي پھرين ڪاھ 219 ق م ۾ ڪئي ۽ ساحلي علائقن مان پنھنجن مخالف ڪارٿيجي ماڻھن کي ھيڪالي ٻاھر ڪيو. جوليس سيزر جي دور م پورو ابيريائي اپٻيٽ رومي ايمپائر جو حصو ٿي چڪو ھيو. 155 ق ۾ ۾ اتر وارن لوسٽانيا جي قبيلن ورياٿس جي اڳواڻي ۾ بغاوت ڪئي,[16][17] آئبيريائي اپٻيٽ جي اولھ واري حصي تي پنھنجو راڄ قائم ڪيو

 
سينٽم سيلاس، پورچوگال جي بيئرا ريجن ۾ واقع پھرين صدي عيسويءَ سان تعلق رکندڙ ٻھراڙيءَ جو ھڪ رومي گھر

رومي جڏهن ويڙھ ۾ ورياٿس کي روڪڻ م ناڪام ٿيا تہ انھن 139 ق م ۾ رشوت ڏئي کيس سندس ساٿين کان قتل ڪرايو ء ٽائوٽالس لوسيٽانيائي قيادت سنڀالي. رومين پوء ابيريائي اپٻيٽ م آباد ٿيڻ شروع ڪيو ۽ لوسيٽانيا کي مڪمل طرح رومانيو ويو ۽ 27 ق م ۾ اھو رومن ايمپائر جو صوبو ٿي ويو. بعد م لوسيٽانيا وارو اتريون صوبو ٺاھيو ويو جيڪو پوء گليسيا سڏجڻ لڳو جنھن جو گادي جو ھنڌ براڪارا کي بڻايو ويو جيڪو ھاڻي براگا سڏجي ٿو[18].

 
پنجين ۽ ڇھين صدي عيسويءَ ۾ سئيبي بادشاھت جو نقشو
 
560ع ۾ ابيريا واري وزيگوٿي بادشاھت

پنجين صدي جي شروعات ۾ جرمن قبيلن ھرھڪ سئيبي[19] وئنڊل (سلنگي) ۽ ھيسڊنگي پنھنجن اتحادي قبيلن سسارميٽيئن ۽ الان سان گڏجي ابيريائي اپٻيٽ تي حملو ڪري اتي سئيبي بادشاھت قائم ڪئي[20] جيڪا رومين کان پوءِ ھتي جرمن بادشاھت ھئي جيڪا گليسيا ۽ لوسيٽانيا صوبن ۾ قائم ٿي[21][20][19] سوئيبي بادشاھ ھرميرڪ راڄ پنھنجي پٽ ريچلا جي حوالي ڪرڻ کان اڳ گليسيائي ماڻھن سان امن جو معاھدو ڪيو. 448ع ۾ بادشاھي خشيار (Rechiar) تائين وسيع ڪري ريچلا وفات ڪئي. وزيگوٿن کي شڪست ڏيڻ بعد سوئيبي بادشاھت فرانٽن ۽ اگوئلفو ۾ ورھائجي وئي ۽ ٻنھي 656ع کان 657 تائين راڄ ڪيو جنھن بعد ان سال مالڊراس ٻنھي حصن کي وري ھڪ ڪيو. پر 659ع ۾ رومين ۽ وزيگوٿي سازش ذريعي قتل ٿي ويو ۽ ھڪ ڀيرو ٻيھر سوئيبي بادشاھت ٻن بادشاھن فرومار (459-463) ۽ مالڊراس جي پٽ رئمسمنڊ (459-469) ۾ ورهائجي وئي. 463ع ۾ رئمسمنڊ ٻيھر بادشاھي کي ھڪ ڪري ويو. 500ع ۾ ابيريائي اپٻيٽ ۾ وزيگوٿي بادشاھت شروع ٿي. 550 کان 550 تائين جو دؤر ھن خطي جو اونداھو دور سڏجي ٿو. ان دور جا تفصيل محفوظ ٿي نہ سگھيا رڳو ھڪ بادشاھ ٿيوڊيمنڊ جو پتو پوي ٿو. 550ر ۾ ڪاريئارڪو بادشاھ ٿيو جنھن ھتي ڪيٿولڪ چرچ کي قائم ڪيو. 559ع ۾ ٿيوڊيمر ان جي جاء ورتي جنھن جي دور ۾ 561ع ۾ براگا جي پھرين ڪائونسل جو اجلاس ٿيو

 
561ع م براگا جي پھرين ڪائونسل جي اجلاس جو ڏيک

ان ڪائونسل براگا واري سينٽ مارٽن جي سرپرستي ۾ مشرڪن کي عيسائي بڻائڻ ۽ ان علائقي ۾ سوئيبي پارش جي تنظيمي ڪم جي پيشقدمي جي نمائندگي ڪئي وئي[22]. 570 ۾ ٿيوڊيمر جي ي وفات بعد وري سوئيبي ميرو بادشاھ ٿيو جنھن جي دؤر ۾ 572ع ۾ براگا جي ٻين ڪائونسل منعقد ٿي. 577ع ۾ وزيگوٿي گھرو ويڙھ شروع ٿي پر ميرو ويڙھ ختم ڪرڻ م ڪامياب ٿي نہ سگھيو. 583ع ۾ وفات ڪري ويو ۽ ايبوريڪو (يوريڪو) تخت تي ويٺو پر 584ع ۾ کائنس اينڊيڪا بادشاھي کسي ورتي جنھن جو راڄ 585 تائين ھلي سگھيو ۽ ان سان وزيگوٿن لئووگلڊ جي اڳواڻي ۾ حملو ڪري سوئيبي بادشاھت کي گوٿن واري ڇھن صوبن تي مشتمل بادشاھت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو[23]

لئووگلڊ گليسيا، ھسپانيه ۽ گاليا ناربونينسس جو تاجدار بادشاھ ٿيو.

 
سئيبي بادشاھ ميرو ۽ براگا وارو سينٽ مارٽن 1145ع م ٺاھيل ھڪ پينٽنگ

لاڳيتو 700ع تائين ابيريائي اپٻيٽ تي وزيگوٿي بادشاھت قائم رھي[24][25][26][27][28] 711 ۾ آخري وزيگوٿي بادشاھ روڊرڪ مارجي ويو ۽ عربن جو دور شروع ٿيو.

عربن جو دورسنواريو

 
ڏھين صدي عيسويءَ ۾ قرطبه واري خلافت

بنو اميه جي خلافت طرفان ابيريائي اپٻيٽ تي فتح حاصل ڪرڻ بعد 726ع کان 1249ع تائين موجوده پورچوگال ۽ اسپين جي وڏي حصي سميت اندلس جو حصو ھيو. ان دؤر م سالن جي ڪجھ ڏھاڪن تائين اتر پورچوگال ۽ پنج سؤ سالن تائين ڏکڻ پورچوگال تي عربن جي حڪمراني رھي[29]. وزيگوٿن جي شڪست بعد ڪجھ مهينن ۾ ئي 726ع ۾ ابيريائي اپٻيٽ دمشق جي خلافت جو حصو ٿي ويو. 750 ۾ بنو اميه جي دمشق واري خلافت ٽٽڻ بعد عبدالرحمان ٻيون جي قيادت ۾ ھي علائقو اسلامي خلافت کان آزاد ٿي قرطبه جي امارت بڻجي ويو جيڪا پوء قرطبه جي خلافت ۾ تبديل ٿي وئي جيڪا طائفه نالي انتظامي يونٽن ۾ ورھايل ھئي جنھن جو سربراھ گورنر ھوندو ھو. اھا خلافت 1031 ۾ ٽٽي 23 ننڍڙين بادشاھتن ۾ ورھائجي وئي جن کي طائفه وارين بادشاھتن جو نالو ڏنو ويو[29]. ھر طائفه جي گورنر پاڻ کي امير قرار ڏئي ڇڏيو.

1086ع ۾ طائفه وارو دؤر مراڪش کان بربر نسل واري المرابط خاندان زلاقه واري جنگ(سگراشس واري جنگ) کٽي طائفه وارين بادشاھتن کي پنھنجي مراڪش واري بادشاھت م ملائي ڇڏيو. 1147 ۾ وري ٻيھر مراڪش جي الموحدون خلافت انھن طائفن کي خلافت ۾ شامل ڪري ڇڏيو[30]. اندلس کي مختلف ضلعن ۾ ورھايو ويو جن کي ڪرہ سڏيو ويندو هو. غرب الاندلس 10 ڪرن تي مشتمل ھو[31]. ھر ڪرہ ۾ صدرمقام ۽ ان جو گورنر مقرر ھيو. انھن مان ڏکڻ پورچوگال ۾ بيجا، سيئووس، الڪاسر دو سال، سينتاريم ۽ لزبن شامل ھيا. ھتان جي مسلمانن ۾ مقامي ابيريائي مولد ۽ بربر سڏبا ھيا. عرب انھن ۾ ٿورا ھيا جن ۾ شام ۽ عمان جا امير شامل ھئا. بربرن جو تعلق اتر آفريڪا جي اٽلس جبلن ۽ مراڪش جي علائقي ريف سان ھيو[29].

پورچوگال ڪائونٽيسنواريو

 
پورچوگال جي ڪائونٽي جي پھريون ڪائونٽ ومارا پيرس جو مجسمو

Aنائين صدي عيسويءَ جي آخر ۾ منھو ندي ۽ ڊوئرو ندي جي وچ وارو علائقو ھڪ جوڌي ومارا پيرس استوريئس جي بادشاھ الفونسو ٽئين جي حڪم تي فتح ڪري ورتو جنهن خطي م ٻہ شھر پورٽس ڪيل ۽ براگا واقع ھيا. ھن اتي جي کوڙ ٻين ڦٽل شھرن م پورچوگيزي ء گليسيائي پناھگيرن سميت ٻين عيسائين کي آباد ڪرايو[32] اھڙي طرح پورچوگال جي ڪائونٽي وجود ۾ آئي جيڪا ڏکڻ پاسي کان عربن جي حملن ۽ اتر ڏانھن نارمن ۽ وائڪنگ جي حملن سان منھن ڏيندي آئي[33][34]

 
لئون وارو الفونسو چوٿون 1093ع م پورچوگال جي ڪائونٽ ھينري کي ذميداري سونپيندي

ڪائونٽ ومارا پيرس[35] ان فتح ڪيل علائقي کي ترقي ڏياري ڪائونٽي جو درجو ڏئي ان جو نالو پورٽس ڪيل جي نالي تان پورچوگال رکيو. ھن ڪائونٽي م ھڪ نئين شھر گيمرائيس جو بنياد رکيو جيڪو پورچوگيزي قوم جي جنم ڀومي سڏيو ويندو آهي. الفونسو ٽيون جي پٽن پيءُ کان تخت کسي بادشاھت ٽن حصن ۾ ورهائي ڇڏي پر بعد م لئون وارو الفونسو چوٿون آيو جنھن وري استوريئس جي بادشاھتن کي ھڪ بادشاھت ۾ تبديل ڪيو ۽ ان 1093ع ۾ ھينري برگنڊي کي پورچوگال ڪائونٽي جو ڪائونٽ مقرر ڪري پنھنجي ناجائز ڌيءَ جي ان سان شادي ڪرائي. ھينري براگا کي ڪائونٽي جو صدرمقام بڻايو. ھينري بعد سندس پٽ افونسو ھينريڪيس ڪائونٽ ٿيو ۽ 24 جون 1128ر تي ھن پنھنجي ماء ٽريسا ۽ سندس عاشق فرنائو پيرس ڊي ٽريوا سان سائو ماميڊ واري جنگ وڙھي کٽي ۽ ڪائونٽي. جو واحد اڳواڻ بڻجي ويو. ان بعد ھن ڏکڻ طرف مور (مسلمانن) طرف پيشقدمي ڪئي ۽ 25 جنوري 1139ع م انھن کي اوريڪي واري جنگ ۾ فيصلاڪن شڪست ڏئي پورچوگال جو بادشاھ بڻجي ويو. ھاڻي پورچوگال ڪائونٽي ليئون کان ڌار ٿي ھڪ خودمختيار بادشاھت جي صورت اختيار ڪئي. پورچوگال دنيا جي کوجنا ۾ سرواڻي جو ڪردار ادا ڪيو. جان پھريون جو پٽ شھزادو ھينري جھازران ان ڪم ۾ مکيه معاون ۽ مالي مددگار ٿيو.

پورچوگال جي بادشاھتسنواريو

افونزو ھينريڪيس پورچوگال جو آخري ڪائونٽ ۽ پھريون بادشاھ ھيو ء ان بعد ان خاندان جي بادشاهي قائم رھي. بادشاھت بم ڊنز پھريون، افونسو چوٿون، پيڊرو پھريون بادشاھ ٿيڻ بعد امن سان پنھنجا دؤر گذاريا.1348 ۽ 1349 م يورپ ۾ ڪاري موت واري وبا ۾ پورچوگال پڻ متاثر ٿيو[36]. 1373ع ۾ پورچوگال انگلينڊ سان اينگلو پورچوگيز الائنس جي نالي سان اتحاد ڪيو جيڪو دنيا جو موجود سڀ کان ڊگھو اتحاد سڏيو ويندو آهي.

آوش گھراڻي جي تخت جي دعويداري ۾ جان پھريون، پورچوگال الجوباھوتا واري جنگ کٽي
1883-1885 واري پورچوگال ۾ ڪيسٽائيل جي خلاف ٿيندڙ ويڙھ ۾ فتح جي ياد ۾ بادشاھ جان پھرين باٽالھا مونيسٽري ٺھرائي

1383ع ۾ بيئتريسي، پورچوگال جو مڙس ۽ فرڊيننڊ پھريون، پورچوگال جو ناٺي ڪيسٽائيل وارو جان پھريون پورچوگال جي تخت جو دعويدار ٿيو جنھن کي اميرن جي ھڪ حصي ۽ عام ماڻھن جي قيادت ڪندڙ جان آوش جي وچ ۾ الجوبروٽا واري جنگ لڳي جنھن ۾ ڪيسٽائيلن واري ڌر کي شڪست آئي ۽ پورچوگال جي بادشاھي آوش گھراڻي کي ملي. ان دؤر ۾ پورچوگال ائٽلانٽڪ سمنڊ جي کوجنا ڪئي ۽ ازوريس ٻيٽ، مدائرا ۽ ڪيپ وردي ٻيٽ دريافت ڪيا؛ آفريڪا جي ساحلي ڪناري جي کوجنا ڪئي؛ آفريڪا جي چونڊ ھنڌن تي ڪالونيون قائم ڪيون؛ انڊيا جو رستو دريافت ڪيو؛ برازيل دريافت ڪري اتي بيٺڪون يا ڪالونيون قائم ڪيون؛ ڏکڻ ايشيا واري پاسي جا واپاري دڳ قائم ڪيا؛ پھريون ڀيرو چين ۽ جپان سان واپار لاء سفارتي مشن موڪليا. 1415ع ۾ اتر آفريڪا جي پھرين خوشحال اسلامي واپاري مرڪز سيوٽا فتح ڪري اتي سمند پار ڪالونيون ٺاھيون.

ڪرسٽوفر ڪولمبس جي يورپ واپسي بعد جڏهن اسپين ۽ پورچوگال وچ ۾ نئين دريافت ڪيل سرزمين تي شروع ٿيل تڪرار پوپ اليگزينڊر ڇھين جي ٽياڪڙي سان ٿيل ٽروڊيسيلس معاھدي ذريعي حل ٿيو جنھن تي 7 جون 1494ع ۾ صحيحون ڪيون ويون جنھن تحت دريافت ٿيل سرزمين کي انھن ٻن حصن ۾ ورھايو.

1484ع ۾ واسڪو ڊي گاما اھو ڪري ڏيکاريو جنهن لاء ڪرسٽوفر ڪولمبس نڪتو ھيو. ھي پھريون يورپي ھيو جيڪو سمنڊ رستي انڊيا پھتو جنھن سان 17 لک آبادي واري پورچوگال جي معاشيات ۾ خوشحالي آئي ۽ ان ۾ جاڳرتا جو آغاز ٿيو. 1500 ۾ پورچوگال جو جھازران گيسپر ڪورٽي ريئال موجوده ڪيناڊا ۾ پھتو ۽ انگريزن ۽ فرانس وارن جي پھچڻ کان گھڻو وقت اڳي ان نيو فائونڊ لينڊ ۾ پورچوگال ڪوو سينٽ فلپس نالي شھر جو بنياد رکيو[37][38][39]. 1500ع ۾ پیڊرو آلواريس ڪيبرال برازيل دريافت ڪري ان تي پورچوگال جي دعويداري جو اعلان ڪيو[40].ڏھ ڏينھن بعد افونسو ڊي البڪيارڪي گوا (انڊيا)، مسقط (عمان)، ملاڪا (ملائيشيا) ۽ فارس جي پاڻي واري لنگھ ارمز تي قبضو ڪيو ۽ اھڙي طرح پورچوگيزي ايمپائر ھندي سمنڊ ۽ ڏکڻ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي واپار تي غالب ٿي وئي. پورچوگيزي جھاز تائيوان، جپان، تيمور ۽ مولاڪيئس يا ملاڪو ٻيٽن (انڊونيشيا) ۾ لنگر انداز ٿيڻ لڳا. ھونئن تہ گھڻي وقت کان اھو خيال ڪيو وڃي ٿو ته ڊچ سڀ کان اول آسٽريليا پھتا پر اھڙيون شھادتون پڻ موجود آهن جن مطابق اتي سڀ کان پھريان 1521ع ۾ پورچوگيزي پھتا ھئا[41][42][43] 1519 کان 1522 تائين فرڊيننڊ مگيلن ايسٽ انڊيز جي لاء مھم تي روانو ٿيو ۽ ان مھم جي نتيجي م دنيا جي چوگرد پھرين جھازراني ڪئي وئي. ان مھم دوران فرڊيننڊ مگيلن پاڻ يورپ واپس موٽي نہ سگھيو ڇو ته فلپائن ۾ 1521 ۾ مقامي ماڻھن ھٿان مارجي ويو ھو. 22 اپريل 1529ع ۾ اسپين ۽ پورچوگال ۾ ھڪ ٻيو معاھدو پڻ ٿيو جنھن کي زاراگوزا وارو معاھدو سڏيو ويو. ان سمورن ڪمن سان پندرهين ۽ سورھين صدي ۾ پورچوگال جي بادشاھت دنيا جي ھڪ وڏي معيشت ٿيڻ سان گڏوگڏ ھڪ فوجي ۽ سياسي طاقت پڻ بڻجي وئي.

 
دنيا جو نقشو جنھن پورچوگال ايمپائر پنھنجي آخري عروج تي ھئي

1580 کان 1640 تائين پورچوگال پنھنجي مرضيءَ سان اسپين سان گڏ يونين ۾ شامل ٿيو ان جو سبب اھو جو ٻنھي ملڪن جا بادشاھ بغير وارث جي فوت ٿي ويا ھئا جنھن ڪري 1580ع ۾ پورچوگال ۾ واراثت جي مسئلي ڪر کنيو. آخرڪار اسپين جو فلپ ٻيون اسپين جي تخت جو دعويدار ٿيو ۽ کيس بادشاھي ملي ۽ پورچوگال وارن پڻ کيس فلپ پھريون جي نالي سان پنھنجو بادشاھ تسليم ڪيو اھڙي طرح ابيريائي اپٻيٽ ٻن بادشاھتن جي ھڪ يونين بڻجي ويو پر ان جاگرافيائي خطي جي سڄاڻپ اسپين جي نالي سان ٿيڻ لڳي[44] ان يونين سان پورچوگال پنھنجي خودمختيار پرڏيھي معاملن جي پاليسي کان محروم ٿي 80 سالن تائين اسپين ۽ نيڌرلينڊز جي وچ م جنگ جو حصو ٿي ويو. ان جنگ ڪري اينگلو پورچوگيزي تعلقات پڻ خراب رھيا ۽ پورچوگال کي ايران عمان وچ ۾ ھرمز تان دستبردار ٿيڻو پيو. ان جي ڪالونين تي ولنديزي حملا ٿيڻ لڳا ۽ پورچوگال جي ھندوستان جي واپار تان ھڪھٽي ختم ٿي وئي.1640ع ۾ جان چوٿون، پورچوگال ناراض اميرن جي مدد سان پورچوگال جي بادشاھت جو دعويدار ٿيو ۽ پوءِ جنگ لڳي جنھن سان پورچوگال يونين مان نڪري آيو ء ان تي براگنزا گھراڻي جو دؤر شروع ٿيو جيڪو 1910ع تائين قائم رھيو.

مافرا محل, a يونيسڪو طرفان عالمي ورثو قرار ڏنل

جان چوٿون کان پوء سندس وڏو پٽ افونسو چوٿون، پورچوگال بادشاھ ٿيو جنھن کي سندس زال ماريا فرانسسڪا، بادشاھ جي ڀاء پيڊرو (پيڊر ٻيون) سازش ذريعي پاڳل قرار ڏيارايو جنھن بعد اقتدار اصل م ان کان کسجي ويو. ان جي وفات بعد پيڊرو ٻيون، پورچوگال بادشاھ ٿيو. ان بعد سندس پٽ جان پنجون تخت تي ويٺو جنھن روايتن کان ھٽي مطلق حاڪم جي صورت اختيار ڪئي. ان بعد سندس پٽ جوزف پھريون تخت تي ويٺو. ھن پورچوگال جي سرزمين ۽ انڊيا واري ڪالونين ۾ غلامي تي بندش وڌي. بري ۽ بحري فوج جي نئين سر تنظيم سازي ڪئي، عيسائي فرقن وچ م امتيازي فرق وارا قانون منسوخ ڪيا، ۽ مالياتي معاشي سڌارا آندا، نئين ڪمپنين جو بنياد وڌو. پھرين نومبر 1755ع ۾ لزبن شھر م زلزلي ۽ ان بعد سونامي تباھي آندي جنھن سان پورو شھر ناس ٿي ويو. سال اندر شھر نئين سر تعمير ٿي ويو. 1758ع ۾ جوزف قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيو. 1762ع ۾ اسپين پورچوگال تي حملو ڪيو ۽ انھن م جنگ ڇڙي وئي جيڪا ست سال ھلي. جوزف 1777ع ۾ وفات ڪئي. سندس زال ماريه پھرين ملڪه ٿي. 1807ع م نيپولين اسپين ء فرانس تي چڙھائي ڪئي ۽ سخت جنگ بعد پورچوگال جي ماريا پھرين ملڪ جي گادي پورچوگال مان برازيل جي شھر ريئو ڊي جينرو منتقل ڪئي. نيپولين جي فوج لزبن ٻاھران پھتي. 1815 م برازيل کي بادشاھت قرار ڏنو ويو ء پورچوگال جي بادشاھت کي ان ۾ ضم ڪيو ويو ۽ ان جو نالو يونائيٽيڊ ڪنگڊم آف پورچوگال، برازيل اينڊ الگاروي رکيو ويو. ماريا جو پٽ جوئائو ڇھون تخت تي ويٺو. 1815 ۾ انگلينڊ جي مدد سان فرانس کي شڪست آئي ۽ جوئائو واپس پورچوگال منتقل ٿي سگھيو پئي پر ھن برازيل ۾ رھڻ جو فيصلو ڪيو پر پورچوگال جي شھر پورٽو ۾ 1820 ۾ لبرل انقلاب جي شروعات ٿي جنھن ڪري 1821 ۾ ھن جي واپسي جي ضرورت پيدا ٿي. ھي لزبن موٽي آيو پر پنھنجي پٽ پيڊرو (پيڊرو پھريون) کي برازيل ۾ ڇڏيو. جڏھن پورچوگال جي حڪومت برازيل جي پراڻي ڪالوني واري درجي م بحال ڪرڻ چاھيو تہ پيڊرو اتان جي اميرن سان ملي آزادي جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان بعد سسپلانٽينا (موجوده يوراگوئي) برازيل ۾ شامل آخري علائقو ھيو جنھن تي پورچوگال جي حڪومت رھي. 1825ع ۾ برازيل جي آزادي کي تسليم ڪيو ويو جنھن ۾ پيڊرو پھريون برازيل جي شھنشاھ جو لقب اختيار ڪيو. 1826ع ۾ جوئائو ڇھون وفات ڪئي ۽ پوء وراثت جو مسئلو پيدا ٿيو ڇوتہ سندس وارث اڳ ئي برازيل جو پيڊرو پھريون جي نالي سان شھنشاھ ھيو پر ان سان گڏوگڏ پيڊرو چوٿون جي نالي سان پورچوگال جو پڻ بادشاھ ٿيو. ھن پورچوگال واري بادشاھت پنھنجي ڌيءَ ماريه ٻين جي حق ۾ ترڪ ڪئي پر پيڊرو جو ڀاءُ ميگئل پھرين احتجاج ڪندي تخت جي دعويداري ڪئي ۽ 1828ع ۾ ھن اقتدار تي قبضو ڪيو. پيڊرو پورچوگال م ڌيءَ کي واپس بادشاھي ڏيارڻ ۽ آئيني بادشاهت جي قيام لاءِ گھرو ويڙھ شروع ڪرائي جيڪا 1834ع ۾ ختم ٿي. ميگئل کي شڪست آئي.ماريه ٻين ملڪ جي راڻي ٿي ۽ آئين جي بحالي جو اعلان ڪيو ويو.

آئيني بادشاهتسنواريو

مٿان کان هيٺ: لزبن ۾ شاھي قتل (1908), بادشاھ طرفان منوئيئل ٻئين جي بادشاھ طور آجيان (1908) ۽ 5 آڪٽوبر 1910 وارو انقلاب (ريپبلڪ وارو اعلان)

راڻي ماريه ٻين ۽ فرڊيننڊ ٻئين جي پٽ پيڊرو پنجين 1853 کان 1861ع تائين پورچوگال کي ھڪ جديد ملڪ ۾ تبديل ڪيو. انھن جي دؤر ۾ روڊن جي تعمير ٿي ٽيليگراف رواج م آئي ، ريلوي نظام ٺھيو ۽ پبلڪ هيلٿ نظام ۾ سڌارا آندا ويا. پيڊرو 1961ع م ڪالرا وگھي وفات ڪري ويو. خاندان جا ڪافي ڀاتي ان بيماري سبب وفات ڪري ويا. ان جو ڀاءُ لوئيس پھريون تخت تي ويٺو. پورچوگال جي ڏکڻ آمريڪا ۾ بيٺڪي نظام جي خاتمي باوجود ان جون ايشيا م گوا سميت ڪجھ ۽ آفريڪا ۾ ڪافي بيٺڪيتون قائم ھيون جن ۾ لئانڊا، بسائو، بينگئيلا، مپوتو، پورٽو ايمبوئم، موزمبيق شامل ھئا. پھرين فيبروري 1908ع تي بادشاھ ڪارلوس پهرين ۽ سندس وڏي پٽ لوئيس فلپ کي ٻن ريپبلڪ جي حامي انقلابي ڪارڪنن حملو ڪري قتل ڪري ڇڏيو. ان جي ٻئين نمبر پٽ منوئيئل ٻئين کي تخت تي ويھاريو ويو. 5 آڪٽوبر 2010 ۾ کيس انقلاب ذريعي ھٽايو ويو ۽ ملڪ مان بادشاھت جو خاتمو ٿيو ۽ ملڪ کي ريپبلڪ جو درجو ڏنو ويو. شاھي خاندان جلاوطن ٿي انگلينڊ م پناھ ورتي.

پورچوگال جي ريپبلڪسنواريو

نئين ريپبلڪ مسئلن جو شڪار رھي 15 سالن م 45 حڪومتون آيون ويون. پھرين عظيم جنگ م پورچوگال اتحادين جو ساٿي ٿيو ۽ مرڪزي طاقتن سان جنگ وڙھيو. جنگ ان جي ڪمزور معيشت کي ڏاڍو نقصان رسايو. سياسي ناپئداري ۽ معاشي ڪمزور ان نئين ريپبلڪ م بيچيني ۽ افراتفري پيدا ڪئي. 28 مئي 1926ع تي اتي فوجي انقلاب آيو ۽ اھڙي طرح ساڄي ڌر واري قومي آمريت قائم ٿي جنھن سان اڳتي ھلي 1933ع ۾ انٽونيو ڊي اوليورا سالازار جي اڳواڻي ۾ ٻين ريپبلڪ قائم ڪئي وئي. ٻين جنگ عظيم ۾ پورچوگال غيرجانبدار رھيو.

 
انٽونيو ڊي اوليورا سالازار پورچوگال جي ٻين ريپبلڪ جو 1932 کان 1968ع تائين حاڪم رھيو

1968ع ۾ مارسيلو ڪئيٽانو ملڪ جو نئون سربراھ ٿيو.

 
1975 ۾ آزادي ماڻڻ کان اڳ پورچوگيزي آفريڪا

پورچوگيزي حڪومت ۽ فوج سمنڊ پار علائقن جي خودمختياري لاء آخر تائين راضي ٿيڻ لاء تيار نہ ھئي ۽ مزاحمت پئي ڪئي. اپريل 1974ع م لزبن ۾ کاٻي ڌر واري پرامن فوجي بغاوت ٿي جنھن کي ڪارنيشن انقلاب جو نالو ڏنو ويو جنھن بعد آفريڪا جي ملڪن انگولا ۽ موزمبيق کي آزادي ملي ۽ ٻن سالن جي اندر جمھوريت کي بحال ڪيو 1975 ۾ پورچوگال جي آئين ساز اسيمبلي جون چونڊون ٿيون. 1976 ۾ پورچوگال جي ليجسليٽو اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ سوشلسٽ پارٽي کٽي آئي ۽ ان جو اڳواڻ ماريو سوئاريس وزيراعظم ٿيو جيڪو 1978 تائين ان عهدي تي رهيو ۽ وري 1983 کان 1985 تائين وزيراعظم ٿيو. ھن يورپي ايڪانامڪ ڪميونٽي ۾ شامل ٿيڻ واري مرحلي جي شروعات ڪئي.

 
ماريو سوئاريس 1976 پورچوگال جو جمھوري طريقي سان چونڊيل پھريون وزيراعظم ھيو

1986ع ۾ پورچوگال اسپين سميت يورپي ايڪانامڪ ڪميونٽي ۾ شامل ٿيو جيڪا بعد يورپي يونين ۾ تبديل ٿي وئي. 20 ڊسمبر 1989 تي پورچوگال پنھنجي آخري ڪالوني ميڪائو پرامن طريقي سان چين جي حوالي ڪئي. 26 مارچ 1995ع تي پورچوگال شينجن ايريا جي قائدن تي عملدرآمد ڪرڻ جي شروعات ڪئي. 1999 م ھي ملڪ يورو زون م شامل ٿيو. 5 جولاءِ 2004 تي ھن ملڪ جو وزيراعظم جوسي منوئيئل باروسو کي يورپي ڪميشن جي صدارت لاء نامزد ڪيو ويو.

جاگرافيسنواريو

پورچوگال جي ٽوپوگرافي ۽ انتظام

پورچوگال جي سرزمين ۾ ابيريائي اپٻيٽ جو حصو ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ واقع ٻہ ٻيٽن جا ميڙ: مدائرا ۽ ازوريس شامل آهن. مکيه زميني حصو اتر ۾ جابلو ۽ ڏکڻ م ميداني علائقن تي مشتمل آهي[45]. ان کي وچان ٽگوس ندي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿي جيڪا اسپين مان ملڪ م داخل ٿي لزبن شھر مان گذرندي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. ھن ملڪ جي سڀ کان وڏي جابلو چوٽي مائونٽ پيڪو آھي جيڪا ازوريس جي پيڪو ٻيٽ تي واقع آهي. جيڪو ھڪ قديم ٻرندڙ جبل آھي جنھن جي اونچائي 1٬991 m (6٬532 ft) آھي. ايٽلانٽڪ سمنڊ ۾ پورچوگال جي مخصوص معاشي زون جي پکيڙ 1,727,408 ڪ م2 آھي جيڪو يورپي يونين جي ملڪن ۾ ٽيون نمبر وڏو ۽ دنيا جي ملڪن ۾ 20ھون وڏو مخصوص معاشي زون آھي[46].

آبھواسنواريو

 
پورچوگال جي مکيه زميني علائقي جو ڪوپن موسمي درجابندي وارو نقشو

پورچوگال جو شمار ميڊيٽرينين آبھوا واري موسمي درجي ۾ ٿئي ٿو[47] اتر اولھ وارن مٿاھن پٽن ء جبلن واري پاسي جي موسم سامونڊي آبھوا واري آھي . ازوريس جي ڪجھ ٻيٽن جي موسم ڪجھ خشڪ ۽ ڪجھ جي گرم بياباني ۽ ڪجھ ٻيٽن جي گھميل آھي. پورچوگال جو شمار يورپ جي گرم ترين ملڪن م ٿيندو آهي. مدائرا جا ٻيٽ ٻرندڙ جبلن وارا آھن. جتي ڪڏهن ڪڏهن ھلڪي شدت وارا زلزلا ايندا رهندا آهن. وڏو زلزلو آخري ڀيرو 1956-1957 ۾ آيو. پورچوگال جو سراسري گرمي پد اترئين جابلو ۽ مٿاھين حصي ۾ 10 کان 12 سينٽي گريڊ تائين ۽ ڏاکڻي ميداني علائقي ۾ 16 کان 18 سيٽي گريڊ رھندو آھي. اونھاري ۾ ھتان جو سڀ کان وڏي ۾ وڏو گرمي پد 40 سينٽي گريڊ تائين رھندو آھي. سياري م اترئين ۽ وچين حصي وارن ضلعن م برف پوندي آهي.

سياسي نظامسنواريو

پورچوگال ۾ 1976ع جي آئين تحت نيم صدارتي نمائندگانہ جمھوريت واري ريپبلڪ آھي[48]. آئين تحت رياست جا ٿنڀا صدر، حڪومت، پارليامينٽ ۽ عدليه آھن جيڪي اختيارن م آزاد آھن[49] صدر جي چونڊ پنجن سالن لاء سڌي سنئين عوام جي ووٽن ذريعي ٿيندي آهي. پارليامينٽ ھڪ ايواني 230 رڪنن واري آھي. ھر رڪن ڊپٽي سڏيو ويندو آهي سمورا رڪن چئن سالن لاءِ چونڊيا ويندا آهن. حڪومت جو سربراھ وزيراعظم ھوندو آھي ۽ ان ۾ وزير ۽ رياست جا سيڪريٽري شامل ھوندا آھن. ڪورٽون ٽن حصن: جڊيشل، ايڊمنسٽريٽو ۽ فسڪل ۾ ورھايل آھن. وڏي ۾ وڏي عدالت پورچوگال جي سپريم ڪورٽ آھي. قانونن جي آئين حيثيت جاچڻ لاءِ ھڪ پورچوگال جي 13 رڪني آئيني ڪورٽ پڻ ڪم ڪري ٿي. پورچوگال ۾ ڪثيرالجماعتي سياسي نظام آھي پر ان م ٻہ جماعتون: سوشلسٽ پارٽي ۽ سوشلسٽ ڊيموڪريٽڪ پارٽي غالب آھن. ان کان سواءِ ٻين پارٽين ۾ پورچوگيزي ڪميونسٽ پارٽي ۽ ماحولياتي جماعت دي گرينز، ليفٽ بلاڪ ۽ پيپلز پارٽي شامل آهن جن کي ھر ڀيري 5 کان 15 سيڪڙو ووٽ ملندا آهن.

 
بيليئم محل ملڪ جو صدارتي ھائوس آھي جنھن م صدر جي آفيس ۽ رھائش واقع آهي
 
پراسا دو ڪوميئرسو واري عمارت جتي کوڙ وزيرن جون آفيسون واقع آهن

وزيراعظم ۽ ھڪ يا وڌيڪ ڊپٽي وزيراعظمن، وزيرن، رياستي سيڪريٽرين جي مقرري صدر ڪندو آهي. ملڪ جي پارليامينٽ جو نالو اسيمبلي آف ريپبلڪ آھي جيڪا لزبن شھر ۾ واقع آهي. جيڪا مکيه قانونساز ادارو آهي

پرڏيهي ناتاسنواريو

 
نيسيسداجس محل جيڪو پرڏيهي معاملن جي وزارت جي آفيس آھي
 
انتونيو گوتيخس گڏيل قومن جو ٻيون ڀيرو لاڳيتو چونڊيل سيڪريٽري جنرل پورچوگال جو اڳوڻو وزيراعظم ھيو

پورچوگال 1955ع کان وٺي گڏيل قومن جو رڪن ۽ نيٽو جو باني رڪن ۽ يورپي يونين جو 1993ع ۾ شامل ٿيندڙ رڪن آهي. 1996 ۾ ھي ملڪ ڪميونٽي آف پورچوگيزي لينگئيج ڪنٽريز جو باني رڪن ٿيو جنھن جو صدر مقام پڻ لزبن پينافيئل محل ۾ آهي. انتونيو گوتيخس 1995 کان 2002 تائين پورچوگال جي وزيراعظم رھيو ۽ پھرين جنوري 2017 تي گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل ٿيو ۽ ٻيھر جون 2021 ۾ ساڳي عھدي تي چونڊجي آيو. جي ملڪ 1983ع کان لاطيني يونين جو رڪن آهي. ھن جا مختلف ملڪن سان ٻٽي شھريت وارا دوستاڻا ناتا آھن جن م برازيل پڻ شامل آهي. ھن ملڪ جا يونائيٽيڊ ڪنگڊم سان جاري دنيا جا سڀ کان پراڻا ناتا آھن. ھن ملڪ جا ٻه بين الاقوامي تڪرار ھلندڙ آھن ۽ ٻئي اسپين سان سرحدي تڪرار اٿس. جن مان ھڪ اوليوينزا وارو تڪرار آھي جيڪو 1297ع کان وٺي پورچوگال جو حصو ھيو پر 1801ع ۾ نارنگين واري جنگ بعد باداجوز معاھدي ذريعي ان کي اسپين ۾ شامل ڪيو ويو. پورچوگال ويانا ڪانگريس ۾ ان جي واپسي جو مطالبو ڪيو پر اسپين ان کي اڄ تائين پنھنجو علائقو قرار ڏيندو پيو اچي[50]. ٻيون تڪرار سيويج ٻيٽن تي آھي جيڪي پورچوگال جي قبضي ۾ آھن. اھي ٻيٽ 1394ع م. اٽليءَ جي جھازران دريافت ڪيا ھيا ۽ جاگرافيائي طور تي پورچوگال جي مدائرا ٻيٽن جي ڀيٽ ۾ 115 ڪلوميٽرن جي فرق سان اسپين جي ڪينري ٻيٽن جي وڌيڪ ويجھو آهن. اھي ماڻھن جي ذاتي ملڪيت ھيا جن کان 1971ع ۾ پورچوگال جي حڪومت خريد ڪيا. انھن ٻيٽن جو اسپين 1911ع کان وٺي دعويدار آھي. ان تڪرار ٻنھي ملڪن ۾ سياسي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيو. ان تڪرار جو سبب انھن ٻيٽن جو ظاھري ملھ نه پر انھن ٻيٽن جي ڪري مخصوص معاشي زون جو اضافو آھي.

قانونسنواريو

 
لزبن شھر جو عدالتي ڪامپليڪس

پورچوگال جو قانوني ۽ عداتتي نظام سول لا سسٽم تي مشتمل آهي جنھن کي ڪانٽينينٽل فيملي ليگل سسٽم پڻ سڏيو ويندو آهي. اتان جي مکيه قانونن ۾ 1976ع وارو ترميميل آئين، 1966ع وارو پورچوگيزي سول ڪوڊ، 1661 وارو سول پروسيجر ڪوڊ، 1982 وارو پينل ڪوڊ، 1888 وارو ڪمرشل ڪوڊ شامل آهن. ھي دنيا جو پھريون ملڪ آھي جنھن سڀ کان پهرين 1884ع ۾ عمرقيد جي سزا کي منسوخ ڪيو ۽ انھن پھرين ملڪن ۾ شامل آھي جن موت جي سزا ختم ڪئي. ھن ملڪ ۾ قيد جي سزا جي حد 25 سالن تائين آھي. ھي دنيا جو پھريون ملڪ آھي جنھن 2001 ۾ ھيروئن، ڪوڪين، ڀنگ ھر ڄاتل منشيات جي واپرائڻ ۽ ان کي قبضي ۾ رکڻ کي ڏوھن جي زمري کان ٻاھر ڪري ڇڏيو پر ان لاء شرط اھو اھي تہ ان جي منتقلي ۽ قبضو مقدار ۾ ھڪ ماڻھو جي ڏھن ڏينھن جي استعمال کان وڌيڪَ نہ ھوندو. ان قانوني تبديلي جي ڪري ھن ملڪ تي تنقيد پڻ ڪئي وئي پر نتيجي م 16 کان 18 سالن جي عمر وارن ۾ نشي جي رجحان ۾ ڪمي ۽ ايڇ آء وي انفيڪشن جي مريضن ۾ اڌو اڌ گھٽتائي اچي وئي[51][52][53]

انتظامي ورهاستسنواريو

ضلعا[54]
# ضلعو رقبو آبادي # ضلعو رقبو آبادي
1 لزبن 2,761 km2 (1,066 sq mi) 2,250,533 10 گئارڊا 5,518 km2 (2,131 sq mi) 160,939
2 لئيريا 3,517 km2 (1,358 sq mi) 470,930 11 ڪوئيمبرا 3,947 km2 (1,524 sq mi) 430,104
3 سينتاريم 6,747 km2 (2,605 sq mi) 453,638 12 اويئرو 2,808 km2 (1,084 sq mi) 714,200
4 اسٽوبال 5,064 km2 (1,955 sq mi) 851,258 13 ويزيو 5,007 km2 (1,933 sq mi) 377,653
5 بيجا 10,225 km2 (3,948 sq mi) 152,758 14 براگانکا 6,608 km2 (2,551 sq mi) 136,252
6 فارو 4,960 km2 (1,915 sq mi) 451,006 15 ويلا ريال 4,328 km2 (1,671 sq mi) 206,661
7 ايوورا 7,393 km2 (2,854 sq mi) 166,706 16 پورتو 2,395 km2 (925 sq mi) 1,817,117
8 پورتاليگري 6,065 km2 (2,342 sq mi) 118,506 17 براگا 2,673 km2 (1,032 sq mi) 848,185
9 ڪسٽيلو برانڪو
6,675 km2 (2,577 sq mi) 196,264 18 ويانا دو ڪسٽيلو 2,255 km2 (871 sq mi) 244,836
خود مختيار علائقا
خود مختيار علائقا رقبو آبادو آبادي جو نالو
آزورس 2333 km² 246,772 Azorean
ماديعيرا 801 km² 267,785 Madeiran

حوالاسنواريو

  1. Constitution of Portugal, Preamble: "The Constituent Assembly affirms the Portuguese people's decision to defendnational independence, guarantee fundamental citizens' rights, establish the basic principles of democracy, ensure the primacy of a democratic state based on the rule of law and open up a path towards a socialist society, with respect for the will of the Portuguese people and with a view to the construction of a country that is freer, more just and more fraternal."
  2. سانچو:Pt icon Público. "Portugal tem 92.212 quilómetros quadrados, por enquanto...". Retrieved 2 July 2012. آرڪائيو ڪيا ويا 5 October 2012 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  3. "Statistics Portugal". Ine.pt. حاصل ڪيل 2 August 2017. 
  4. https://web.archive.org/web/20121127184227/http://www.ine.pt/scripts/flex_definitivos/Main.html
  5. 5.0 5.1 5.2 "Portugal". International Monetary Fund. حاصل ڪيل 10 October 2017. 
  6. Report for Selected Countries and Subjects
  7. "Gini coefficient". Portugal: PORDATA. حاصل ڪيل 8 December 2017. 
  8. "2016 Human Development Report". United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 25 March 2017. 
  9. "Reconhecimento oficial de direitos linguísticos da comunidade mirandesa (Official recognition of linguistic rights of the Mirandese community)". Centro de Linguística da Universidade de Lisboa. وقت 18 March 2002 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2 December 2015. 
  10. The Euromosaic study, Mirandese in Portugal, europa.eu – European Commission website. Retrieved January 2007. Link updated December 2015
  11. "Portugal – Origin and meaning of the name Portugal by Online Etymology Dictionary". Etymonline.com. 
  12. Winicius, Marcos. Documentos danca portuguesa. https://www.academia.edu/31989410. 
  13. David Birmingham (2003), p. 11
  14. Heale, Jay; Koh, Angeline; Schmermund, Elizabeth (15 April 2016). Portugal: Third Edition. Cavendish Square Publishing, LLC. ISBN 978-1-5026-1694-4. https://books.google.com/books?id=So1mDwAAQBAJ&q=different+celtic+tribes+in+Portugal&pg=PA63. 
  15. Devine, Darren. "Our Celtic roots lie in Spain and Portugal". Wales Online. حاصل ڪيل 11 April 2017. 
  16. "Viriathus And The Lusitanian War | UNRV.com Roman History". www.unrv.com. 
  17. Silva, Luis (30 July 2013). Viriathus: And the Lusitanian Resistance to Rome, 155–139 BC. Pen and Sword. ISBN 978-1-4738-2689-2. https://books.google.com/books?id=IY5ABAAAQBAJ&q=viriathus+celtic+lusitania+academia&pg=PT268. 
  18. Conejo, Noé (2020). "Coins and villae in late Roman Lusitania: collapse of the Roman currency economy?". Post-Classical Archaeologies 10: 219–246. http://www.postclassical.it/PCA_Vol.10_files/PCA10_Conejo.pdf. 
  19. 19.0 19.1 L. Reynolds, Robert (11 July 1957). "Reconsideration of the History of the Suevi". Revue belge de Philologie et d'Histoire 35 (1): 19–47. doi:10.3406/rbph.1957.2022. https://www.persee.fr/doc/rbph_0035-0818_1957_num_35_1_2022. 
  20. 20.0 20.1 Quiroga, Jorge López. "IN TEMPORE SUEBORUM. The time of the Suevi in Gallaecia (411-585 AD). Exhibition Catalogue (English)". Jorge LÓPEZ QUIROGA-Artemio M. MARTÍNEZ TEJERA (Coord.): IN TEMPORE SUEBORUM. The Time of the Sueves in Gallaecia (411-585 AD). The First Medieval Kingdom of the West, Ourense.. https://www.academia.edu/37321555. 
  21. Milhazes, José. Os antepassados caucasianos dos portugueses – Rádio e Televisão de Portugal in Portuguese. آرڪائيو ڪيا ويا 1 January 2016 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  22. Kéry, Lotte; Kery, Lotte (1999). Canonical Collections of the Early Middle Ages (Ca. 400-1140): A Bibliographical Guide to the Manuscripts and Literature. ISBN 978-0-8132-0918-0. https://books.google.com/books?id=qa3DReKkS_gC&q=kingdom+of+the+suebi+braga+academia&pg=PA8. 
  23. Osborne, Jason. "The development of church/state relations in the Visigothic Kingdom during the sixth century (507-601) Kingdom during the sixth century (507-60}". ir.uiowa.edu. حاصل ڪيل 11 July 2020. 
  24. Mason, Patricia E. (1979). "Social Implications of Borrowing: The Visigothic Element in Hispano-Romance". Word 30 (3): 257–272. doi:10.1080/00437956.1979.11435671. 
  25. Verlinden, Charles (11 July 1950). "David (Pierre). Études historiques sur la Galice et le Portugal du VIe au XIIe siècle". Revue belge de Philologie et d'Histoire 28 (1): 229–233. https://www.persee.fr/doc/rbph_0035-0818_1950_num_28_1_1867_t1_0229_0000_3. 
  26. Ferreiro, Alberto (1999). The Visigoths: Studies in Culture and Society. ISBN 90-04-11206-5. https://books.google.com/books?id=7QNl90qnOp8C&q=visigothic+culture+portugal+academia&pg=PR11. 
  27. Mason, Patricia E. (11 December 1979). "Social Implications of Borrowing: The Visigothic Element in Hispano-Romance". WORD 30 (3): 257–272. doi:10.1080/00437956.1979.11435671. 
  28. "Goths and Visigoths". history.com.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  29. 29.0 29.1 29.2 "Al-Andalus". Encyclopædia Britannica. حاصل ڪيل 19 March 2021. 
  30. Portugal musalman (Le) – VIIIe-XIIIe siècles par Christophe Picard – Maisonneuve et Larose – Collection Occident Musulman – 2001, 500 p. ISBN 2-7068-1398-9
  31. A History of Portugal and the Portuguese Empire, Vol. 1: From Beginnings to 1807: Portugal (Volume 1) p. 55
  32. Ribeiro, Ângelo; Hermano, José (2004) (pt ۾). História de Portugal I – A Formação do Território. QuidNovi. ISBN 989-554-106-6. 
  33. Oliveira, Leandro Vilar (2018). "A presença viking na Península Ibérica: Os Vikings em Portugal e Galiza (Hélio Pires)" (pt ۾). Scandia 1: 249–255. https://periodicos.ufpb.br/index.php/scandia/article/view/43168. 
  34. Marques, André Evangelista; Barroca, Mário; Amaral, Luís Carlos. "As incursões vikings no Norte de Portugal". Mil Anos da Incursão Normanda ao Castelo de Vermoim. pp. 143–184. ISBN 978-989-8351-97-5. 
  35. Fernandes, A. de Almeida. "O Conde Vímara Peres por A. de Almeida Fernandes". 
  36. Kruszelnicki, Karl S. "Black death". Abc.net.au. حاصل ڪيل 2 April 2019. 
  37. "The Portuguese Explorers: Newfoundland and Labrador Heritage". Heritage.nf.ca. حاصل ڪيل 31 January 2014. 
  38. سانچو:Cite DCB
  39. "Town of Portugal Cove – St.Philip's : History". Pcsp.ca. حاصل ڪيل 14 September 2015. 
  40. The standard view of historians is that Cabral was blown off course as he was navigating the currents of the South Atlantic, sighted the coast of South America, thereby accidentally discovering Brazil. However, for an alternative account of the discovery of Brazil, see History of Brazil
  41. Giles Tremlett (22 March 2007). "Another nail in Cook's coffin as map suggests he was pipped by Portugal". The Guardian. https://www.theguardian.com/world/2007/mar/22/uk.australia. 
  42. Debusmann, Bernd (15 January 2014). "Kangaroo in 400-year-old manuscript could change Australian history". Telegraph (London). https://www.telegraph.co.uk/news/worldnews/australiaandthepacific/australia/10575227/Kangaroo-in-400-year-old-manuscript-could-change-Australian-history.html. 
  43. Perry, Michael (21 March 2007). "Map proves Portuguese discovered Australia: new book". Reuters. https://www.reuters.com/article/2007/03/21/us-australia-map-idUSSYD3449720070321. 
  44. "Peña, Lorenzo. Un puente jurídico entre Iberoamérica y Europa:la Constitución española de 1812. Instituto de Filosofía del CSIC" (PDF). 
  45. Vieira, Gonçalo; Luís, Zêzere José; Mora, Carla (2018). Landscapes and Landforms of Portugal. Springer International Publishing. ISBN 978-3-319-03640-3. 
  46. Francisco, Susete. "Portugal tenta duplicar território marítimo (in Portuguese)". Diário de Notícias. حاصل ڪيل 7 December 2017. 
  47. "Climate of the World: Portugal". Weatheronline.co.uk. حاصل ڪيل 14 September 2015. 
  48. Martins, Ana (2006). "Presidential Elements in Government: The Portuguese Semi-Presidential System". European Constitutional Law Review 2: 81–100. doi:10.1017/S1574019606000812. https://heinonline.org/HOL/Page?handle=hein.journals/euroclv2&id=81&div=&collection=. 
  49. "Constituição da República Portuguesa – D.R.E. (Constitution of the Portuguese Republic)" (ٻولي ۾ Portuguese). Diário da República Electrónico. وقت 21 December 2008 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 16 August 2013.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  50. "Portugal & Spain – the territorial disputes of Olivenza and the Savage Islands (Part II) – OneEurope", One-europe.net, وقت 29 September 2017 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 29 September 2017  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  51. Brian Vastag 5 Years After: Portugal's Drug Decriminalization Policy Shows Positive Results. Scientific American. 7 April 2009
  52. Maia Szalavitz, Drugs in Portugal: Did Decriminalization Work?, Time (26 April 2009)
  53. Greenwald, Glenn. "Drug Decriminalization in Portugal: Lessons for Creating Fair and Successful Drug Policies" (PDF). Cato Institute. حاصل ڪيل 14 February 2015. 
  54. "Districts of Portugal".