ڪڪڙن جي ميل

رت راند

ڪڪڙن جي ميل

ڪڪڙن جي ميل

ڪڪڙن جي ميل ٻن ڪڪڙن جي وچ ۾ ھڪ رت واري راند ھوندي آھي. جنھن دائري ۾ ڪڪڙ وڙھندا آھن ان کي ڪاڪ پٽ Cockpit چيو ويندو آهي. ڪڪڙن کي ميل لاءِ پالڻ جي تاريخ ڇھ ھزار سال پراڻي آهي.

چڙيا گھر ۾ ٻه ڪڪڙ وڙھندي
وانٽيلن، ۾ بالي ماڻھن جو ڪڪڙن جي ميل جو آکاڙو.
ڪرنل مارڊنٽ جي ڪڪڙ جي ميل جيڪا 1786 ۾ لکنؤ ۾ ٿي.

رچرڊ برٽن سنڌ ۾ ڪڪڙن جي ميل جي باري ۾ لکيو آهي تہ:ڪڪڙن جي ويڙهه ماڻهن جو عام شُغل آهي، پر اهو ماڻهو معتبر نه سمجهيو ويندو آهي. اڳي هندن کي ڪُڪڙن جي ويڙهه ڏسڻ جي جرائت ڪانه ٿيندي هئي، جو طهر جو ڊپ هوندو هئن. (هاڻي به ملاکڙي ۾ هندو ورلي نظر اچن ٿا). سنڌ جو ويڙهو ڪُڪڙ هڪ شاندار پکي آهي. هن جون ڄنگهون پيليون ۽ اکيون شفاف ۽ چمڪي واريون ٿين. هنن جي خوراڪ ۽ سيکارڻ جو نمونو هندستان جهڙو آهي. انهن تي تمام ڏاڍي محنت ٿيندي آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ لوهه ۽ چاندي ڪم نه آڻيندا آهن، پکين کي کڻڻ ۽ ويڙهائڻ لاءِ خاص اٽڪل کپي.[1]انڊيا جي رياست تامل ناڊو ۾ ڪڪڙن جي ميل لاءِ ڪڪڙن جي پين جي کڙ ۾ ڌاتو جي کڙ يا ننڍا چاقو وغيره ٻڌا ويندا آھن.[2][3]

پير جي کڙ يا کڙيء ۾ ڌاتو ٻڌو پيو وڃي

تاريخ سنواريو

 
قديم رومن موزائڪ جنھن تي ڪڪڙن جي ميل ڏيکاريل آھي

ڪڪڙن جي ميل جو سڀ کان قديم نقش ڇھين صدي قبل مسيح جوآھي جيڪو جيروسلم جي ڀر ۾ بينجامن ۾ مزپا جي شھر مان مليل ھڪ مھر تي اڪريل آهي. [4][4][5]

ڪيوبا ۾ 1959 ۾ جوئا تي پابندي لڳڻ باوجود ڪڪڙن جي ميل جي اجازت آھي[6]حوالي جي چڪ: Invalid parameter in <ref> tag

حوالا سنواريو

  1. رچرڊ برٽن؛ حيدرآباد ۽ ان جون ريتون رسمون  ; ڪتاب:حيدرآباد جي تاريخ؛مصنف :حُسين بادشاهه؛ ايڊيشن:پهريون 2003ع؛ ڇپيندڙ:فائين ڪميونيڪيشن, حيدرآباد روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سنڌ
  2. Staff (2011-02-06). "Cockfighting bird stabs, kills man". The New York Post (Nypost.com). http://www.nypost.com/p/news/national/rooster_revenge_cockfighting_bird_vdWgYmiTQbLmMBltVoPmxK. Retrieved 2014-02-11. 
  3. "Champion rooster slashes its owner's throat for being asked to fight once too often". UK Daily Mail (London: Dailymail.co.uk). 2011-01-21. http://www.dailymail.co.uk/news/article-1348653/Indian-police-hunt-killer-rooster-slashes-owners-throat.html. Retrieved 2014-02-11. 
  4. 4.0 4.1 "Tell en-Nasbeh: Biblical Mizpah of Benjamin". The College of Arts and Sciences, Cornell University. 
  5. Miller, James M.; Hayes, John H. (1986). A History of Ancient Israel and Judah. Louisville, Kentucky: John Knox Press. p. 422. ISBN 0-664-21262-X. 
  6. Nick Kirkpatrick, Cockfighting has deep roots in Cuba, Washington Post (December 31, 2015).