صحت مان مراد جسم جي اها ڪيفيت آهي جيڪا معمول جي مطابق هجي يا جسماني ۽ ذهني تندرستي. هي لفظ عام طور تي جسماني ڪيفيت جي لاء به استعمال ڪيو ويندو آهي.

صحت جي ساراهي لاء جسماني سرگرميون، سائيڪلنگ، جاگنگ، سوئمنگ وغيره ضروري آهن.

صحت (Health) جون مختلف معنائون آهن، جيڪي وقت گذرڻ سان گڏ مختلف مقصدن لاءِ استعمال ٿينديون رهيون آهن. عام طور تي، اهو جسماني ۽ جذباتي خوشحالي ڏانهن اشارو ڪري ٿي ۽ خاص طور تي انساني جسم جي عام ڪم، جهڙوڪ بيماري، درد (ذهني درد سميت) يا زخم، سان لاڳاپيل آهي.

ايروبڪس، جسماني ۽ ذهني صحت لاء.

صحت کي، صحت مند سرگرمين، باقاعده جسماني ورزش ۽ مناسب ننڊ،[1] جي حوصلا افزائي ڪندي ۽ غير صحت مند سرگرمين يا حالتن، جهڙوڪ سگريٽ نوشي يا گهڻو دٻاءُ، کي گهٽائڻ يا ان کان پاسو ڪندي، فروغ ڏئي سگهجي ٿو. صحت تي اثر انداز ڪندڙ ڪجهه عنصر انفرادي چونڊ جي سبب آهن، جيئن ته هڪ اعلي خطري واري رويي ۾ مشغول ٿيڻ، جڏهن ته ٻيا ساختي سببن جي ڪري آهن، جيئن ته ڇا سماج کي اهڙي طريقي سان ترتيب ڏنو ويو آهي جيڪو ماڻهن لاء ضروري صحت جون خدمتون حاصل ڪرڻ آسان يا ڏکيو بڻائي ٿو. اڃا تائين، ٻيا عنصر، جهڙوڪ جينياتي خرابيون، انفرادي ۽ گروهه جي چونڊ کان ٻاهر آهن.

عالمي صحت جي اداري (WHO) جي تعريف جي مطابق؛

صحت هڪ مڪمل جسماني، ذهني ۽ سماجي ڀلائي جي حالت آهي ۽ نه ڪه رڳو بيماري يا ڪمزوري جي غير موجودگي.

ذريعو: "آئين". عالمي صحت جو ادارو. حاصل ڪيل 25 سيپٽمبر، 2024.  Check date values in: |access-date= (مدد)

صحت جي معنيٰ وقت سان گڏ ترقي ڪئي آهي. حياتياتي نقطه نظر سان، صحت جي شروعاتي معني جسم جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت جي موضوع تي مرکوز رکڻ ۾ آهي. صحت کي عام ڪم جي حالت جي طور تي ڏٺو ويو جيڪو وقت بوقت بيماري جي ڪري خراب ٿي سگهي ٿو. صحت جي اهڙي وصف جو هڪ مثال هي آهي: "هڪ حالت جنهن جي خاصيت ذهني، جسماني ۽ نفسياتي سالميت آهي. ذاتي طور تي قابل قدر خانداني ڪم کي انجام ڏيڻ جي صلاحيت ۽ ڪميونٽي ڪردار، جسماني، حياتياتي، نفسياتي ۽ سماجي دٻاء کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت آهي".[2] ان کان پوء، سال 1948ع ۾، اڳوڻي تعريف کان بنيادي طور تي نڪرندي، ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او)، صحت کي صحت سان ڳنڍڻ، هڪ تعريف پيش ڪئي؛

"نه صرف بيماري ۽ ڪمزوري جي غير موجودگي، بلڪه   جسماني، ذهني ۽ سماجي ڀلائي جي لحاظ کان، جنهن جو مقصد اعلي آهي." 

جيتوڻيڪ هن تعريف جي آجيان ڪئي وئي، ڪجهه ماڻهن طرفان جديد هجڻ جي ڪري، ان تي تنقيد پن ڪئي وئي، ته هو مبهم ۽ تمام گهڻو وسيع آهي ۽ ماپ جي طور تي نه ٺهرايو ويو آهي. هڪ ڊگهي وقت تائين، اهو هڪ غير عملي مثالي طور تي مقرر ڪيو ويو آهي، صحت جي اڪثر بحثن سان بايو ميڊيڪل ماڊل جي عملييت ڏانهن موٽڻ سان. جهڙيءَ ريت بيماريءَ کي هڪ رياست جي حيثيت ۾ ڏسڻ کان ان کي هڪ عمل جي طور تي سوچڻ ۾ تبديلي آئي، ساڳي تبديلي صحت جي وصفن ۾ به ٿي. ٻيهر، ڊبليو ايڇ او هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو جڏهن هن 1980s ۾ صحت جي واڌاري جي تحريڪ جي ترقي کي وڌايو. هن صحت جي هڪ نئين تصور ۾ آندو، هڪ رياست جي طور تي نه، پر لچڪ جي متحرڪ اصطلاحن ۾، ٻين لفظن ۾، "جيئڻ لاء هڪ وسيلو" جي طور تي. 1984 ۾، ڊبليو ايڇ او صحت جي تعريف ۾ ترميم ڪندي ان جي وضاحت ڪئي ته ”اهڙي حد تائين جنهن تائين هڪ فرد يا گروهه اميدن کي محسوس ڪرڻ ۽ ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ ماحول کي تبديل ڪرڻ يا ان کي منهن ڏيڻ جي قابل آهي. زندهه؛ اهو هڪ مثبت تصور آهي، جيڪو سماجي ۽ ذاتي وسيلن تي زور ڏئي ٿو، انهي سان گڏ جسماني صلاحيتون. ان ڪري، صحت جو حوالو ڏنو ويو هوميوسٽاسس کي برقرار رکڻ ۽ خراب واقعن کان بحال ڪرڻ جي صلاحيت. ذهني، دانشورانه، جذباتي ۽ سماجي صحت جو حوالو ڏنو ويو آهي هڪ شخص جي دٻاء کي سنڀالڻ جي صلاحيت، مهارت حاصل ڪرڻ، رشتا برقرار رکڻ لاء، اهي سڀئي لچڪدار ۽ آزاد زندگي گذارڻ لاء وسيلا ٺاهيندا آهن. هي کولي ٿو صحت لاءِ ڪيترائي موقعا سيکارڻ، مضبوط ڪرڻ ۽ سکيا جا.

Then, in 1948, in a radical departure from previous definitions, the World Health Organization (WHO) proposed a definition that aimed higher, linking health to well-being, in terms of "physical, mental, and social well-being, and not merely the absence of disease and infirmity".[3] Although this definition was welcomed by some as being innovative, it was also criticized for being vague and excessively broad and was not construed as measurable. For a long time, it was set aside as an impractical ideal, with most discussions of health returning to the practicality of the biomedical model.[4]

Just as there was a shift from viewing disease as a state to thinking of it as a process, the same shift happened in definitions of health. Again, the WHO played a leading role when it fostered the development of the health promotion movement in the 1980s. This brought in a new conception of health, not as a state, but in dynamic terms of resiliency, in other words, as "a resource for living". In 1984, WHO revised the definition of health defined it as "the extent to which an individual or group is able to realize aspirations and satisfy needs and to change or cope with the environment. Health is a resource for everyday life, not the objective of living; it is a positive concept, emphasizing social and personal resources, as well as physical capacities."[5] Thus, health referred to the ability to maintain homeostasis and recover from adverse events. Mental, intellectual, emotional and social health referred to a person's ability to handle stress, to acquire skills, to maintain relationships, all of which form resources for resiliency and independent living.[4] This opens up many possibilities for health to be taught, strengthened and learned.

Since the late 1970s, the federal Healthy People Program has been a visible component of the United States' approach to improving population health.[6] In each decade, a new version of Healthy People is issued,[7] featuring updated goals and identifying topic areas and quantifiable objectives for health improvement during the succeeding ten years, with assessment at that point of progress or lack thereof. Progress has been limited to many objectives, leading to concerns about the effectiveness of Healthy People in shaping outcomes in the context of a decentralized and uncoordinated US health system. Healthy People 2020 gives more prominence to health promotion and preventive approaches and adds a substantive focus on the importance of addressing social determinants of health. A new expanded digital interface facilitates use and dissemination rather than bulky printed books as produced in the past. The impact of these changes to Healthy People will be determined in the coming years.[8]

Systematic activities to prevent or cure health problems and promote good health in humans are undertaken by health care providers. Applications with regard to animal health are covered by the veterinary sciences. The term "healthy" is also widely used in the context of many types of non-living organizations and their impacts for the benefit of humans, such as in the sense of healthy communities, healthy cities or healthy environments. In addition to health care interventions and a person's surroundings, a number of other factors are known to influence the health status of individuals. These are referred to as the "determinants of health", which include the individual's background, lifestyle, economic status, social conditions and spirituality; Studies have shown that high levels of stress can affect human health.[9]

In the first decade of the 21st century, the conceptualization of health as an ability opened the door for self-assessments to become the main indicators to judge the performance of efforts aimed at improving human health.[10] It also created the opportunity for every person to feel healthy, even in the presence of multiple chronic diseases or a terminal condition, and for the re-examination of determinants of health (away from the traditional approach that focuses on the reduction of the prevalence of diseases).[11]

انساني صحت بابت ٽيسٽون

سنواريو

CBC ڪمپلیٽ بلڊ ڪائونٽ

سنواريو

هي رت ۾ موجود مختلف خلين يعني ريڊ بلڊ سيلز وائٽ بلڊ سيلز ۽ ٻن وائٽ بلڊ سيلز جا سڀ قسم ۽ پليليٽس جي تعداد ۽ رت ۾ موجود هيموگلوبن جي مقدار ٻڌائيندو آهي جيڪڏھن اوهان جي رت ۾ هيموگلوبن جي گهٽتائي ھجي يعني اينميا جو شڪار آهيو جنھن کي عام طور تي رت جي گهٽتائي چئبو آهي يا جسم ۾ ڪو انفيڪشن يا الرجڪ پروسيس هلي رهيو آهي تہ ان ٽيسٽ سان خبر پوندي آهي.

LFTs لیور فنڪشن ٽیسٽ

سنواريو

هي جگر جي ٽيسٽ آهي جنھن ۾ جگر جي نارمل ڪم ڪرڻ جي صلاحيت کي چيڪ ڪرڻ جي لاءِ رت ۾ بلريوبن ۽ ڪجهه اينزائمز کي جانچيو ويندو آهي. بلريوبن هڪ مادو آهي جيڪو اسان جي ڳاڙهن خلين جي ٽٽڻ سان ٺھندو آهي ۽ جگر ان کي جسم مان صاف ڪرڻ جي لاءِ ٻين ڪجهه مادن سان گڏ جوڙي ويندو آهي ۽ پوءِ هي جسم مان خارج ٿي ويندو آهي. جيڪڏھن جگر جي نارمل فنڪشن ۾ ڪا خرابي ٿي تہ بلريوبن جي مقدار رت ۾ هڪ مخصوص ويليو کان وڌي ويندي آهي.

RFTs رینل فنڪشنل ٽيسٽ

سنواريو

هي گڙدن جي جاچ جي ٽيسٽ آهي. ان ۾ رت ۾ موجود يوريا ۽ ڪريٽينن کي جانچيو ويندو آهي ۽ جيڪڏهن انھن جي مقدار هڪ مخصوص حد کان وڌيڪ هجي تہ گڙدن جي خرابي کي ظاهر ڪندو آهي.

Lipid profile Test

سنواريو

هي جسم ۾ موجود مختلف طرح جي لپڊز جي جانچ ڪندو آهي يعني ڪوليسٽرول، هائي ڊينسٽي لائيپو پروٽين ۽ لو ڊينسٽي لائيپو پروٽين. جن ماڻھن جي فيملي ۾ مستقبل ۾ دل جو مرض هجي تہ انھن کي خاص طور تي مرد کي هي ٽيسٽ سال ۾ هڪ دفعو ضرور ڪرائڻ گھرجي لپڊ ليول ۾ جيڪڏهن ٿوري گھڻي خرابي هجي تہ اوھان شروعاتي ليول تي ان جي جاچ ڪري پنھنجي خوارڪ ۾ تبديلي ۽ ورزش کي روٽين جو حصو بنائي ڪري دل جي خطرناڪ مرضن کان محفوظ رهي سگھو ٿا. مردن ۾ دل جي مرض جو ريشو وڌيڪ هجي ٿو. ان لاءِ سڀني ماڻھن کي ويھ سال جي عمر کانپوءِ هي ٽيسٽ ضرور ڪرائڻ گھرجي ۽ جن جي پيءُ ماءُ کي دل جو مرض آهي تہ اُهو سالانو هي ٽيسٽ ضرور ڪرائي.

BSL بلڊ شوگر لیول

سنواريو

هي ٽيسٽ رت ۾ موجود گلوڪوز جي مقدار ٻڌايندو آهي. جيڪڏھن اوهان جي فيملي کي مستقبل ۾ ڊايا بٽيز شوگر جي بيماري آهي تہ سالانو پنھنجو ٽيسٽ ضرور ڪرائيو.

ترقي یافتہ ملڪن ۾ هر ڇھ مھيني کانپوءِ سڪريننگ ٽيسٽ مان هي بہ ٽيسٽ ڪئي ويندي آهي. ڪولون ۽ ريڪٽم جا مختلف مرض خصوصن ڪينسر کي جلدي پڪڙڻ جي لاءِ هي ٽيسٽ بنيادي اھميت جو ڪارڻ آهي. ھن ٽيسٽ ۾ سٽول سيمپل جي مائيڪروسڪوپڪ جاچ ڪئي ويندي آهي ان ۾ رت پس يا ڪو ٻيو ايبنارمل مادو تہ موجود نہ آهي چيڪ ڪيو ويندو آهي.

Urine complete examination

سنواريو

ان ٽيسٽ ۾ يورين جي مڪمل مائيڪروسڪوپڪ جاچ ڪئي ويندي آهي تہ ان ۾ بيڪٽيريا،رت پس يا ڪرسٽل وغيره تہ موجود ناهن. هي ٽيسٽ يورينري ٽريڪٽ جي بيمارين جي جاچ جي لاءِ ضروري آهي.

صحت جي سهولتن جي کوٽ

سنواريو

پاڪستان ۾ ٽين دنيا جي ٻين پٺتي پيل ملڪن وانگر صحت جي سھولتن تائين پهچ هڪ بنيادي مسئلو آهي ۽ اهو مسئلو معاشري ۾ موجود سماجي، معاشي ۽ سياسي جوڙجڪ سان ڳنڍيل آهي. پاڪستان ۾ رٿابندي جي ماهرن ۽ آپيشاهي پاران ٺاهيل صحت پاليسي ناڪام ترين پاليسي آهي ۽ پاڪستان جا شهري صحت جي بنيادي سھولتن کان وانجهيل آهي.

پٺتي پيل ملڪن ۾ گهڻي ڀاڱي اهي بيماريون وڌيڪ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جيڪي گند، صفائي جي نه هئڻ ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي نه ملڻ جي صورت ۾ پکڙجن ٿيون. مثال طور، دستن جون بيماريون، ارڙي، ڪالرا، پيچش، آنڊي جون بيماريون ۽ پوليو وغيره. انھن علائقن ۾ گهڻو ٿئي ٿو جتي صاف پاڻي جو انتظام نه آهي اتي بيمارين پکڙجڻ جا امڪان گهڻا آهن. پاڪستان ۾ هٿ آيل انگن اکرن موجب پهرئين نمبر تي پيٽ جون بيماريون ۽ ٻئي نمبر تي هوا وسيلي ڦھلجندڙ بيماريون ٽي.بي، فلو، ارڙي، مليريا وغيره عام جام آهن.

انھن بيمارين جا مختلف قسم ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي پٺتي پيل ملڪن جي عوام جا قاتل آهن. اهي مرض غريبن جا مرض آهن ۽ انهن جو وڏو سبب غربت آهي. ڇاڪاڻ ته پيئڻ جي صاف پاڻي نه هجڻ، گندي پاڻي جي نيڪال جو انتظام نه هجڻ، غير معياري ۽ گهٽ خوراڪ جو هجڻ انهن غريب ملڪن جو هڪ عام مسئلو آهي. ان کانسواءِ تعليم جي کوٽ ڪارڻ ماڻهن کي صحت ۽ صفائي بابت بنيادي ڄاڻ به نٿي حاصل ٿئي، جنھن ڪري انهن بيمارين جو وڏو انگ غريبن سان گڏ رهي ٿو. غريب ماڻهو غير معياري خوراڪ ۽ پيئڻ جو غليظ پاڻي پنهنجي مرضي ۽ خوشيءَ سان نٿا واپرائن، پر انهن کي سندن گهٽ اجرتن ۽ غربت جي سزا ملي ٿي.

وسندين ۾ گند ڪچري جا ڍير، مکيون، مڇر، جانور ۽ انسان هڪ ئي هنڌ گذارين ٿا ۽ شهري خدمت جا ادارا، بلدياتي ادارا ۽ پبلڪ هيلٿ جھڙا کاتا رڳو پنهنجي فنڊن ۽ ڪميشنن کائڻ جي پويان آهن، جنھن سبب مٿي ذڪر ڪيل بيماريون پنھنجو ڄار پکيڙي رهيون آهن، پيئڻ لاءِ صاف پاڻي جي فراهمي، ڪني پاڻي ۽ گندگي جي نيڪال جي انتظام کان وڌيڪ ڪوبه قدم انهن مسئلن کي حل ڪري نٿو سگهي.

ٻئي طرف ٻهراڙين ۾ به صورتحال ڪا چڱي ڪونه آهي. حڪومت جا ٺهرايل بنيادي صحت جا مرڪز ۽ يونٽ ويران آهن. انهن يونٽن ۽ مرڪزن ۾ مقرر ڪيل ڊاڪٽر ڊيپوٽيشن تي شهرن جي اسپتالن ۾، يا وري هفتيوار حاضري لڳائڻ ۽ پگهار کري ڪرڻ لاءِ ويندا آهن. دوائون ميڊيڪل اسٽورن تي کپايون وينديون آهن ۽ عام طور تي ڪمپائونڊر ۽ ڊسپينسر انهن مرڪزن ۽ يونٽن ۾ ايندڙ مريضن تي پنهنجي قابليت جا تجربا ڪندا رهندا آهن.

پاڪستان ۾ شهري آبادي جي 21 سيڪڙي حصي کي ۽ ٻهراڙين جي رڳو 4 چار سيڪڙي حصي کي صحت ۽ صفائي جون بنيادي سهوليتون حاصل آهن، جڏهن ته شهري آبادي جي 53.8 سيڪڙو آبادي ۽ ٻهراڙين جي 17 سيڪڙو آبادي کي پيئڻ جو صاف پاڻي مليل آهي.

ٽين دنيا جي ملڪن ۾ طبي تعليم، تربيت ۽ انتظام پڻ نوآبادياتي نظام جو ورثو ۽ عطيو آهي ۽ ان نظام کي شعوري طور تي ترقي ڏني پئي وڃي جنھن سبب تربيت ورتل ۽ پڙهيل ڳڙهيل ڊاڪٽر تي حڪومت جو لکين روپيه خرچ اچي ٿو، ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ يورپ ۽ آمريڪا وڃڻ جي خواهش رکن ٿا ۽ موقعو ملندي ئي ڀڄي وڃن ٿا. نتيجي ۾ عوام جي پگهر ۽ پورهئي جي ڪمائي مان خرچ ڪيل پئسو زيان ٿئي ٿو ۽ ٻئي طرف امير ملڪن کي مفت ۾ ڊگري ورتل ۽ تيار ڊاڪٽر ملي وڃن ٿا ۽ غريب ملڪن جي ذهني صلاحيتن جو پڻ استحصال ٿئي ٿو.

انـهـيءَ ذهـنـي صــلاحـيـتـن جــي لــڏپـلاڻ واري عمل کي برين ڊرين (Brain Drain) جو نالو ڏنو ويو آهي. بين الاقوامي سطح تي ڊاڪٽرن ۽ ٻين ذهني صلاحيتن رکندڙ فردن جي لڏپلاڻ جو سوال ان لاءِ اهميت رکي ٿو ته ان سان ڪنھن خاص نظام ۽ انهيءَ سماجي ۽ معاشي جوڙجڪ واري صورتحال جي خبر پوي ٿي، جنھن جي سرحدن ۾ اهو نظام سرگرم عمل آهي. جيئن ٽين دنيا جي ملڪن جو سياسي، سماجي ۽ معاشي ڍانچو ان پوزيشن ۾ نه آهي جو بين الاقوامي طور تي ذهني صلاحيتن جي لڏپلاڻ واري عمل کي روڪي سگهي. اهو رڳو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندو، جڏهن انهن ملڪن جي سماجي ۽ معاشي سسٽم ۾ ڪا بنيادي تبديلي اچي ۽ ملڪ کان ٻاهر موجود سهوليتون ملڪ اندر ئي ميسر ٿين. تعليم ۽ تربيت جي لاڳو غلط سسٽم سبب ڊاڪٽرن ۾ شهرن جي اسپتالن ۽ نجي پريڪٽس ڪرڻ جي خواهش عام طور تي ٻهراڙين جي طبي مرڪزن جي ويراني ۽ وڌندڙ بيمارين کي جنم ڏئي ٿي.

1978ع ڌاري صحت جي عالمي اداري پاران ”الماتا ڪانفرنس“ ۾ سن 2000ع تائين دنيا جي سمورن ماڻهن کي صحت جي سمورين سهوليتن فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هيو، جنھن تحت نه رڳو علاج پر احتياطي تدبيرون، صفائي سٿرائي ۽ اڳواٽ علاج جون سهوليتون پڻ ڏنيون وڃن ها. انهيءَ تصور کي پرائمري هيلٿ ڪيئر (P.H.C) جو نالو ڏنو ويو هيو. پي.ايڇ.سي جو تصور رڳو طبي صحت نه بلڪ سماجي ۽ معاشرتي مسئلن سان پڻ لاڳاپيل آهي.

گذريل ورهين ۾ دوائن ٺاهڻ جي ڪمپنين پنهنجي مختلف دوائن جون قيمتون وڌايون آهن ۽ حڪومت طرفان به انهن کي کلي ڇوٽ ڏني وئي آهي. طبي ماهرن موجب پاڪستان ۾ بيمارين جا جيترا به قسم آهن، انهن جي علاج لاءِ 728 بنيادي دوائن جي ضرورت آهي. پر مارڪيٽ ۾ هن وقت ساڍا چار هزار دوائون مختلف نالن سان موجود آهن، جن مان وري ڪي اهڙيون آهن جن تي يورپ ۽ آمريڪا سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ بندش پيل آهي. ڇاڪاڻ ته انهن دوائن سبب ٻيون ڪيتريون ئي موتمار بيماريون جنم وٺن ٿيون. هن وقت پاڪستان ۾ دوائن ٺاهڻ جي صنعت جو 95 سيڪڙو حصو عالمي هڪ هٽين يعني ملٽي نيشنل ڪارپوريشنن جي هٿ ۾ آهي. انهن ڪمپنين جو ڄار پوري دنيا ۾ پکڙيل آهي. اهي ڪمپنيون خام مال هڪ ملڪ ۾ ٺاهين ٿيون، مصنوعات ٻئي ملڪ ۾ ٺاهين ٿيون، پيڪنگ ٽئين ملڪ ۾ ڪن ٿيون ته وري مارڪيٽنگ چوٿين ملڪ ۾ ڪن ٿيون، هن وقت پاڪستان ۾ تيار ٿيندڙ دوائن مان پيڪنگ جو 68 سيڪڙو ۽ خام مال جو 86 سيڪڙو ٻاهران گهرايو وڃي ٿو، جنهن تي قيمتي ٻاهريون ناڻو خرچ ٿئي ٿو. ٻئي طرف حڪومت ان سلسلي ۾ دوائن جي صنعت ۾ ملڪ کي خود ڪفيل بنائڻ ۽ واضح پاليسين ٺاهڻ جي بدران غير ملڪي مفادن هيٺ حڪمت عمليون جوڙي رهي آهي. جڏهن ته دوا سازي جي صنعت ۾ ڪم ايندڙ خام مال پاڪستان ۾ موجود آهي ۽ ان کي ڪم آڻي سگهجي ٿو.

بنيادي طور تي عوام کي صحت جي سهوليتن جي فراهمي جو مسئلو سياسي مسئلو آهي، ڇاڪاڻ ته نوڪر شاهي ۽ اشرافيا، صحت جي شعبي ۾ پنهنجون پاليسيون رڳو معاشري جي هڪ حصي جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ جوڙي رهيا آهن. [12]

  1. "Benefits of Physical Activity". Centers for Disease Control and Prevention. حاصل ڪيل 11 September 2021. 
  2. Stokes, J.; Noren, J.; Shindell, S. (1 January 1982). "Definition of terms and concepts applicable to clinical preventive medicine". Journal of Community Health 8 (1): 33–41. doi:10.1007/bf01324395. ISSN 0094-5145. PMID 6764783. 
  3. World Health Organization (1958). The first ten years of the World Health Organization. Geneva: WHO. ISBN 9789241560146. https://www.who.int/iris/handle/10665/37089. 
  4. 4.0 4.1 "Part 1 – Theory: Thinking About Health Chapter 1 Concepts of Health and Illness". phprimer.afmc.ca. وقت 12 August 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 22 June 2016.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  5. World Health Organization. Regional Office for Europe (1984). Health promotion : a discussion document on the concept and principles : summary report of the Working Group on Concept and Principles of Health Promotion, Copenhagen, 9–13 July 1984. Copenhagen: WHO Regional Office for Europe. https://www.who.int/iris/handle/10665/107835. 
  6. سانچو:Multiref2
  7. History & Development of Healthy People آرڪائيو ڪيا ويا 2017-04-27 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. U.S. Department of Health and Human Services
  8. Jonathan, E. Fielding; Shiriki, Kumanyika; Ronald, W. Manderscheid (2013). "A Perspective on the Development of the Healthy People 2020 Framework for Improving U.S. Population Health". Public Health Reviews 35. http://www.publichealthreviews.eu/upload/pdf_files/13/00_Fielding.pdf. 
  9. "How stressed are you?". BBC News. 6 November 2013. https://www.bbc.co.uk/news/health-24756311. 
  10. Jadad, Alejandro R. (1 November 2016). "Creating a pandemic of health: What is the role of digital technologies?" (en ۾). Journal of Public Health Policy 37 (2): 260–68. doi:10.1057/s41271-016-0016-1. ISSN 0197-5897. PMID 27899800. 
  11. "Creating a Pandemic of Health: Opportunities and Lessons for a University Initiative at the Intersection of Health, Equity, and Innovation | Harvard Public Health Review: A Student Publication". harvardpublichealthreview.org. وقت 7 March 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 20 January 2018.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  12. سياست، سماج ۽ آزادي (خالد چانڊيو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-12-28