اسڙي ڇانئڙي ٻاراڻي راند آهي، جيڪا اونھاري جي سھاين راتين ۾ رچائي ويندي آهي. هن راند ۾ چانڊوڪيءَ کي اُس ۽ اونداهيءَ کي ڇانو سمجھيو ويندو آهي. هن راند ڪرڻ مهل ٻار ٻہ ٽوليون ٺاهيندا آهن. هڪ ٽولي ڇانوَ ۾ ۽ ٻي ٽولي اُس ۾ بيھندي آهي. جڏهن ٻئي ٽوليون باقاعدي پنهنجي پنهنجي حدن ۾ بيھي وينديون آهن، تڏهن اُس ۾ بيٺل ٽولي ڪوڪ ڪندي آهي، جنھن جو مطلب هوندو آهي تہ هاڻي ڇانوَ واري ٽوليءَ کي اجازت آهي تہ هوءَ ڀلي اُس ۾ بيٺل ٽوليءَ جي ٻار کي جهلي. اُس ۾ بيٺل ٽولي جي رانديگرن مان هر هڪ جي ڪوشش هوندي آهي تہ هو ڪنهن بہ نموني سان پاڻ بچائي ڇانوَ واري ايراضيءَ ۾ پھچي وڃي، جتي کيس ڪير بہ پڪڙي نٿو سگھي. چانڊوڪيءَ يا اُس ۾ بيٺل ٻارن جون بچڻ جون ڪوششون ۽ ڇانوَ واريءَ ٽوليءَ جي رانديگرن پاران کين جهلڻ لاءِ ڪيل اٽڪلون ۽ محنتون راند ۾ ڏاڍو چس پيدا ڪنديون آهن. جيڪڏهن ڪو رانديگر چانڊوڪيءَ واريءَ ايراضيءَ ۾ پڪڙجي پيو تہ اهو ويھي رهندو. جڏهن اُس واري ٽوليءَ جا رانديگر جھلجي ويندا ۽ باقي هڪ ڄڻو وڃي بچندو، تڏهن اهو بہ از خود جھليل سمجھيو ويندو. ان کانپوءِ ڇانوَ ۾ بيٺل ٽوليءَ کي وارو ملندو تہ اُس ۾ بيھن ۽ راند ساڳئي نموني سان شروع ڪن.[1]

حوالا سنواريو