گِلَ راند:(انگريزي: Gil game) هي راند ڪوڏين ۽ بلورن سان ننڍا ڇوڪرا ڪندا اهن. پٽ تي ننڍڙي کٽ کوٽي پري کان بيهي ڪوڏي يا بلور اُن کڏ ۾ وجهڻ لاءِ اُڇلائيندا آهن. ڪي بلور کڏ ۾ وجهڻ لاءِ اُڇلائيندا آهن. ڪي بلور کڏ ۾ ڪرندا، ڪي ٻاهر ڪرندا. پوءِ جنهن جو بلور پهريائين کڏ ۾ ڪريو، اُهو باهر ڪڍي، ٻاهر پيل بلورن کي چٽيندو. جيترا چُٽي سگهيو اوترا کٽيا. جڏهن هن جو ڌڪ گسندو ته چوندا هاڻي ”کُولو“ آهي. پوءِ وري اندر ڪِريل ٻئي بلور وارو ٻاهر پيلن کي چٽيندو، اهڙيءَ طرح راند هلندي رهندي[1].

حوالا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو