مک مينيو کوليو
ٻار

ٻار انھن انسانن کي چيو ويندو آھي جيڪي بالغپڻ جي عمر کي نہ پھتا ھجن، ڀلي ڇوڪرا ھجن يا ڇوڪريون.ول ڊيورنٽ لکي ٿو تہ:ٻار سان حاڪماڻو سلوڪ هن ۾ بغاوت پيدا ڪندو آهي. اهو اصول نيوٽن جي حرڪت وارن قانونن وانگر يقيني آهي ۽ شايد آئن اسٽائن کان پوءِ به اهو اصول يقيناً صحيح رهندو. اسان جڏهن حڪم ڏيندا آهيون تڏهن ٻار جي خودداريءَ جي لڪل صلاحيتن کي اُڀاريندا آهيون. هر فرمان سان اسان مدافعت جي فوجن کي دعوت ڏيندا آهيون. گهُرو ته اهو اوهان کي ملي ويندو، حڪم ڏيندؤ ته توهان کي مايوس ٿيڻو پوندو.[1].جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته اوهان جا ٻار حليم ٿين ته پهرين پاڻ حليم ٿيو. جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته اوهان جا ٻار صفائي پسند ٿين ته پهريان پاڻ صفائي پسند ٿيو. ان کانسواءِ ٻي ڪنهن شيءِ جي ضرورت ڪانهي. ٻار سان سختيءَ سان ڳالهائڻ هن جي دل ۾ سخت گفتگوءَ جو نقش ويهارڻ آهي جنهن جي هو پاڻ اهل ڪري سگهي ٿو. سٺيون خاصيتون رڳو سدائين سٺي مثال سان ئي پيدا ٿي سگهن ٿيون. اهو ڏکيو ڪم آهي، ان لاءِ اسان جي شخصيتن کي نئين سر تعليم ۽ تربيت جي ضرورت آهي[1].اسان ٻار جي شخصيت جي تعمير ۾ ڇنڀڻ جي بدران تعريف کي رکي سگهون ٿا. ڇنڀڻ ۽ نندڻ سان روح ڪومائجي ويندو آهي ۽ ڪنهن خاميءَ کي هميشه لاءِ نفرت جي قابل بڻائي ڇڏيندو آهي. تعريف هر جيوگهرڙي کي وڌائيندي ۽ هر عضوي کي قوت بخشيندي آهي. ۽ ڪنهن به ڏکئي ڪم کي مقابلي ۽ فتح ۾ بدلائي ڇڏيندي آهي. انانيت سان اسان دنيا کي متحرڪ ڪري سگهون ٿا. ڪنهن ڪم جي خامين کي نندڻ جي بدران اسان کي گهرجي ته اسين جيترو ڪم ٿيل آهي ان تي نظر رکون ۽ ان جي تعريف ڪريون.[1]ول ڊيورنٽ وڌيڪ لکي ٿو تہ:ڊڊرو چيو آهي ته سڀ کان پهرين هو پنهنجي ڌيءَ کي علم بدن جي تجزيي جو علم سيکاريندو، ان سلسلي ۾ مان تڪڙ نه ڪندس، ان معاملي ۾ جوانن جون پريشانيون اسان لاءِ تڪليفن جو سبب ٿيڻ نه گهرجن. اسان کي گهرجي ته فطرت کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيون ۽ خطبي ڏيڻ ۽ ڪوڙ کان پاسو ڪيون.[1]

ٻارن جي جنسي تعليمسنواريو

ديانتداريءَ جو سڀ کان ڏکيو امتحان ٻار جي جنسي تعليم وقت سامهون ايندو آهي. اسان هن جي جوشيلي تجسس جو ڇو بچاءُ ڪندا آهيون، جيڪو سائنس ۽ تعليم جو بنياد آهي. منهنجو خيال آهي ته آمريڪا ۾ پروٽيسٽنٽ ورثي، اسان کي محبت جي جسماني پاسي کان ڊيڄاري ڇڏيو آهي. تاريخي لحاظ کان ان جو سبب اهو آهي ته حيوان به پاسيرو ٿي لڳ ڪندا آهن ته جيئن ٻاهرين خطري کان محفوظ رهن. انساني لحاط کان جيئن ته اسان شاديءَ جي عمر وڌائي ڇڏي آهي ۽ شادي جوانيءَ کان پري ٿي وئي آهي انڪري اسان پنهنجي ان بنيادي جبلت جي هر غير ضروري تحرڪ کان بچڻ شروع ڪيو آهي، هي هڪ ڏکيو سوال آهي.[1]ول ڊيورنٽ پنھنجي ننڍڙي ڌيءَ ايٿل متعلق مثال ڏئي جنسي تعليم جي موضوع تي لکي ٿو تہ:اسان آخري گهڙيءَ تائين ايٿل جي ذهن کان ان سوال کي پري رکنداسين. نئين دور جي هڻ وٺ جي زندگيءَ ۾ اهي سوال جلد پيدا ٿي ويندا ۽ ان کان اڳ جو ٻيا ڇوڪرا پنهنجي تصور مان انهن سوالن جا کيس جواب ڏين اسان پاڻ انهن جا جواب ڏيڻ ٿا گهرون، اسان انهن جا جواب به ٻين سوالن وانگر ڏينداسين. ان معاملي ۾ تقدس کي وچ ۾ آڻڻ شرارت ۽ اڻ ڄاڻائيءَ کي وچ ۾ آڻڻ آهي، اسان کي هاضمي ۽ ساهه وانگر هڪ سائنسدان واري معروضيت سان ان جو ذڪر ڪرڻ گهرجي[1]

حوالاسنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 ڪتاب جو نالو: فلسفي جون راحتون ؛ليکڪ: وِل ڊيورانٽ ؛سنڌيڪار: آغا سليم ايڊيشن؛ 2016 ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو