گول راند:(انگريزي: Circle game ) ميدان ۾ وڏو گول ليڪو پائي هڪ هنڌ واريءَ جو ڍڳلو ٺاهيندا. پوءِ اتان دَمَ گهُٽي هرڪو ڇوڪرو واري سان گول ليڪي تان ڊوڙ پائيندو. ”ٿو ٿو وڏي ڪٻڏي.... ٿو ٿو وڏي ڪٻڏي“ چوندو ويندو. جتي ساهه کنيائين اتي ويهي رهندو. سڀني کان ويجهو جيڪو هوندو تنهن تي آگ آئي. پوءِ ٻيا ڇوڪرا گول اندر پيا ڊوڙندا ۽ هن کي پُٺن تي ڌڪ هڻڻ جي ڪوشش ڪندا. ۽ آگ ڏيندڙ هنن کي هٿ لائڻ جي ڪوشش ڪندو. جي ڪنهن کي هٿ لڳو يا ليڪي کان ٻاهر نڪتو ته کولو. اُهو به اچي هن سان گڏبو. پوءِ ٻيئي ڄڻان پاڻ ۾ هڪٻئي جا هڪ پاسي جا هٿ قابو جهلي ٻين کي هٿ لائڻ جي ڪوشش ڪندا. اهڙيءَ طرح جيڪو لولو سو هنن سان گڏبو ويندو، تان جو جڏهن سڀيئي کُولا ٿيا، تڏهن اها راند پوري ٿي ۽ ورينئين سرگول تي ڊوڙي راند شروع ڪندا[1].

حوالا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو