ٻلاڙو:(انگريزي: Bbilarro game) ٽي چار ڄڻا گڏجي پُٺا اٽڪائي چوڌاري مُنهن ڪري بيهندا ٻيا به اوترا سنگتي چوڌاري پرڀرو بيهندا. ٻاهريان اندرين کي ڌڪ هڻي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندا، ته هو کين جهلڻ جي ڪوشش ڪندا. جي ڪو جهلي وڌائون ته ان کي ”کانچيَل“ چوندا ۽ اهو ٻاهريون سنگتي ويهي رهندو، پر جي ڀڄي ويو ته اندريون سنگتي کانچيل ٿيو، جو نڪري ٻاهر ويهندو. اهڙيءَ طرح راند ڪندا رهندا. پوءِ جي ٻاهريان سنگتي سڀ جهلجي رهيا يعني کانچجي پيا، ته اندرين راند کٽي. جي اندريان سڀ کانچجي ويا ته ٻاهرين راند کٽي[1].

حوالا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو