اڪي ٻڌيءَ راند:(انگريزي: Iki Bbadhi game ) ڪي -ٻار- وڃي چيچڪا، ٿڌڙا ۽ ککڙيون ميڙي چونڊي پاڻ وٽ گڏ ڪندا، پوءِ هڪ ڄڻو مُٺ ڀري چوندو: ”اِڪي ڪي ٻڌي؟“ پوءِ ٻي ڇوڪري چيو: ”اِڪي“ ته ٻه ٻه داڻا ڪري ڳڻيندا جي هڪ داڻو بچيو ته چوندڙ کٽيو، اهي سڀئي داڻا جيت ۾ پاڻ کڻندو، پر جي ڳڻپ کان پوءِ ٻه داڻا -بچي- پيا ته ٿي ”-ٻڌي-“. واڪ ڏيندڙ هارايو. اهو ايترا داڻا پنهنجي جهول مان ڪڍي کٽيندڙ کي ڀري ڏيندو. هي راند وڏيءَ عمر وارا به ڪندا آهن، پر داڻن جي بجاءِ کائڻ واريون ڪنگڻيون ڏهه، ٻارهن هٿ ۾ جهلي وٺي هٿ جي مهٽو ڏيندا. پوءِ اهي -ٽڪر- ٿيل ڪنگڻيون ڳڻيندا جي ڀڃندڙ کٽيو ته سڀ -ٽڪر- کڻي ويندو ۽ هاريندڙ ڪنگڻين جا پئسا ڀري ڏيندو، پر جي واڪ ڏيندڙ جيتيو ته ڀڃندڙ ڪنگڻين جا پئسا ڀريندو ۽ ٽڪرا واڪ ڏيندڙ کڻندو. ڌڪي وري پنج کان ڏهن تائين ڏونگهيون هڪ ٻئي مٿان رکي مڪ سان ڀڃن، پوءِ انهن جا ٽڪرا ڳڻين، جي ڪا ڏونگهي سڄي رهجي ويئي ته ڀڃندڙ سڀني جا پئسا ڀري ڏيندو.[1]ا ٻه ڄڻا گڏجي ڪندا آهن. ڪوڏيون کڻي ٻنهي هٿن جي ٻڪ سان کَڙکڙائي هڪ هٿ ۾ ڪجهه ڪوڏيون وٺي، مُٺ بند ڪري، ٻئي کان پُڇندو ته اِڪي يا ٻَڌي؟ هو ڪو نالو وٺندو، پوءِ مُٺ کولي ڪوڏيون ڳڻيندا، جي اڳلي جي چوڻ موجب هونديون ته هُن کٽيو ۽ سڀگ کيس ڏيندو، پر جي نه هونديون ته اوتريون هن کان وٺندو[2].

حوالا سنواريو

  1. اڪي ٻڌي راند : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو