لڪ لڪوٽي: اکٻوٽ:


ٻارن ۾ لڪڻ ۽ لڪل کي ڳولڻ وارين راندين جا گهڻا قسم هوندا آهن، پر سنڌ جي لڪ لڪوٽي پنهنجو مٽ پاڻ آهي، ڇا ڪندا جو هڪ ٻار کي اکين تي هٿ رکرائي اوڪڙو ويهاريندا، ان جي چوڌاري پڙ (گول ليڪو) ڪڍندا، ۽ سندس مٿي تي ٻار مٺيون ڀيڙي هڪٻئي جي مٿان رکندا. هڪ ٻار جي هڪ مٺ ته ٻئي جي ٻي، ائين سب ئي اڀيون مٺيون رکي ويندا، پوءِ جنهن جي مٺ مٿان هوندي، اهو ٻئي هٿ جي آڱر وات ۾ گهمائيندو ۽ گهمائڻ مهل آواز به ڪندو ۽ چوندو ته. لڪ لڪوٽي ........ پاڻي ڀري ڦوٽي..... ڦوٽا ڦڪيندس..... لونگ لٽيندس........ هيٺيون ڀڄي ڪي مٿيون، ڪي وچون. پوءِ جيڪو ٻار اکيون پوريون ويٺو هوندو، انهيءَ جي مرضي. هيٺيون چوي يا مٿيون يا وچون، جنهن جي نالي چيئين اهو انهيءَ قطار مان مٺيون ڪڍي ڀڄي وڃي لڪندو. وري لڪ لڪوٽي چوڻ وارو ٻار وري چوندو، تان جو سڀ ڀڄي وڃي لڪندا، پوءِ آگ ڏيڻ وارو ڏاڍيان چوندو ته ”ڪوڪ ڪريو“ جڏهن لڪڻ وارا لڪي ويندا، تڏهن انهن مان هڪ ڪوڪ ڪندو، پوءِ آگ ڏيڻ وارو اٿي کين ڳوليندو، جنهن کي پڙ ۾ اچڻ کان اڳ هٿ لاتئين سو کاتو، اهو آگ ڏيندو ۽ جنهن کي وجهه لڳندو سو ڊوڙي اچي پڙ ۾ بيهندو ۽ چوندو ته ”ڌو ڌو پڙ جو گهٽو“ جي ڳولڻ وارو ڪنهن کي به وٺي نه سگهيو ته وري آگ ڏيندو.[1]

  1. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page13.html.  Missing or empty |title= (مدد)}