انڊونيشيا

ڏکڻ اوڀر ايشيا جو هڪ ملڪ

انڊونيشيا (انگريزي ٻولي: Indonesia) هن ملڪ جو سرڪاري نالو جمهوريه -انڊونيشيا- (Republic of Indonesia) آهي، جنهن جو پراڻو نالو نوسانتارا هو. انڊين اوشين (هندي سمنڊ) جي نسبت سان کيس -انڊونيشيا- چيو ويو.

ريپبلڪ آف انڊونيشيا

Republik Indonesia  (ٻولي؟)
Flag of Indonesia
{{{coat_alt}}}
جھنڊو قومي نشان
شُعار: Bhinneka Tunggal Ika (Old Javanese)
(English: "Unity in Diversity")
'
National ideology:
Pancasila[1][2]
ترانو: Indonesia Raya
(English: "Great Indonesia")

سائي رنگ ۾ ڏيکاريل انڊونيشيا جي اختيار وارا علائقا
سائي رنگ ۾ ڏيکاريل انڊونيشيا جي اختيار وارا علائقا
گادي جو هنڌ جڪارتہ
6°10.5′S 106°49.7′E / 6.1750°S 106.8283°E / -6.1750; 106.8283
سڀ کان وڏو شهر جڪارتہ
سرڪاري ٻولي
قومي ٻولي
انڊونيشيائي ٻوليون
تسليم شده ٻوليون
نسلي گروھ (2010) جاونائي 40.22%
سندنائي 15.5%
and باقي ٻيا نسلي گروهه 44.28%[4]
مذهب (2010)
مقامي آبادي انڊونيشين
حڪومت يونيٽري پريزيڊينشل آئيني ريپبلڪ
• صدر
جوڪو ودودو
• وائيس پريزيڊنٽ
جوڏف ڪلا
• اسپيڪر آف پيپلز ريپرزنٽيٽو ڪائونسل
بامبنگ سوئيستايو
• اسپيڪر ريجنل ريپرزنٽيٽو ڪائونسل
عثمان سپاٽا اوڊنگ
• چيف جسٽس آف انڊونيشيا
محمد حطا علي
مقننه پيپلز ڪنسلٽيٽو اسيمبلي (MPR)
ريجنل ريپرزنٽيٽو ڪائونسل (DPD)
پيپلز ريپريزنٽيٽو ڪائونسل (DPR)
انڊونيشيا جي تاريخ
2nd century
13th century
20 March 1602
1 January 1800
9 March 1942
17 August 1945
27 December 1949
17 August 1950
پکيڙ
[اوزا تبديل: invalid number] (14th)
4.85
آبادي
• اندازو
261,115,456[7]
• مردم شماري
237
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
• في سيڪڙو
$13,120[8] (96th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$1.092 trillion[8] (16th)

تعارف سنواريو

هي ڏکڻ اوڀر ايشيا جو اسلامي ملڪ آهي. هن جي اتر ۾ ملائيشيا، ملاڪا سامونڊي لنگهه، ڏکڻ ۾ چيني سمنڊ، سليبيز سمنڊ، فلپائن، اولهه ۾ پئسِفڪ سمنڊ، -اوڀر- ۾ پاپو آنيوگي ۽ آرافورا سمنڊ، ڏکڻ اولهه ۾ هندي سمنڊ ۽ -اتر- اولهه ۾ انڊيمان سمنڊ آهن. -انڊونيشيا- 13677 ٻيٽن تي ٻڌل ٻيٽن جو ڳٽڪو آهي. جيڪي -اوڀر- کان اولهه تائين 5150 ڪلوميٽر (3200 چورس ميل) جي ڊيگھه ۽ -اتر- کان ڏکڻ تائين 1930 ڪلوميٽرن (1200 ميل) جي ويڪر ۾ پکڙيل آهن. انهن ٻيٽن جي پکيڙ آسٽريليا جي اتر تائين آهي. ملڪ جو اڌ حصو جابلو آهي، 65 سيڪڙو ايراضي ساوڪ ڀريل ٻيلن سان ڍڪيل آهي. -انڊونيشيا- جي ڪل پکيڙ 1906200 چورس ڪلوميٽر (735800 چورس ميل) ۽ آبادي 22 ڪروڙ آهي. -انڊونيشيا- جي گاديءَ جو هنڌ جڪارتا (Jakarta) آهي ۽ سڀ کان مٿانهون هنڌ يونيڪ جايا (بلندي 5030 ميٽر) آهي. هتان جي سرڪاري -ٻولي- انڊونيشي آهي، جڏهن ته ملائي، جاوائي ۽ باتڪ پڻ ڳالهائجن ٿيون. هن ملڪ جي موسم خط استوا جي ويجھو هئڻ ۽ خط سرطان ۽ خط جري جي وچ ۾ هئڻ ڪري گرم هوندي آهي. هتي -برسات- گھڻي پوندي آهي. -انڊونيشيا- جي مکيه زرعي پيداوار، چانور، مڪئي، پٽاٽا، ناريل، ڪمند، رٻڙ، کجور، کؤنر، گجر، چانهه، ڪافي ۽ مصالحا آهن. مکيه صنعتن ۾ ٽيڪسٽائيل، ڪاغذ، سيمنٽ، گاڏيون، سائيڪلون، ٽائر، رٻڙ جون شيون، پيٽروليم جون شيون، پلاءِ ووڊ اچي وڃن ٿيون. هتي جي مکيه معدنيات ۾ -تيل-، قدرتي گئس، -ٽامو-، نڪل، ايلومينم، قلعي، ڪوئلو، باڪسائيٽ، مينگانيز، -تيزاب-، ڪروميم، -ٽين- ۽ چاندي شامل آهن.

تاريخ سنواريو

انڊونيشيا جي -تاريخ-، -تاريخ- کان به اڳ جي آهي. عام انسانيات جي ماهرن جو خيال آهي ته بندري قد ۽ وارو قديم انساني نسل هتي -آباد- هو. -جاوا- مان نڪتل 5 لک سال پراڻا انساني ڍانچا مليا آهن. -پٿر- جي زماني ۾ هتي ڪاري نسل جا بندرا ماڻهو -آباد- ٿيا. -جن- جو مذهب مظاهر پرستي هو ۽ جيڪي وحشي قبيلن واري جيوت گذاريندا هئا ۽ اڄ به جابلو علائقن جي اندروني حصن ۾ -آباد- آهن. هتي ستين ۽ اٺين صديءَ ۾ دلينڊرا ۽ سري وجايا نالي وڏيون سلطنتون قائم ٿيون. يارهين صديءَ ۾ ڪيدري سلطنت جو اوج ٿيو. -ان- زماني ۾ هتي مسلمان واپاري -اسلام- جي روشني کڻي آيا. عرب ۽ هندوستاني واپارين سماترا ٻيٽ ۾ سڀ کان اڳ ۾ -اسلام- جي تبليغ ڪئي. -ٻي عالمي جنگ- دؤران 1942ع ۾ جاپان -انڊونيشيا- تي قبضو ڪيو، جنهن سان ولنديزي اقتدار جي خاتمي جي راهه هموار ٿي. 12 مارچ 1966ع تي آرمي چيف جنرل سوهارتو صدارت تي قابض ٿي سوئيڪارنو کي تاحيات صدر ۽ وزيراعظم جي عهدي -تان- لاهي نظر -بند- ڪيو هو. انهيءَ حالت ۾ سوئيڪارنو 21 جون 1970ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. -انڊونيشيا- جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 27 ڊسمبر 1949ع آهي ۽ گڏيل قومن جي اداري (UNO) جي ميمبرشپ 28 سيپٽمبر 1950ع کان اٿس. سنڌ جا سنڌ ورڪي واپاري -جاوا- ۽ سوماترا تائين وڃي ڪمائي شاهوڪار ٿيندا هئا، -ان- حوالي سان سنڌيءَ ۾ عيش ڪرڻ لاءِ ”-جاوا- ڪرڻ“ جو اصطلاح موجود آهي.[11]

حوالا سنواريو

  1. "Pancasila". U.S. Library of Congress. وقت 5 February 2017 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 5 February 2017. 
  2. Vickers 2005117.
  3. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named ethnologu
  4. Na'im, Akhsan; Syaputra, Hendry. "Nationality, Ethnicity, Religion, and Languages of Indonesians" (PDF) (ٻولي ۾ Indonesian). Statistics Indonesia. وقت 23 September 2015 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل (PDF). حاصل ڪيل 23 September 2015. 
  5. "2010 Census: Population by Region and Religion". Statistics Indonesia. حاصل ڪيل 20 November 2011. 
  6. "UN Statistics" (PDF). United Nations. وقت 31 October 2007 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل (PDF). حاصل ڪيل 31 October 2007. 
  7. "World Population Prospects: The 2017 Revision". ESA.UN.org (custom data acquired via website). United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division. حاصل ڪيل 10 September 2017. 
  8. 8.0 8.1 8.2 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named imf18
  9. "GINI Ratio Indonesia Declines: Economic Inequality Narrows". Indonesia Investments. وقت 27 June 2017 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 27 June 2017. 
  10. "Human Development Report 2016: Human Development for Everyone" (PDF). United Nations Development Programme. وقت 18 July 2017 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل (PDF). حاصل ڪيل 18 July 2017. 
  11. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=انڊونيشيا