چِيڪلو (انگريزي: Cheeklo) سنڌ جي هڪ قسم جي قديم راند آهي جيڪا خاص سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ ٻار کيڏندا آهن.چِيڪلو ڪاٺ منجهان ٺهندو آهي. چِيڪلو جي بناوت ۾ ٻه حصا ٿيندا آهن. هڪ کي مُنِي چئبو آهي جيڪا نوڪدار هوندي آهي. اها زمين ۾ کوڙي ويندي آهي ۽ ان جو نوڪدار حصو مٿي هوندو آهي جنهن ۾ ڪماڻ وانگر هڪ ڪاٺي ڪم ايندي آهي جنهن کي وچ تي کانچو هوندو آهي ۽ ڇيڙن وٽ وڍ هوندا آهن. ان جو کانچو نوڪدار مُني ۾ وڌو ويندو آهي. ان جي چيڙن تي ٻار چڙهندا آهن ۽ پينگھ جيان لڏندا به ته ڦرندا به آهن. چِيڪاٽ يا آواز ڪرڻ لاءِ کانچي ۾ اڱر يا اڱار گهوٽي تيل ملائي وڌو ويندو آهي.[1][2]

چِيڪلو
ٻار چيڪلو راند ڪندي

حوالا سنواريو

  1. "چيڪلو : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-01-20. 
  2. "چيڪلو | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2020-01-20.