چَلِهر:(انگريزي: Chilhar game) هي راند ٻه يا چار، گهڻو ڪري ننڍا ڇوڪر گڏجي يا ڪي جوان به، اڱڻ جي اوٽي تي اڱر يا ڪنهن ڪاٺي سان ليڪا ڪڍي يا واريءَ تي ليڪا ڪڍي ڪندا آهن. پوڙها ڪونه ڪن. هرهڪ رانديگر وٽ چار ساريون هونديون آهن، جي هو پاڻ گڏ ڪندو. مثلاً چار ڪوڏيون، ککڙيون، ڦولهڙيون، ٺِڪريون، ڀتر، ڪکن جا ٽڪر وغيره. هر هڪ سنگتي وٽ جدا جدا قسمن جون ساريون هونديون آهن، جيئن سڃاڻي سگهجن. هن ۾ ڍارا ڪم ڪونه آڻين. چئن ڪوڌين سان راند ڪبي آهي، جي ڍارن وانگر پٽ تي اڇلائبيون آهن. اونڌين ۽ سنئين پوڻ تي داڻا شمار ڪبا آهن. چارئي سنئيون پيون ته چئبو ”چلهر“ ۽ پنج داڻا شمار ڪبا، جي چارئي اونڌيون پيئون ته ”اَٺو“ ۽ ڏهه داڻا شمار ڪبا. انهن ٻنهي حالتن ۾ رانديگر کي هڪ ڌڪ وڌيڪ هڻڻ جي مجرائي ملندي. ٻي حالت ۾ جيتريون ڪوڏيون اوتريون داڻا شمار ڪبا. جنهن پنهنجون چار ئي ساريون اڳ رچايون، تنهن کٽيو. ان بعد ٻيو ، ٽيون، باقي جيڪو چوٿون پڇاڙي جو رهندو ان جي ڪا نه ڪا ساري رهجي ويندي، ان هارايو[1].

حوالا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو