ڪَٻَڏي راند:(انگريزي: Kabadi ) هي راند، جوان ۽ ننڍا ڇوڪرا ڪندا آهن. ٻه ڍڳيون واريءَ جون ستن اٺن فوٽن جي وڇوٽي تي ٺاهي، ٻه جوڙيون سنگين جون هرهڪ پاسي جدا جدا بيهنديون. هر هڪ پاسي کان واري سان هڪڙو هڪڙو، ڍڳوين جي وچان لنگهي ٻين جي حد ۾ ويندو ۽ انهن مان ڪنهن کي هٿ لائي واپس اچڻ جي ڪوشش ڪندو ته اُهي وري کيس جهلڻ جي ڪوشش ڪندا. جي جهلي وڏائون ته اُهو ”کانتو“، ۽ ويهي رهندو، پر جي ڀڄي ويو ته جنهن کي هٿ لڳو، اُهو کانٽو ۽ ويهي رهندو. اهڙيءَ طرح جنهن پاسي جا سنگتي اڳ ۾ کانچجي ويا، انهن راند هارائي ۽ ٻئي پاسي کٽيو. پوءِ وري پاسا بدلائي نئين سر شروع ڪندا. جنهن پاسي کٽيو، اهي چوندا ته اسان جو هڪ ”لنڊو“ اوهان تي چڙهيو، پوءِ جي ٻئي پاسي وارن کٽيو ته چڙهيل لِندو لٿو. جي هارايو ته ٻيو به لنڊو چڙهيو[1].

حوالا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو