ڪشمير جي رهڻ وارن کي ڪشميري چيو ويندو آهي۔ انهن جو تعلق ڀارت ۽ پاڪستان ٻنهي حصن جي ڪشمير سان ٿي سگهي ٿو۔ ان کان علاوہ اهڙا ماڻهو جيڪي سوين سالن کان پنجاب ۽ ٻين علائقن ۾ آباد آهن پر انهن جا وڏا ڪشمير کان هيا انهن کي به ڪشميري چيو ويندو آهي۔ پنجاب ۾ هنن کي هڪ ذات جي طور سمجهيو ويندو آهي۔