گڏيل مفادن واري ڪائونسل

'گڏيل مفادن واري ڪائونسل يا سي سي آءِ پاڪستان جو ھڪ آئيني ادارو آھي جنھن جو جو مقصد وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ اختيارن ۽ ٻين معاملات تي جاري اختلافم کي ختم ڪرڻ آھي۔ گڏيل مفادن ڪائونسل کي 1973ء جي آئين جي روشني ۾ قائم ڪيو ويو آھي۔ مشرف ۽ زرداری دور ۾ ھي ڪيبنيٽ ڊويزن جي ماتحت ادارو ھو۔ پاڪستان جي آئين ۾ ارڙھين ترميم کان بعد ھي ادارو وزارتِ بين الصوبائي ھم آھنگي کي سونپيو ويو آھي۔ سي سي آءِ بنيادي طور تي وزيراعظم پاڪستان ۽ چئن صوبائي وڏن وزيرن تي مشتمل ھوندو آھي۔

ارڙھين آئيني ترميم کان بعد ھي ضروري قرار ڏنو ويو آھي تہ ٽن مھينن ۾ ھڪ ڀيرو ضرور گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گھرايو وڃي۔

پڻ ڏسو

سنواريو