گابِڙي راند:(انگريزي: Gabbrri game ) هن راند جا ٻه قسم آهن: هڪڙي ڇُوٽ گابڙي، جنهن ۾ سڀيئي ٻنهي پيرن تي ڊوڙندا آهن: ٻي ڪُڙي گابڙي، جنهن ۾ هڪڙي ڄنگهه مٿي ڪري بعضي انهيءَ پير جو آڱوٺو هٿ سان جهليندا آهن، جنهن کي ڪُڙو جهلڻ چوندا آهن: پوءِ هڪ ڄنگهه تي ٽپندي ٽپندي هلدنا آهن. هن راند ۾ ٻه ٽوليون ڪندا اهن، هڪ آگ وٺندڙ ٽولي، تن کي مَٿَل وارا چون، ٻيا اگ ڏيندڙ، تن کي هيٺل وارا چون. پرڀرو هڪ هنڌ واري4 جو ڍڳ ٺاهيندا. هيٺل وارا سڀ وچ ۾ بيهندا. مٿل وارا سڀ مٿئين پاسي بيهندا ۽ هڪڙي ڀيچيءَ کي گابڙي مقرر ڪري پنهنجي پاسي محفوظ هنڌ تي بيهاريندا، جنهن کي پاڻ بچائي واريءَ جي ڍڳ کي هٿ لائڻو پوندو. مخالف ڌر کي به ٻڌائيندا ته اسان فلاڻو گابڙي بيهاريو آهي. ٻنهي تولين جا مکيه ڀيچي (وَڏ ڌوڙي) پاڻ ۾ هٿ سان تاڙي ڏيندا، جنهن کي چئبو آهي. ”ڏارو ڏيڻ“، ۽ چوندا ڏارو لڳو پڪو (هي گويا راند جي شروعات جو مهورت آهي). بس، ڌارو لڳي ته ڄڻ راند جي شروعات ٿي، پوءِ سڀڪو ڀيچي پنهنجي ڀيچيءَ سان زور آزمائي ڪري کيس ڪيترائي کانچائڻ جي ڪوشش ڪندو. ڪُڙي جهليل جي حالت ۾ پير جي آڱوٺي مان هٿ نڪتو يا پير زمين سان لڳو ته ”گولو“، يعني کانتو، پوءِ هو ويهي رهندو. ٻيو سنگتي وري ٻئي کي کانچائڻ جي ڪوشش ڪندو. انهيءَ وچ ۾ گابڙي انهن کان نڪري ڍويءَ تي پهچڻ جي ڪوشش ڪندو، پر جي ڇٽي نه سگهيو ۽ قابو ٿي پيو ته راند هارائي، ٻيو گابڙِ بيهندو. اهڙيءَ طرح سڀيئي ڀيچي واري سان گابڙي ٿيندا رهندا. جڏهن سڀيئي سنگتي هڪ پاسي وارا ڍڳي تي پهچي ويا، تڏهن هڪ لنڊو چڙهيو. پوءِ وري پاسا بدلائيندا ۽ مٿل وارو پاسو ٻيءَ ڌُر کي ملندو. پوءِ جي انهن اهڙيءَ طرح راند کٽي ته لنڊو لٿو نه ته مٿن پيو هوندو[1].

  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو