عَمان

اردن (جارڊن) جي راڄڌاني
(عمان کان چوريل)
سلطنت عمان سان ڀل نہ کائو.

عمان (عربي ٻولي: عَمّان pronounced [ʕam:a:n]، انگريزي ٻولي: Amman؛ English pronunciation: /ɑːˈmɑːn/) اردن مُلڪ جي گاديءَ جو هنڌ ۽ ان جو سڀ کان وڏو شهر هئڻ سميت مُلڪ جو اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي مرڪز پڻ آهي.[5] اُتر وِچُ اولهه اردن ۾ واقع عمان شهر حڪومت جو انتظامي مرڪز آهي. شهر جي آبادي 40,07,526 ۽ پکيڙ 1،680 چئورس ڪلوميٽر (648.7 چورس ميل) آهي.[6] اڄ ڪلهه عمان شهر کي جديد ترين عرب شهرن منجهان هِڪُ سمجيو وڃِي ٿو.[7] هي علائقو (خِطو) خاص طور تي عرب ۽ يورپي سياحن جي لاءِ هڪ اهم سياحتي مقام آهي.[8]

عمان
عَمّان
شهر
عمان شهر، ساڄي کان کاٻي ۽ مٿان کان هيٺ: عبدلي منصوبو عمان جي اسڪاءِ لائن تي غالب، معبد هرقل جبل القلعو تي، شاهہ عبدالله اول مسجد ۽ رغدان علم چوب، عبدون پل، اموي محل، عثماني حجاز ريلوي اسٽيشن ۽ رومي ٿيٽر.
عمان شهر، ساڄي کان کاٻي ۽ مٿان کان هيٺ: عبدلي منصوبو عمان جي اسڪاءِ لائن تي غالب، معبد هرقل جبل القلعو تي، شاهہ عبدالله اول مسجد ۽ رغدان علم چوب، عبدون پل، اموي محل، عثماني حجاز ريلوي اسٽيشن ۽ رومي ٿيٽر.
عمان
مھر
عمان is located in Jordan
عمان
عمان
عمان is located in Arab world
عمان
عمان
عمان is located in Asia
عمان
عمان
جاگرافي بيهڪ: 31°56′59″N 35°55′58″E / 31.94972°N 35.93278°E / 31.94972; 35.93278مڪانيت: 31°56′59″N 35°55′58″E / 31.94972°N 35.93278°E / 31.94972; 35.93278
ملڪ  اردن
اردن جا حاڪم عمان شهر جا حاڪم
قيام 7250 ق م
ميونسپالٽي 1909
حڪومت
 • ميئر يوسف الشواربہ[1][2]
پکيڙ
 • ڪل 1,680 ڪ.م2 (650 ميل2)
بلند ترین  پیمائش 1,100 ميل (3,600 ft)
گھٽ ترین  پیمائش 700 ميل (2,300 ft)
آبادي (2016)
 • ڪل 4,007,526

عمان ۾ آباديءَ جون ابتدائي شاهديون نئون پٿر جو دؤر (Neolithic) جي مقام عين غزال وٽان مليون آهن جِتي آڳاٽا ترين 7250 ق.م وارا انساني ڍانچا لَڌا ويا آهن. لوهه واري زماني ۾ شهر کي عمون سڏيو ويندو هيو جيڪو مملڪت عمون جي گاديءَ جو هنڌ هُيو. رومي دور ۾ ان جو نالو فلاڊيلفيا هيو ۽ پوءِ اسلامي دور ۾ انکي عمان نالو ڏنو ويو. وچون دور ۽ وچون دور کانپوءِ هي هڪ غير آباد شهر هُيو. جديد عمان جي تاريخ اُڻويهين صديءَ ۾ آديگي تارڪين وطن جي عثماني سلطنت پاران اُتان سال 1867ع ۾ آباد ڪاري سان شروع ٿي هئي. پهريون بلدياتي ڪائونسل جو قيام سال 1909ع ۾ عمل ۾ آيو.[9] سال 1921ع ۾ اردن جي گاديءَ جو هنڌ بڻجڻ کانپوءِ عمان تيزيءَ سان ترقي ڪئي. شهر ۾ پناهگيرن جي لڳاتار لڏپلاڻ وارين لهرن کي پڻ سهارو ڏنو جنهن ۾ سال 1948ع ۽ 1967ع ۾ فلسطين کان، سال 1990ع ۽ 2003ع ۾ عراق کان ۽ سال 2011ع کانپوءِ شام جا پناهگير شامل آهن.

شروعات ۾ هي شهر ست ٽَڪرين تي آباد ٿيو ۽ هاڻي هي 19 ٽَڪِرِين تي پکڙجي چُڪو آهي. هن شهر جا 27 ضلعا آهن،[9] جيڪي عمان ميونسپالٽي جي انتظام هيٺ آهن ۽ ان جو هاڻوڪو ميئر يوسف الشواربہ آهي.[10] عمان جي علائقن جا نالا ٽَڪرين ۽ وادين جي نالي تي آن جتي اهي واقع آه مثلاً وادي عبدون ۾ واقع عبدون پاڙو.[9] آُڀرندو عمان بنيادي طور تاريخي ماڳن سان ڀريل آهي جيڪو اڪثر ثقافتي سرگرمين جي ميزباني ڪري ٿو، جڏهن تہ اولهندو عمان گهڻوئي جديد ۽ شهر جو اقتصادي مرڪز آهي.[11]

تقریبن ٻه ملين سیاح سال 2014ع ۾ عمان پهتا، جيڪي ان شهر کي دنيا جو 93ھون ۽ عرب دنيا جو پنجون سڀ کان وڌيڪ گُهميو ويندڙ شهر بڻائي ٿو.[12] عمان جي معيشت هڪ نسبتن تيزي سان وَڌَندَڙَ معيشت آهي[13] ۽ عالمي شهر جي انڊيڪس ۾ ان کي بيٽا شهر جو درجو ڏنو ويو آهي.[14] ان کان سواءِ ان کي اقتصادي، مزدور، ماحولياتي، سماجي ۽ ثقافتي عنصرن مطابق مڊل ايسٽ ۽ اتر آفريڪا جي ڀَلَن شهرن منجهان هڪ جو درجو حاصل آهي.[15] هي شهر عرب دنيا ۾ ملٽي نيشنل ڪارپوريشننز جي قيام لاءِ دوحا سان گڏ مقبول ترين ماڳن منجهان آهي ۽ ان معاملي ۾ هي رُڳو دبئي کان پُٺتي پيل آهي. اهو سمجهيو وڃِي ٿو تہ اِيندڙ 10 سالن ۾ هي ٽِي شهري علائقا ملٽي نيشنل ڪارپوريشنز جي گهڻي ئي سرگرمين جا مرڪز بڻجي ويندا.[16]

اشتقاقيات سنواريو

چترشالا سنواريو

رانديون سنواريو

 
اردن ريلي

خارجي ڳنڍڻا سنواريو

  Amman سفري راهنما منجانب وڪي سفر Wikivoyage

حوالا سنواريو

  1. "New Amman mayor pledges ‘fair and responsible’ governance". jodantimes.com. حاصل ڪيل 2018-10-23. 
  2. "New Member: Yousef Al-Shawarbeh – Amman, Jordan". globalparliamentofmayors.org. حاصل ڪيل 29 December 2018. 
  3. Trent Holden, Anna Metcalfe (2009). The Cities Book: A Journey Through the Best Cities in the World. Lonely Planet Publications. p. 36. ISBN 978-1-74179-887-6. https://books.google.com/books?id=wGCGLEO-Vs8C&pg=PA36. 
  4. "Amman's Street Food". BeAmman.com. BeAmman.com. وقت 2015-09-26 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2015-09-26. 
  5. "Revealed: the 20 cities UAE residents visit most". Arabian Business Publishing Ltd. حاصل ڪيل 2015-09-21. 
  6. "Population stands at around 9.5 million, including 2.9 million guests". The Jordan Times (دي جارڊن نيوز). 2016-01-22. http://www.jordantimes.com/news/local/population-stands-around-95-million-including-29-million-guests. Retrieved 2016-01-22. 
  7. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Rt.com
  8. "Number of tourists dropped by 14% in 2013 — official report". دي جارڊن ٽائمز (The Jordan News). 2014-02-08. http://www.jordantimes.com/news/local/number-tourists-dropped-14-2013-—-official-report. Retrieved 2015-09-21. 
  9. 9.0 9.1 9.2 Michael Dumper; Bruce E. Stanley (2007). Cities of the Middle East and North Africa: A Historical Encyclopedia. ABC-CLIO. p. 35. ISBN 978-1-57607-919-5. https://books.google.com/books?id=3SapTk5iGDkC&pg=PA35. 
  10. "Aqel Biltaji appointed as Amman mayor". The Jordan Times (The Jordan News). 2013-09-08. http://www.jordantimes.com/news/local/aqel-biltaji-appointed-amman-mayor. Retrieved 2015-09-21. 
  11. "West Amman furnished apartments cashing in on tour". The Jordan Times. The Jordan News. حاصل ڪيل 2015-09-21. 
  12. "Top 100 International Tourist Destination Cities by Country" (PDF). Euromonitor. Euromonitor/. حاصل ڪيل 2015-10-05. 
  13. "How a Startup from the Arab World Grabs 1B Views on YouTube". Forbes. Forbes. حاصل ڪيل 2015-09-29. 
  14. "The World According to GaWC 2012". GaWC. حاصل ڪيل 2015-09-21. 
  15. IANS/WAM (2010-11-26). "Abu Dhab duke City' in MENA region". sify news. http://sify.com/news/abu-dhabi-voted-best-city-in-mena-region-news-international-kl0wuhjcbdc.html. Retrieved 2015-09-22. 
  16. "Dunia Frontier Consultants » Doha, Amman Favored by MNCs as New Regional Hubs". Duniafrontier.com. حاصل ڪيل 2012-11-28.