گُهنين واري راند:(انگريزي: Ghuniyan game ) هي راند به ڏڙي سان ڪبي آهي. هن ۾ ٽوليون نه ٺاهبيون آهن، ميدان ۾ ٿوري ٿوري مفاصلي تي زمين ۾ ٿوري کڏ کوٽبي آهي، جنهن کي ”گُهني“ چوندا آهن. پوءِ هرهڪ ڇوڪر ڪاٺيءَ جا ٻه ٽوٽا يا بُگا کڻي پنهنجي گُهنِيءَ تي بيهندو، ڏڙو مٿي اُڇلائيندا، جنهن جي پاسي ڪيڙيو، ان تي آگ آئي. پوءِ هو پُڏيندو، يعني ڏڙو کڻي گهڻين مان بيٺلن مان ڪنهن کي به، جنهن کي سهولت سمجهي، ان کي هڻندو، ته هو وري بُگا آڏا ڏيئي ڏڙي جي ڌڪ کان بچڻ جي ڪوشش ڪندو. جي ڏڙو لڳي ويو ته آگ آئي ۽ اهو وڃي ڀڏيندو، ۽ اڳيون وڃي پنهنجي گهنيءَ تي بيهندو، جي نه لڳو ته لنگهي ويو يا بگي کي لڳو ته ڇُٽو جي بُگن کي لڳي رنڊجي پيو ۽ ڀرسان ڪِريو ته ڏوٽي سان ڏڙي کي ڌڪ هڻي پري ڪڍندو يا گهنين مان بيٺلن مان جنهن جي به ويجهو ڪِريو، سو ڌڪ هڻندو. ڪي پنهنجي گهنيءَ کان پرڀرو وڃي ڌڪ هڻي يڪدم موٽِ گهنيءَ تي ايندا آهن. انهيءَ وچ ۾ پُڏيندڙ ڊوڙ پائي هن جي گهنيءَ ۾ پنهنجو ڏوٽو وڌو ته چوندا ”گُهني ڀراڻي“ ۽ گهني وارو کولو، ۽ اهو وڄي پڏيندو. مطلب ته يا ڪنهن کي ڏڙو لڳي يا ڪنهن جي گهني ڀرجي، تڏهن آگ لهي. هي راند ننڍا ڇوڪرا ڪندا آهن[1].

حوالا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو