وڪيپيڊيا:چونڊ ڏينهن/آگسٽ 6
- 1799ع – رنجيت سنگھ لاهور تي قبضو ڪري ورتو.
- 1928ع – سنڌ خلافت ڪاميٽي سڀني خلافتي اڳواڻن کي هدايت جاري ڪئي ته اهي لوڪل چونڊن ۾ حصو نه وٺن.
- 1945ع – ٻين مھاڀاري جنگ ۾ جپان جي شهر هيروشيما تي ائٽم بم ڪيرايو ويو.
- 1955ع – ميجر جنرل اسڪندر مرزا کي پاڪستان جو وقتي گورنر جنرل مقرر ڪيو ويو.
- 1967ع – حيدرآباد ضلعو تيز برسات ۽ ٻوڏ سبب سخت متاثر ٿيو. جنهن ڪري حڪومت کي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻي پئي.
- 1984ع – هندوستاني مغوي مسافر جهاز جي لاهور هوائي اڏي تي لاٿو ويو، اغوا ڪندڙن اڪالي دل تنظيم جي اڳواڻن جي رهائي جو مطالبو ڪيو.
- 1990ع – صدر پاڪستان غلام اسحاق خان، بينظير ڀٽو (تصوير) جي حڪومت کي برطرف ڪري ڇڏيو. غلام مصطفي جتوئي نگران وزيراعظم مقرر ٿيو.