يحييٰ خان

پاڪستان جو ٽيون صدر

يحييٰ خان
(اردو ۾: آغا محمد یحیی خان خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم 4 فيبروري 1917 [1][2][3][4]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
چڪوال   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 10 آگسٽ 1980 (63 سال)[1][2][3]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
راولپنڊي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
مدفن پشاور   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام دفن (P119) وڪي ڊيٽا تي
شھريت پاڪستان
برطانوي راڄ   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
مناصب
پاڪستان جو صدر   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو position held (P39) وڪي ڊيٽا تي
عهدو جو مدت
25 مارچ 1969  – 20 ڊسمبر 1971 
محمد ايوب خان  
ذوالفقار علي ڀٽو  
بچاءُ جو وزير (پاڪستان)   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو position held (P39) وڪي ڊيٽا تي
عهدو جو مدت
5 اپريل 1969  – 20 ڊسمبر 1971 
 
ذوالفقار علي ڀٽو  
وزير خارجه   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو position held (P39) وڪي ڊيٽا تي
عهدو جو مدت
5 اپريل 1969  – 20 ڊسمبر 1971 
 
ذوالفقار علي ڀٽو  
عملي زندگي
مادر علمي پنجاب یونیورسٽي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مادر علمي (P69) وڪي ڊيٽا تي
پيشو سفير ،سياستدان   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
مادري ٻولي اردو   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو native language (P103) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي اردو   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
عسڪري خدمتون
عهدو جنرل آفيسر   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو military or police rank (P410) وڪي ڊيٽا تي
لڙائيون ۽ جنگيون ٻين مھاڀاري جنگ   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو conflict (P607) وڪي ڊيٽا تي

پاڪستان جو اڳوڻو ڪمانڊر ان چيف آغا محمد يحييٰ خان، 1917ع ۾ ڄائو. هن 1938ع ۾ فوج ۾ ڪميشن حاصل ڪئي. مختلف عهدن تي رهڻ کان پوءِ کيس اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا ۾ انسٽرڪٽر مقرر ڪيو ويو.

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سندس ڪئريئر جنرل محمد ايوب خان جي عملي سرپرستيءَ ۾ تيزيءَ سان ترقي ڪندو رهيو، تان جو 1957ع ۾ کيس ميجر جنرل جي عهدي سان گڏ چيف آف آرمي اسٽاف جو عهدو به ڏنو ويو. آڪٽوبر 1958ع ۾ ايوبي مارشل لا جو مُک مُهرو به هيءُ ئي هو. جنوري 1959ع ۾ صدر ايوب خان ڪراچيءَ جي ناسازگار حالتن کي ڏسندي نئين گاديءَ جي هنڌ بنائڻ لاءِ هڪ ڪميشن ٺاهي ۽ يحييٰ خان اُن جو چيئرمئن ٿيو، جنهن راولپنڊيءَ سان لاڳو هڪ علائقي کي "اسلام آباد" جو نالو ڏئي گاديءَ جي هنڌ لاءِ چونڊيو ۽ ان شهر جي انتظام کي هلائڻ لاءِ هڪ مستقل ادارو ڪئپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (C.D.A) جي نالي سان وجود ۾ آيو، جنهن جو پهريون چيئرمئن به يحييٰ خان هو.

سيٽمبر 1965ع جي جنگ ۾ کيس "هلال جرات" جو اعزاز ڏئي، پوءِ سيپٽمبر 1966ع ۾ جنرل موسيٰ جي جاءِ تي پاڪستاني فوج جو ڪمانڊر۔ان۔چيف بنايو ويو. اڍائي سالن کان پوءِ جڏهن 1968ع ۾ ايوب خان جي خلاف ملڪ جي هر حصي ۾ مظاهرا شروع ٿيا ته يحييٰ خان، ايوب خان کي صدارتي عهدي کان الڳ ٿيڻ تي مجبور ڪيو ۽ پاڻ صدر مملڪت ۽ چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر بنجي ويهي رهيو. سندس سنڌ سان نسبت جو وڏو حوالو اهو آهي ته 1 جولاءِ 1971ع تي ون يونٽ ٽوڙڻ جو اعلان به يحييٰ خان ڪيو هو. جنهن بعد سنڌ ايوبي دور کان پوءِ هڪ ڀيرو وري پاڪستان ۽ دنيا جي نقشي تي نمودار ٿي.

هن جي دؤر ۾ ملڪ جون حالتون تمام خراب ٿي ويون. 16 ڊسمبر 1971ع تي اوڀر پاڪستان بنگلاديش بنجي ويو. هڪ پاسي ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٻئي طرف شيخ مجيب الرحمان ليڊر ٿيا. صورتحال نازڪ ٿي وڃڻ سبب يحييٰ خان کي استعيفا ڏيڻ تي مجبور ڪيو ويو. 20 ڊسمبر 1971ع تي جنرل يحييٰ خان صدارت ۽ چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر جي عهدن تان استعيفا ڏني ۽ اهي ٻئي عهدا ذوالفقار علي ڀٽي صاحب سنڀاليا. 8 جنوري 1972ع تي يحييٰ خان کي نظربند ڪري، سندس خواهش تي کيس لنڊن روانو ڪيو ويو. 9 آگسٽ 1980ع تي وفات ڪري ويو.[5]

  1. 1.0 1.1 Encyclopædia Britannica Online ID: https://www.britannica.com/biography/Agha-Mohammad-Yahya-Khan — subject named as: Yahya Khan — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — عنوان : Encyclopædia Britannica
  2. 2.0 2.1 SNAC ARK ID: https://snaccooperative.org/ark:/99166/w66471bm — subject named as: Yahya Khan — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  3. 3.0 3.1 Find a Grave memorial ID: https://www.findagrave.com/memorial/48002962 — subject named as: Agha Muhammed Yahya Khan — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  4. Munzinger person ID: https://www.munzinger.de/search/go/document.jsp?id=00000012314 — subject named as: Aga Muhammad Jahja Khan — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  5. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=آغا%20محمد%20يحييٰ%20خان