ميڻ راند:(انگريزي: Menn game ) هي راند چانڊوڪين راترين ۾ ننڍا ڇوڪر ڪندا اهن. راند لاءِ هڪ ننڍو اڇو پٿر يا سِر جو ٽڪر هٿ ڪندا آهن، جنهن کي ”ميڻ“ چون. ٻه توليون ٿي هڪ هنڌ واريءَ جو ڍڳ ٺاهي، اتي ليڪو ڪڍي سڀيئي ان تي اڳيون پير رکي بيهندا. منجهانئن هڪڙو ڄڻو ميڻ زور سان اُڇلائيندو، جا پري وڃي ڪِرندي. پوءِ سڀيئي ڊوڙي وڃي ڳولي لهڻ جي ڪوشش ڪندا. جنهن کي لڀندي سو کڻي واپس ڍڳي تي اچڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ هوڪو ڏيندو ته ”ميڻ ٿي وڃي“. ته ٻيا مخالف کيس جهلڻ لاءِ ايندا ۽ سندس سنگتي مدد لاءِ ايندا. جي پاڻ جهلجي پوي ته سنگين جي ڇڏائڻ سان به نه ڇٽو ته وجهه وٺي سندس ڪنهن سنگتيءَ کي ميڻ ڏيندو، جو وٺي هوڪو ڏيئي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو. اهڙيءَ طرح جي سلامت ڍڳيءَ تائين پهتو ته راند کٽيائون، جي مخالف ميڻ کسي ڍڳيءَ تي پهتا ته هنن راند کٽي. پوءِ وري نئين سر کٽيندڙ ڌر جو ڀيچي ميڻ اُڇلائيندو[1].

حوالا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو