هيءَ سنڌ جي مشهور راند آهي، جيڪا وندر خاطر ٻهراڙين ۾ اڪثر -ٻار- رچائين ٿا. هيءَ راند ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا کيڏندا آهن. هن راند ڪرڻ لاءِ زمين تي ليڪا ڪڍي خانا (چلها) ٺاهيا ويندا آهن. رانديگر هڪ -ٺڪر- جو ٽڪرو کڻي، -ان- کي گول گهڙي منجهائس ٽاپون ٺاهيندا آهن، پوءِ اهو ٽاپون هڪ رانديگر کڻندو ۽ سڀ کان پهرئين خاني ۾ اڇلائي وجهندو. -ان- بعد هڪ پير مٿي کڻي، منڊڪ منڊڪ ڪندو خانا ٽپي ٽاپونءَ وٽ پهچندو ۽ جُهڪي ٽاپون کڻندو. جيڪڏهن انهيءَ وچ ۾ ڪٿي به سندس پير کپي ويو ته کاتو، پر جيڪڏهن پير نه کتو ۽ ٽاپون کڻي منڊڪ منڊڪ ڪندو اچي ٻاهر پهتو ته ٻيهر اورئين خاني ۾ ٽاپون اڇلائي وجهندو ۽ ساڳيءَ طرح وڃي ٽاپون کڻي ايندو. جيڪڏهن سڀني خانن مان سلامتيءَ سان ٽاپون کڻي آيو ته ڪامياب ليکبو ۽ راند کٽندو، ٻيءَ صورت ۾ هارائيندو، اها راند، حصو وٺندڙ سڀيئي -ٻار-، واري سان ڪندا آهن. راند ڪندڙ رانديگر هي ٻول ٻوليندا آهن: آجهڪ، ٻجهڪ، ٽجهڪ، سنهي، شاهه، تايون، ڪچي، پڪي، ڪڻهه ڪوٽ مڙها ميدان، اهي ٻول منڊڪ منڊڪ ڪندڙ رانديگر ٻوليندا آهن. سندس کاپڻ جو راز به انهن ٻولن ۾ هوندو آهي، ڇو ته ٻول ٻوليندي کانئن پير مٿي جهلڻ جي ڳالهه وسرڻ جو انديشو هوندو آهي. -انڊڪ منڊڪ- راند ڇوڪريون به کيڏن ته ڇوڪرا به . هن راند کيڏڻ جا مختلف قسم آهن، هيءَ راند مختلف علائقن ۾ پنهنجي پنهنجي طريقي سان رائج آهي. ڪن علائقن ۾ ڇوڪريون هڪ ٽنگ تي هڪ دنگ کان ٻئي دنگ تائين ڊوڙ پڄائينديون آهن، جيڪا دنگ تي پهرين پهتي -ان- کٽيو. ڇوڪرا وري هڪ وڏو دائرو (گول) ڪڍي اُتي هڪ ٽنگ تي بيهندا آهن، هڪ -ٻار- گول کان ٻاهر هڪ ٽنگ تي بيٺو هوندو، گول اندر بيٺلن مان هڪ آواز ڏيندو ته ”اچڻ وارو اچي“ پوءِ ٻاهريون ڇوڪرو -انڊڪ منڊڪ- ڪندو اندرين مان ڪنهن هڪ کي هٿ سان ڇهندو. اهي اندر وارا -ٻار- به -انڊڪ منڊڪ- سان گوهيون ڪندي -ان- -ٻار- جي هٿ لائڻ کان پاڻ کي بچائيندا رهندا. -ان- ۾ جيڪڏهن آڳ ڏيندڙ -انڊڪ منڊڪ- جي حالت ۾ ڪنهن کي ڇهيو ته اهو -ٻار- کاتو ۽ پوءِ اهو -ان- جو ساٿي ٿي ٻين کي ڇهڻ جي ڪوشش ڪندا، ائين جيڪي کاپندا ويندا، اهي ساٿي ٿي ٻين کي گڏجي هٿ لائيندا. اهڙيءَ طرح جنهن -ٻار- گوهيون ڏئي پاڻ بچايو، -ان- کٽيو. هن راند جو ٻيو نمونو هيءُ آهي ته اندر وارا -ٻار- هڪ ٽنگ بجاءِ ٻنهي ٽنگن تي بيٺل هوندا ۽ ٻاهر -انڊڪ منڊڪ- وارو -ٻار- انهن کي اندر دائري ۾ هٿ لائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اندر وارا -ٻار- گوهيون ڪندا، پاڻ بچائيندا رهندا آهن. هن راند ۾ ٻن ٽولن جي حساب سان به راند رچائيندا آهن، يعني پڪڙڻ وارا -انڊڪ منڊڪ- ڪندا پڪڙيندا آهن ، جڏهن ته ٻنهي ٽنگن تي بيٺل ٽولي جا -ٻار- پاڻ بچائيندا رهندا آهن. جيڪڏهن -انڊڪ منڊڪ- وارن مخالف ڌر جي رانديگرن کي کاپايو ته اهي هنن کي آڳ ڏيندا، -ان- طريقي سان هيءَ راند سادي ۽ صحت لاءِ وڏي فائديمند آهي.[1]

حوالا سنواريو