تاشقند اعلان

ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ امن معاھدو

پاڪستانڀارت ۾ لڳندڙ 1965ع واري -جنگ- سترهن ڏينهن کان پوءِ 23 سيپٽمبر 1965ع تي -بند- ٿي. وقتي مسئلن جي حل لاءِ ٻنهي ملڪن، روس جي دعوت تي، -ازبڪستان- جي مرڪز -تاشقند- ۾، 4 -جنوري- کان 10 -جنوري- 1966ع تائين ڳالهيون ڪيون، جنهن ۾ ڪي روسي اڳواڻ به شريڪ هئا. ڳالهين کان پوءِ پڌرنامو -جاري- ٿيو، جنهن کي ”اعلان تاشقند“ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ اعلان تي -پاڪستان- طرفان صدر جنرل محمد -ايوب خان- ۽ ڀارت طرفان وزيراعظم لال -بهادر- شاستريءَ صحيحون ڪيون هيون. انهيءَ تاريخي تقريب ۾ -پاڪستان- جو پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽو، ڀارتي پرڏيهي وزير ”سورن سنگهه“، ڀارتي گهرو وزير ”چرن سنگهه“، روسي وزيراعظم ”ڪوسيجن“ ۽ روسي وزيرخارجه ”گروميڪو“ به موجود هئا. ”اعلان تاشقند“ ۾ ڪيل فيصلن مان مکيه هيٺيان هئا: (1) ٻنهي ملڪن ۾ خوشگوار تعلقات پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوششون -جاري- رکيون وينديون. (2) ٻنهي ملڪن جون فوجون، 25 فيبوري 1966ع تائين واپس پنهنجن علائقن ۾ هليون وينديون. (3) -جنگ- بنديءَ جي حد تي بمباري -بند- رکڻ جي شرطن جي پابند ڪئي ويندي. (4) ٻئي ملڪ هڪٻئي جي اندروني معاملن ۾ دخل اندازي نه ڪندا. (5) ٻنهي ملڪن جون حڪومتون سفارتي رابطن ۾ ”ويانا ڪنوينشن 1961ع“ جي فيصلن جي پابندي ڪنديون. (6) ٻئي ملڪ اقتصادي ۽ واپاري رابطن، ثقافتي ڏي وٺ ۽ -اچ- وڃ جي ذريعن جي بحاليءَ لاءِ تدبيرون ڪندا. (7) -جنگ- ۾، قيد ٿيل جنگي قيدين جي -آزادي- ۽ ضبط ٿيل ملڪيتن جي واپسي ڪئي ويندي.[1]

حوالا سنواريو