ماڪوڙو راند:(انگريزي: Ant game ) هڪ ڇوڪر پنهنجا ٻيئي هٿ زمين تي کوڙي، هٿن ۽ پيرن تي جانورن وانگر هلندو، هن کي ”ماڪوڙو“ چوندا. پوءِ ٽولي مان هڪ ڇوڪر هن جي مٿي تي هٿ رکي چوندو ته ”ماڪوڙا ڙي ماڪوڙا، مائيءَ پڪي ماني اڌ ڏي بُرڪ بُلي هڪ“ ائين چئي، آهستي هڪ ٿاپِي مٿي تي هڻي راند جي شروعات ڪندو. پوءِ سڀيئي ڇوڪرا هن کي مٿي تي ڌڪ هڻڻ جي ڪوشش ڪندا ته هو کين پنهنجي پير سان هر ڪنهن کي ڌڪ هڻڻ جي ڪوشش ڪندو. اهڙيءَ طرح جي پير جو ڌڪ لڳي ويو ته اُن تي آگ ائي، ۽ جي ڌڪ نه لڳو ۽ ٻيا ڇوڪرا هن جي مٿي کي ست ڌڪ هڻي ويا ته يڪدم وڃي پاڻ ۾ ڳنڍبا. ماڪوڙو سنئون ٿي انهن مان ڪنهن کي ڇنڻ جي ڪوشش ڪندو. جي ڪنهن کي جدا ڪري سگهيو تهآگ لٿي ۽ هن تي آئي ۽ اهو ماڪوڙو ٿيندو، نه ته وري وري پاڻ ماڪوڙو ٿيندو[1].

حوالا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو