ڪبوتربازي: راند جو قسم يا شغل آهي.پراڻي وقت ۾ ڪبوتربازيءَ جو رواج مٿئين طبقي جي ماڻهن ۾ ھيو. پهريائين هڪڙو چڱي نسل جو بازيگر- ڪبوتر چونڊي، اُن کي هٿ مان ڇڏڻ تي جلدي جلدي قلابازيون ڏيڻ، سيکاريندا ھئا. شرط جو فيصلو گهڻو ڪري ستن کان زياده قلابازين تي ٿيندو ھو. جيڪڏهن ڪبوتر ستن کان گهٽ قلابازيون ڏيندو ھو ته بازي هاريندو ھو. ڪبوترن جي ويڙهه تي پڻ شرطون رکندا ھئا، انگريزن جي دور ۾ سنڌ ۾ تنهنڪري سُٺي ڪبوتر جي قيمت بعضي بعضي سئو رپين تائين پهچي ويندي ھئي. رواجي طرح هڪ موچاري جوڙي جي قيمت ويهه رپيا هوندي ھئي.[1]

حوالا سنواريو

  1. رچرڊ برٽن؛ حيدرآباد ۽ ان جون ريتون رسمون  ; ڪتاب:حيدرآباد جي تاريخ؛مصنف :حُسين بادشاهه؛ ايڊيشن:پهريون 2003ع؛ ڇپيندڙ:فائين ڪميونيڪيشن, حيدرآباد روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سنڌ