سنڌي راندين جي فهرست

سنڌ جون رانديون (انگريزي ٻولي: List of Sports & games in Sindh) [1][2] سنڌو ماٿريءَ جي تھذيب ۾ اڻ کُٽ عوامي رانديون آهن، جيڪي ننڍپڻ ۾ ٻارڙا وندر لاءِ کيڏندا آھن ۽ وڏا پڻ اھي رانديون جيڪي وڏن لاءِ ھجن اھي کيڏن ٿا. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڏن ۽ ننڍن سميت ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي وندر لاءِ طرحين طرحين قسمن جون رانديون کيڏيون وڃن ٿيون.[3] رانديون گهڻو ڪري، هر موسم ۾ کيڏيون وڃن ٿيون تنهن هوندي به سياري ۾ راندين جي ڌم مچيو وڃي ٿي. ننڍن ڳوٺن کان وٺي وڏن شهرن تائين، گهرن، گهٽين ۽ رستن تي رانديون ئي نظر اينديون. اِٽي ڏڪر، گولين راند، لاٽو، لغڙ اُڏائڻ ۾ ننڍا توڙي وڏا حصو وٺندا آهن. بهار جي مُند ۾ ”چور پوليس“ راند جو واڌارو ٿئي ٿو ۽ اونهاري ۾ انهن راندين جي حيثيت بدلجيو وڃي. ڇوڪرا گهڻو ڪري ”سٽ ڪّٽ“، ”کيروٽي“ ۽ ”ليٽ ڪبوتر“ کيڏن ٿا. [4] اونهاري جي موسم ۾ ڇوڪرين جون رانديون پينگهه ۽ چيڪلو آهن. ڪي رانديون مثال لڪ لڪوٽي ۽ ڦر ڦر سؤنٽو، ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏ يا الڳ ٽوليون ٺاهي کيڏندا آهن. ڏاڪ چمي ۽ ڏائي رانديون به خاص رانديون آهن. سنڌ جون هي سڀ مختلف قسمن جون رانديون نه رُڳو ٻارن جي وندُر لاءِ آهن، پر اھي کيڏڻ سان سندن صحت لاءِ بہ ڪارائتا اثر ڇڏينديون آھن. جڏھن تہ وڏن جون رانديون الڳ قسمن جون هونديون آهن، اُنھين ۾ ملھ، ٻيلهاڙو، ڪوڏي ڪوڏي شامل آھن. [5]

سنڌ جي راندين جي هيٺ ڏنل فهرست ترتيب ڏني وئي آهي

ارچڪ مرچڪ سنواريو

  • ارچڪ مرچڪ، چيچمڪڙو، گل گلولي، رانديون ٻار خاص طور کيڏندا آهن. هنن راندين جا ٻول به نهايت دلچسپ هوندا آهن. انهن مان چند چند هي آهن:

”ارچڪ مرچڪ“ راند جا ٻول هن ريت هي آهي: ارچڪ مرچڪ ڌاڻا ڌرچڪ آنگ پٽيهر ٽويو ٽيهر نانگڻ جوڳڻ کارا کٽي پئي ڇٽي.

اس ۽ ڇانو راند سنواريو

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو اس ۽ ڇانو راند

ٻارن جي راند، هيءَ راند به ڇوڪريون جدا به ڪن، ته ڇوڪرن سان گڏجي به کيڏن، ڏينهن جو شام جي مهل هوندي ته اُس ۽ ڇانوَ راند ۾ ٻيئي ڪم آڻين.

اکر ۽ ڀوري راند سنواريو

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو اکر ۽ ڀوري راند

ٺڪرين پٿرين ماچيسن وغيره سان هيءُ راند ڪن. هڪڙو سڪي کي آڱر ۽ -آڱوٺي- جي نُونهيءَ تي رکي ڦيري ڏئي اُڇليندو. ٻئي راند رهندڙ کان پڇندو ”تنهنجي اکر يا ڀوري

اڪي ٻَڌي راند سنواريو

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو اڪي ٻڌي راند

اڪي ٻڌيءَ راند: ڪي -ٻار- وڃي چيچڪا، ٿڌڙا ۽ ککڙيون ميڙي چونڊي پاڻ وٽ گڏ ڪندا، پوءِ هڪ ڄڻو مُٺ ڀري چوندو: ”اِڪي ڪي ٻڌي؟“ پوءِ ٻي ڇوڪري چيو: ”اِڪي“

اسڙي ڇانئڙي سنواريو

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو اسڙي ڇانئڙي

هيءَ ٻاراڻي راند آهي، جيڪا اونهاري جي سهاين راتين ۾ رچائي ويندي آهي. هن راند ۾ چانڊوڪيءَ کي اُس ۽ اونداهيءَ کي ڇانو سمجهيو ويندو آهي

جليڪٽون سنواريو

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو جليڪٽون

هي راند سنڌو ماٿري ۾ رهندڙ دراوڙي لوڪ صدين کان کيڏندا اچن. اسپين جي ڍڳن واري راندوانگر ڪجهه فرق سان هي راند به ان جهڙي ئي نموني جي هڪ راند آھي.

آڳ گاڏي ٽنڊي جي (راند) سنواريو

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو آڳ گاڏي ٽنڊي جي (راند)

هيءَ راند ٽي ٻار ڪندا آهن، جن مان ٻه اوڪڙو ٿي ويهندا. هڪڙو ڄڻو کٻو هٿ وات تي رکي ڪندو: ”آ-وا-وا-هپي،“ ائين چئي، اهو هٿ پنهنجي ساڄي ٻانهن جي ڏوري کي ڀچائي

آپڻان گليلا راند سنواريو

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو آپڻان گليلا راند

هن راند لاءِ ٻار پاڻ ۾ ڪڪل ڪڪل کيروٽيءَ وانگر ڀڄي ايندا آهن، پوءِ هڪڙا هڪڙي پاسي ويهندا، ٻيا ٻئي پاسي، انهن جا ڌوڙي وچ ۾ ويهندا

آڱرين جو اُٺ هلائڻ (راند) سنواريو

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو آڱرين جو اُٺ هلائڻ (راند)

ٻارڙن جي وندر لاءِ راند، مائٽ ٻنهي هٿن جي پٺن کان ٻيانگڙين ۾ وجهي پوءِ مُٺيون ابتيون ڪندو ته ٻٽو مُڪو ٺهي پوندو

چيچمڪڙو سنواريو

  • چيچمڪڙو راند ۾ هڪ ٻار آنگ ڏيڻ ويندو آهي. باقي ٻار گهيرو ٺاهي گوڏن تي هٿ رکي ويهندا آهن،انهن مان هڪ جي هٿ ۾ ٺڪري يا پٿر هوندو آهي ۽ اهو چوندو آهي.چيچمڪڙو ڪنهن کي ڏيان باقي ٻار چوندا آهن:

ادا ڀائو مون کي ڏي. ان ريت هو ڪنهن به هڪ کي ٺڪري ڏيندو آهي ۽ سڀ گڏجي چوندا آهن: آ ڪانگ تنهنجي منيءَ تي موچڙو پوءِ آنگ ڏيندڙ ڇوڪرو، اچي اها ٺڪري ان جي هٿ مان ڪڍندو آهي، جي غلط ڇوڪري جي نالي چيائين ته پوءِ سڀ گڏجي چوندا آهن: هڪ ٽڪي کير ڀري، ٻئي به ڏيندو الله. آنگ ڏيندڙ ٻار وري ٻي آنگ ڏيندو. جيڪڏهين ان ٻار ست ڀيرا ٺڪري يا ڀتر هٿ نه ڪيو ته پوءِ سندس اکيون، ٻڌي، کيس لٺ هٿ ۾ ڏيندا آهن ۽ سڀ ٻار ڀڄي ويندا آهن، آنگ ڏيندڙ لٺ کي ڦيرائيندو آهي، پوءِ جنهن کي به لڳندي آهي،اهو آنگ ڏيڻ ويندو آهي. هيءَ راند ڏيڍي دلچسپ هوندي آهي.

مَلھ سنواريو

اصل مضمون/مضمونن جي لاءِ ڏسو ملھ ۽ اٺ ڏاڻ
  • ملھ (مَلھ، ملاکڙو)، ملھ راند جو کيڏ ٻين راندين کان نرالو آهي. ان لاءِ ٻہ جانٺا جوان جن کي پهلوان چئبو آهي کليل ميدان ۾ لٿل هوندا آهن. پيٽ پٺي مٿي ڪو ڪپڙو پهريل نه هوندو. هيٺ وڏي گهير واري ڪانچ(سُٿڻ) جنهن جا وَر اڳٺ سرڪڻي وٽان گهنجيل هوندا اٿن جنهن جي ڪري پائنچا پنين تائين کنيل هوندا آهن. ڪپڙي کي و“تي، نپوڙي سونٽو ٺاهي پهلواڻ جي چيلھ تي ور ڏئي ٻڌبو آهي. انھي عمل کي 'سندرو' ٻڌڻ چئبو آھي.سندري ۾ ھڪ ھٿ اڳيان پھلوان جي دُنَ وٽ ۽ ھڪ پٺيان وجھبو آھي. مقابل هٿ مضبوطي سان وجهي، زور آزمائي ڪئي ويندي آھد. ملھ جا مختلف داءَ ٿيندا آھن، جن ۾ جانٺو، اندرين، ٻاھرين، کڻي گھمائڻ، ھنج چڙھڻ وغيرہ. پھلوان هڪٻئي کي زمين کان مٿي کڻي گهمائي گهمائي پٺي ڀر سَٽڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. [6]
    • ملاکڙو _ ملھ راند جي مقابلي (Tournament) کي سڏيو ويندو آھي. سنڌ جي روايت مطابق اهو ڪچو ۽ دز ڀريو ميدان يا آکاڙو هوندو آهي، جنهن جي چوڌاري تماشبين جي ويهڻ ۽ بيهڻ جو بندوبست ڪيل هوندو.

مڱڻھار، دھل تي 'ٽاھو' وڄائيندا رھندا آھن ۽ ملھ جا مقابلا جاري ھوندا آھن. ويٺل ماڻھن جي قطار کي 'ٻانھين' چئبو آھي. سرسي حاصل ڪندڙ پھلوان ٻانھين کان انعام وصول ڪندا آھن. ھر جوڙ ۾ ڪل ٻہ ملھون ٿينديون آھن. پھرين ۽ پوئين. پوئين ملھ ماريندڙ کي 'سوڀارو' سمجھيو ويندو آھي.

ٻلھاڙو سنواريو

  • ٻيلھاڙو آکاڙو ۾ ٿيندو آهي

ڪُشتي ويڙھ سنواريو

  • ڪشتي

اٽي ڏڪر سنواريو

اصل مضمون/مضمونن جي لاءِ ڏسو اٽي ڏڪر ۽ اٽي
  • اٽي ڏڪر راند کي ڏڪي ڏڪر پڻ چيو ويندو آھي،

ڏڪي ڏڪر ٻن طريقن سان کيڏي ويندي آھي 1. گِدِ سان 2. گول دائري ۾ گد واري ڏڪي 3 کان 4 انچ ٻنھي پاسن کان گھڙيل ھوندي آھي جڏھن تہ گول دائري واري ڏڪي ساڳي ڊيگھ ۾ اڻ گھڙيل ھوندي آھي.

تاش راند سنواريو

  • تاسَ يا تاش راند

ونجھوٽي سنواريو

  • ونجھ وٽي، ونجهوٽي

ڪوڏي ڪوڏي سنواريو

  • ڪوڏي ڪوڏي (ڪٻڏي) ان راند ۾ رانديگر ھڪ ئي ساھيءَ ۾ ڪوڏي ڪوڏي چوندو مخالف ڌُر جي پِڙَ ۾ ويندو آھي ۽ ساھي ختم ٿيڻ کان اڳ مخالف ڌُر جي رانديگر کي ھٿ ھڻي واپس پنھنجي پِڙ ۾ ايندو آھي، جيڪڏھن رانديگر مخالف ڌُر جي پِڙ کان واپس پنھنجي پِڙ ڏانھن موٽندي وچ ۾ ساھي وڃائي ويٺو تہ اھو ھارجي ويندو آھي.

لڪ ڇپ سنواريو

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو اک ٻوٽ
  • اک ٻُوٽ، لڪ لڪوٽي، لڪ ڇپ، اکٻوٽ (Hide & Seek) لڪ لڪوٽيءَ راند ۾ هڪ ٻار ٻين کان پڇندو ته سون جو تاج ڪنهن پاتو پوءِ جنهن به چيو مون پاتو ته ان جون اکيون بند ڪري کيس ويهاريو ويندو آهي ۽ ٻيا ڇوڪرا پنهنجي هڪ هڪ مُٺ، هن جي مٿي تي رکي، هڪ مينار ٺاهيندا آهن. پوءِ سڀ ڇوڪرا هڪ آواز ٿي چوندا: ڪنگر ڪي لوٽو، پاڻي ڀري ڦوٽو، ڦوٽا چٽيندس، لونگ لٽيندس، هيٺيون ڪ مٿيون.مطلب ته هيٺيون ڇوڪرو وڃي لِڪي يا مٿيون ۽ هن جي جواب موجب هڪ ڇوڪرو وڃي لڪندو آهي ۽ اهڙيءَ ريت جڏهن ڇوڪرا وڃي لڪندا آهن ته هو انهن کي ڳولهي کاپائيندو آهي. هي راند خاص ڪري چانڊوڪين راتين ۾ مزو ڏيندي آهي.

نوڙي ٽَپ ڏيڻ سنواريو

  • نوڙي ٽَپ (Skipping String)

پٿربال سنواريو

  • پٿر بال،

ٺِپي راند سنواريو

  • ٺِپي راند،

ڇم ڇم سنواريو

  • ڇَم ڇَم،

چڻ مگڻ سنواريو

  • چڻ مگڻ

شينھن ٻڪري راند سنواريو

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو شينھن ٻڪري راند

هي راند واريءَ تي ڪک سان يا اوٽي تـي ڪاٺيءَ يا اڱر سان ليڪا ڪڍي ٻــه ڄڻا ڪندا آهن. هن ۾ هڪ ڄڻي وٽ ٻه شينهن ۽ ٻئي وٽ ست ٻڪريون ٿينديون آهن، جن جي ڪوڏين، ڪکن، ٺڪرن، ڀترن، ڦولهڙين مان پورت ڪندا آهن. هڪ ڄڻو وٺندو ٻه شينهن، ٻيو ست ٻڪريون. هرهڪ ٻڪري، واري تي خانن ۾ رکندو ويندو ته ٻيو شينهن رکڻ بعد ساريون خانن ۾ چوريندو ويندو. شينهن جي سامهون ٻڪري آئي ۽ اڳيون خانو خالي هوندو ته شينهن کي اُن ٻڪريءَ مٿان ٽپائي، اڳئين خالي خاني ۾ رکبو ۽ اوها ٻڪري مُئي، جي ڪڍي ٻاهر رکبي.

ڪنگري ڪلوٽو سنواريو

  • ڪنگري ڪلوٽو پاڻي ڀريو لوٽو

الھو ٻلھو سنواريو

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو الھو ٻلھو راند

ٻاراڻي راند آهي، جيڪا ڇهه -ٻار- کيڏي سگهن ٿا. هن راند رچائڻ لاءِ هڪ وڏو گول دائرو ڪڍبو آهي، جنهن جو قطر پنج فوٽ کن ٿيندو آهي

انڊڪ منڊڪ سنواريو

پٺوبال سنواريو

  • پِٺُو بال کي ست پٺو يا پٺو گرم پڻ چيو ويندو آھي.

پَٺوُ سنواريو

  • ست پٺو

نَوَ ٽِڻ سنواريو

  • نَوَ ٽِڻَ، ھن راند ۾ ٻہ رانديگر ھوندا آھن ۽ ٻنهي کي الڳ سُڃاڻپ واريون ڳوٽيون ھڪ واري تہ ھڪ ڳوٽ جيڪو پھريان اڀيون ٽي ساڳي قطار ۾ يا آڏيون/ ويڪر ۾ رکي ويو انکي سامھون واري جي ڳوٽ مارڻ جو حق يعني ھن جي ڳوٽ کڻي وٺندو. اھڙي نموني ڳوٽون رکبيون جيئن سامھون وارو ٽڻ نه ٺاھي سگهي. ڏاھپ ويڙھائي جيڪو سڀ ٽڻ ٺاھيندو ۽ سامھون واري جون ڳوٽون سڀ ماري ميدان ۾ سوڀارو ٿيندو اھو فتحياب ٿيندو.ان راند ۾ رانديگر جي ٻيگھي ان راند جي سورڻ پورڻ اڳيان پٺيان ھلڻ جي ٽرڪ بازي سان ھڪ اھڙي صندلو (اسٽيج) ايندي آھي جنھن ۾ ھر چال ۾ ٽڻ ٺھندو آھي، جيڪو سامھون واري کي ھارائڻ تي مجـبور ڪندو آھي. ھي راند ڏاھن جي يڪتين جي لاءِ بھترين ڪثرت آھي. کيڏڻ چآلو ڪرڻ سان وڌيڪ ڳالھ صاف ٿيندي. نو ٽڻ ۾ جڏھن ڳوٽون ھيٺين شڪل ۾ ھجن تہ ان کي ٻيگھي چئبو آھي.

مزي جي ڳالھ اھا آھي تہ 'نوٽڻ' ۾ ڳوٽون بہ خوبصورت ھونديون آھن مثال: ڪتل جون کوکڙيون ٻبر جي پلڙن جا ٽڪرا ڪنڊيءَ جو ٻج پٿريون ڪوئلو ڪاٺيءَ جون ٺڪريون مٽيءَ جا ڳوڙھا

ڏاڪ چُمي سنواريو

  • ڏاڪ چمي، ان جو مطلب ته ” ڪاٺ چمڻ“ هيءَ راند، انب، پپر يا نم جهڙن ڇانو ڪندڙ وڻن هيٺ کيڏي ويندي آهي. ان راند ۾ ڪاٺ جي ننڍي ڏنڊي پري اڇلائي ويندي آھي ۽ آنگ ڏيڻ وارو، اها کڻڻ لاءِ ويندو، باقي ڇوڪرا وڻ تي ڇڙهي ويھندا، آنگ وارو ڏنڊو کڻي وڻ تي چڙهندڙن مان ڪنهن کي کُپائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.

ڌائين سنواريو

  • ڌائين يا ڏائين، ڏائي راند پاڻيءَ ۾ کيڏي ويندي آهي.

ڪوڏيون سنواريو

  • ڪوڏيون

ڪبوتربازي سنواريو

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ڪبوتربازي

ڪبوتربازي: راند جو قسم يا شغل آهي.پراڻي وقت ۾ ڪبوتربازيءَ جو رواج مٿئين طبقي جي ماڻهن ۾ ھيو

چدا گھچي سنواريو

  • چدا گھچي

گل راند سنواريو

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو گل راند

هي راند ڪوڏين ۽ بلورن سان ننڍا ڇوڪرا ڪندا اهن. پٽ تي ننڍڙي کٽ کوٽي پري کان بيهي ڪوڏي يا بلور اُن کڏ ۾ وجهڻ لاءِ اُڇلائيندا آهن

گُليل سنواريو

  • گليلي جو نشانو

گھٻي سنواريو

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو گھٻي

گھٻِي,هيءَ راند جو هڪ قسم آهي جيڪو اڪثر ننڍڙا ٻار کيڏندا آهن، البت هي راند وڏن جو به وندر رهي آهي. هيءَ راند اڪثر ڪري بلورن سان کيڏي ويندي آهي

چِيڪلو سنواريو

  • چِيڪلو، چيڪلي راند ۾ ٻن ٻن ڇوڪرين جي جوڙي هڪٻئي جي هٿن ۾ هٿ ڏئي چئوڦير ڦرنديون آهن، ان جا خاص ٻول هي آهي:

”چيڪلي پايان پير گسان،پير ۾ ڪنڊولالو سونارو منڊو.“

پينگھ سنواريو

  • پينگھ لڏڻ

دادڙين سنواريو

  • دادڙين

ڏير راند سنواريو

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ڏير

راند ڪرڻ. هن لفظ مان اها سڌ پوي ٿي ته ڏير ۽ ڀاڄائي پاڻ ۾ ڀاءُ ڀيڻ وانگر رانديون ڪندا هئا، تنهنڪري ”ديور“ (ڏير) جي اصل معنيٰ هئي ”راندڀائي“ يا ”راند ساٿي“

ڏانڊئي ناچ راند سنواريو

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ڏونڪن جو ناچ

ڏوڪلا هڻي سريلو آواز پيدا ڪندا آهن ۽ ڦيرا به پائيندا آهن، هن کي ’ڏانڊئي‘ راند به چوندا آهن

گھوڙو سنواريو

  • گھوڙو

ھاٿي سُونڍ سنواريو

  • ھاٿي سُونڍ

چدي راند سنواريو

  • چِدي راند

لاٽون سنواريو

  • لاٽو

بلور سنواريو

  • بلور

ٺڪريون سنواريو

  • ست ٺڪريون (ستوليو)

ڦرڦر سئونٽو سنواريو

  • ڦر ڦر سئونٽو: ڦر ڦر سؤنٽو راند ۾ سڀ ٻار گول دائرو ٺاهي ويهي هڪ ٻار، ڪپڙي جو وٽيل سؤنٽو کڻي ان کي گول جي چئوگرد ڦرندو آهي ۽ هي ٻول ٻوليندي آهي:

ڦر ڦر سؤنٽو دٻلي ٿي ڇڻڪي، سون سون پاڻي ڏي دٻلي ڇڻڪائي ڏي. ڦر ڦر سئونٽو دَٻُلي درياه ۾ ان مھل سؤنٽو اوچتو ڪنهن به ٻار جي پويان رکيو ويندو، جيڪر هن کي خبر نه پئي ته کيس ٻه چار سؤنٽا به کائڻا پوندا ۽ آنگ به ڏيڻي پوندي.

ٿالم ٿالھي سنواريو

  • ٿلم ٿلي يا ٿالم ٿالھي

انڊا امپريس سنواريو

  • انڊا امپريس

ٽاپو سنواريو

  • ٽاپو

ڪيرم بورڊ سنواريو

  • ڪيرمبورڊ

انڌو گھيٽو سنواريو

  • انڌو گھيٽو

لنگھڙي ڊوڙ سنواريو

  • لنگھڙي ڍوڙ

ڪلندرو سنواريو

  • ڪلندرو

ريل گاڏي سنواريو

  • ريل گاڏي

غلام ڏڪر سنواريو

  • غلام ڏڪر

گُڏي گُڏوراند سنواريو

 
گُڏيون راند
  • گڏي گڏو راند، ان راند ۾ ننڍڙيون ڇوڪريون سوئي ڌاڳو ۽ ڪپڙي سان سُھڻيون گُڏيون ۽ گُڏا ٺاھيندا آھن، انھن جا گھر ٺاھيا ويندا آھن وھانءَ ڪرايا وينديون آھن. گُڏين جي راند جا ٻول سنڌ جي ھر علائقي ۾ ٿوري فرق سان الڳ آھن. انھن مان ڪجهه ھي آھن.

”ٽنڊڻي ٽنڊڻي اسين تنهنجا ماڻهو چٻينداسين ڏاڙهون هوءَ ککر ڪهڙي ستن ڀائرن جهڙي ستئي پرڻايان اڇو جبو پايان اچي جي ليهه منهنجا ڀائر ٽيهه ٽيهن ۾ ڪٽوريون الله ڏيندو ابي کي سون پائيندو ننهرن کي هيرا موتي ڏيرن کي انڌي گڏهه دائيءَ کي.“

ادي ادي گڏي راند سنواريو

  • اديء اديء گُڏين راند


ليٽ ڪبوتر سنواريو

  • ليٽ ڪبوتر

ٻلي ڪبوتر سنواريو

  • ٻلي ڪبوتر

مائي مائي راند سنواريو

  • مائي مائي راند، ھن راند ۾ ڇوڪريون ڇوڪرا گڏجي راندا کيڏندا آھن ۽ وڏڙن وارو ڪردار ڪندا آھن، ڇوڪرا ٻنيءَ جو ڪم ڪندا آھن ۽ ڇوڪريون گھر جو ڪم ڪنديون آھن. ننڍڙا نشان ڪڍي يا ڀتر رکي گھر جدا ٺاھيا ويندا آھن ۽ الگ خاندان ٺاھيا ويندا آھن. ڇوڪرو ٻنيءَ جو ڪم ڪري گھر ايندو آ ۽ اچي چوندو آ او فلاڻي پاڻي پيار ماني ڏي، پوء مٽيءَ جي پچايل ماني ۽ پاڻي ڏنو ويندو آھي، ائين پوءِ رشتا پڻ جوڙيا ويندا آھن، ڇوڪريءَ ڇوڪري جي شادي ٿيندي آ ، ان ۾ ڪافي رسمون ٽڪر ھڻڻ وغيره ڪيون وينديون آھن سھرا (لاڏا) پڻ ڇوڪريون چونديون آھن.

اسي موري سنواريو

  • اسي موري

لال ڦيري سنواريو

  • لال ڦيري

گھوڙن، ڏاندن جي ميل سنواريو

  • ڍڳن. گهوڙن جو ميل

ڪُڪڙميل سنواريو

  • ڪڪڙن جو ميل (ويڙھائڻ) ٻن ڪڪڙن جي وچ ۾ ويڙهہ راند ھوندي آھي. جنھن گولي ۾ ڪڪڙ وڙھندا آھن ان کي ڪاڪ پٽ Cockpit چيو ويندو آهي. ڪڪڙن کي ميل لاءِ پالڻ جي تاريخ ڇھ ھزار سال پراڻي آهي.ڪڪڙن جي ميل جو سڀ کان پراچين نقش ڇھين صدي قبل مسيح جو آھي جيڪو جيروسلم (يروشلم) جي ڀر ۾ بينجامن ۾ مزپا جي شھر مان مليل ھڪ مھر تي اڪريل آهي.

چورپوليس راند سنواريو

  • چور پوليس رراند

گوٽي راند سنواريو

  • گوٽي راند

سَٽَ ڪُٽَ سنواريو

  • سٽ ڪٽ، سٽَ ڪُٽَ راند ۾ سُٽ جي ڪپڙي جي ٺهيل کينهوڙي ٺاھي راند کيڏي ويندي آهي. کير وٽي ۾ ڇوڪرن جون ٻه ٽوليون مان هڪ مٽيءَ جي ڍيرن ۾ ڪاٺ جون ٽڪريون لڪائيندي ۽ ٻئي ٽولي اهي ڳوليندي جيڪي ٽولي ڳولهڻ ۾ ڪامياب ويئي ته ان راند کٽي.

پٺو سنواريو

  • پٺو

ٽانگڻ ڦوسڻ سنواريو

  • ٽانگڻ ڦوسڻ

گل ٿندو سنواريو

  • گِل ٿندو،

گولي کانچا سنواريو

  • گولي گولي کانچا

سئونٽي ڦرڪي سنواريو

  • سئونٽي ڦرڪي

کُوکُو سنواريو

  • کُو کو
  • برف پاڻي، برف پاڻي کي کو به چئبو آهي

ٽِپو سنواريو

  • ٽَپو.

ٽاپون سنواريو

  • ٽاپون

چئوسر سنواريو

  • چئوسر (انگريزي ٻولي: Chess) راند کي انيڪ قسم ۽ انيڪ نالا ڏنا ويا آھن، تِن منجھان چوسر، چوسار ۽ چوپڙ وڌيڪ سڃاتا وڃن ٿا. ھن راند جا انيڪ نمونا ٿين ٿا، گڏوگڏ ڳوٽُن جي ترتيب بہ نرالي ٿئي ٿي.
    • چوسر راند پراچين (قديم) آثارن جي ماھرن موھن جو دڙو مان لڌي آھي.[حوالو گھربل]، جنھن بابت پراچين آثارن جو کوجناڪندڙ جوناٿن مارڪ ڪونھيار مطابق ”ھن مھل تائين انساني راندين جو ھي پروٽو ماڊل موھن جو دڙو مان ئي مليو آھي“. ھن راند جو نالو ھزارن سالن کان گھمندو ڦرندو ساڳيو ئي رھيو آھي.

لغڙ راند سنواريو

  • لغڙ اُڏائڻ

ڀنڃ پَرولي سنواريو

  • ڀَنڃ پِرولي (ڳجهارت) سڀ کان وڏي ۽ هر عمر ۾ کيڏي ويندڙ راند آهي ڀَنڃ پِرولي هاڻِ. جنهن کي ڳجهارت به چوندا آهن.

لِيلِي لمبو.

آڦڙا آڦڙا ڪُرڙا سنواريو

  • آڦرا آڦرا ڪُرڙا... هي هڪ ڪسوٽي وانگي راند هئي جيڪا سياري جي راتين ۾ کيڏبي هُئي.

ڪارڙوڪمرڙو سنواريو

  • ڪارڙو ڪمرڙو، مِينهن جي مُند ۾ ڪارڙو ڪمرڙو راند کيڏي ويندي آھي


وڌيڪ ٻيون رانديون سنواريو

انگُ. راند جو نالو کيڏندڙ
01 گل راند ٻارَ
02 ڪٻڏي راند ٻار
03 ونجھوٽي راند ٻارَ
04 گاٻڙي راند ٻارَ
05 چوپڙ راند ٻارَ
06 ٻلاڙو راند ٻارَ
07 ميڻ راند ٻارَ
08 گول راند ٻارَ
09 آنٻليو راند ٻارَ
10 نانگيل ڦوسيل راند ٻارَ
11 گھنين واري راند ٻارَ
12 ڏير ڀاڄائي راند ٻارَ
13 نو کڻي راند ٻارَ
14 چلھر راند ٻارَ
14 ماڪوڙو راند ٻارَ
15 اٺ اٺاڻي راند ٻارَ
16 اٽي ٻارَ
17 بينڀيو ٻارَ
18 ڇن ٻارَ
19 کٽ کٽاڻي راند ٻارَ
20 سائو پن يا ڪارو پنو ٻارَ
21 ڇٺي راند ٻارَ

حوالا سنواريو

  1. "Sindhi Adabi Board Online Library (Folk_Litrature)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2019-04-12. 
  2. سنڌ جو لوڪ ثقافتي ورثو ليکڪ ولي محمد طاهرزادو
  3. تاريخ ريڱستان ليکڪ رائچند ڇاپيندڙ سنڌي ادبي بورڊ
  4. "Sindhi Adabi Board Online Library (Stories)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2019-04-12. 
  5. سنڌ سائنس سوسائٽي سووينئر 1970  مضمون ليکڪ ڊاڪٽر سيد محمد صالح شاه
  6. سنڌ ديس جون رانديون ليکڪ ولي محمد طاهرزادو ڇاپيندڙ سنڌي ادبي بورڊ