شينهن ٻڪري:(انگريزي: Lion-Goat game) هي راند واريءَ تي ڪک سان يا اوٽي تـي ڪاٺيءَ يا اڱر سان ليڪا ڪڍي ٻــه ڄڻا ڪندا آهن. هن ۾ هڪ ڄڻي وٽ ٻه شينهن ۽ ٻئي وٽ ست ٻڪريون ٿينديون آهن، جن جي ڪوڏين، ڪکن، ٺڪرن، ڀترن، ڦولهڙين مان پورت ڪندا آهن. هڪ ڄڻو وٺندو ٻه شينهن، ٻيو ست ٻڪريون. هرهڪ ٻڪري، واري تي خانن ۾ رکندو ويندو ته ٻيو شينهن رکڻ بعد ساريون خانن ۾ چوريندو ويندو. شينهن جي سامهون ٻڪري آئي ۽ اڳيون خانو خالي هوندو ته شينهن کي اُن ٻڪريءَ مٿان ٽپائي، اڳئين خالي خاني ۾ رکبو ۽ اوها ٻڪري مُئي، جي ڪڍي ٻاهر رکبي. جي ٽي چار ٻڪريون ماري وڌائين ته راند کٽائين، پر جي ٻڪرين وارو اهڙي طرح ٻڪريون رکي، جيئن شينهن کي چُرڻ لاءِ ڪو خانو نه بچي، ته راند کٽيائين. هي راند اڪثر جهنگ ۾ مالدنار واندڪائي وقت ۽ ڳوٺن ۾ ننڍا ڇوڪر ڪندا آهن[1].

حوالا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو