اٽي ڏڪر يا ڏيڪي ڏڪر جنھن کي اردو ۾ گلی ڈنڈا چوندا آھن ھڪ مشهور ٻاراڻي راند، جيڪا -ٻار- کيڏن. بعضي وڏا به اِٽي_ ڏڪر راند ڪن ۽ ٽوليون ٺاهي مئچون ٻڌن. نهايت دلچسپ راند آهي. -اٽي- ۽ ڏڪر ڪاٺ مان گهڙايل ٿين ٿا. -اٽي- چئن کان ڇهن انچن جي ۽ ڏڪر لڳ ڀڳ -ٺونٺ- جيترو مضبوط ڏنڊو هوندو آهي، آڳ وٺندڙ رانديگر پنهنجي واريءَ تي اٽيءَ کي گل مٿان پاسيرو رکي، -ان- جي هيٺان ڏنڊو کپائي زور سان پري تائين اڇلائيندو آهي. مخالف رانديگر اها -اٽي- جهپي رانديگر کي آڳ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جهپي نه سگهڻ جي صورت ۾ رانديگر گل جي مٿان ڏڪر رکندو ۽ مخالف رانديگر -ان- جاءِ -تان- اٽيءَ سان ڏڪر کي چُٽي رانديگر کي آئوٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. -ان- ۾ به ناڪام ٿيڻ کان پوءِ رانديگر ڏڪر سان ڏڪيءَ جي پاسن تي ڌڪ هڻي -ان- کي هوا ۾ مٿي ڪُڏائيندو ۽ پوءِ -ان- کي زمين تي ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي ڏڪر سان زوردار ڌڪ هڻي ڪنهن پاسي پري اڇلائڻ جي ڪوشش ڪندو، مخالف رانديگر هڪ ڀيرو وري -ان- کي جهپڻ جي ڪوشش ڪندا، ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ رانديگر گل کان اٽيءَ تائين جو فاصلو ڏڪر سان ماپيندو ۽ اوتريون پوائنٽون اسڪور ڪندو اهڙيءَ طرح هي رانديگر آڳ وٺندو ويندو جيستائين وڃي آئوٽ ٿئي. ڏڪر ماپڻ مهل ڳڻپ هن ريت ڪندا اِڪٽ، بِڪٽ، لان، مُون، نار، -آر-، ويئي، جڳ (يا يُڪو) اهي غالبا دراوڙي عدد آهن، -اٽي ڏڪر- کيڏڻ جا ڪافي نمونا آهن -جن- مان هڪ گول دائري اندر بيهي ٻاهران اڇلايل اٽيءَ کي ڏڪر سان ڌڪ هڻي پري موٽائڻ آهي.[1] هي راند ننڍا ڇوڪر ڪندا آهن. ڪاٺ جو ننڍو ٽڪر، ٻنهي پاسن کان ٿورو سنهو ۽ وچ تي ٿلهيرو ٺاهيندا، جنهن کي ”اِٽي“ چوندا آهن. ٻي ڪاٺي ٽي فوٽ کن ڊگهي کڻندا آهن، جنهن کي ڏڪَرَ (ڏوٽو ۽ بُگو) چوندا آهن. زمين ۾ ٿوري لانبي کڏ کڻندا، جنهن کي گُهني چون. راند وارا سڀيئي چوڪرا واري واري سان گهنيءَ ۾ اِٽي رکي ڏڪر سان هرڪو ڌڌل هڻندو، جنهن جي ڌڪ سان اٽي ويجهي ڪري يا جنهن کان ڌڪ نه لڳو ۽ گسي ويو ته ان کي کوکو چوندا، پوءِ ان تي آگ آئي ۽ پُڏيندو. پوءِ جنهن ڇوڪر جي ڌڪ سان اِٽي جتي ڪِري هوندي، اتان بيهي آگ وارو اِٽي گهنيءَ ڏي اڇليندو. گهنيءَ وٽ ڏڪر رکيل هوندو، اِتي جي ان کي اچي لڳي ته آگ لٿي، نه لڳي ته مٿي بيٺل ڏڪر کڻي اِتي کي ڌڪ هڻي پري اڇليندو، ته هو ڊوڙي اچي اٽي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندو، جي پهچي ويو ۽ اِٽي ڇڏائي وڌائين ته آگ لٿي. هي راند ڪيترن ئي نمونن سان ڇوڪرا ڪندا آهن[2].

ٻہ ڇوڪرا ورانسي شھر ۾ اٽي ڏڪر راند کيڏندي

حوالا سنواريو

  1. اٽي ڏڪر : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو