بنگلاديش

ڏکڻ ايشيا جو ھڪ ملڪ
(بنگلا ديش کان چوريل)

بنگلاديش ڏکڻ ايشيا جو اهو ملڪ آهي، جنهن جي تقريباً هر پاسي کان هندستان آهي. پر ڏکڻ اوڀر ۾ هن جو ڪجهه حصو برما ۽ خليج بنگال سان لڳي ٿو جتي گنگا ،برھمپترا ۽ ميگھنا ندين جون ڊيلٽائون پڻ واقع آھن جن جي ڪري اڪثر ملڪ جو چڱو حصو ٻوڏ جو شڪار رھندو آھي. [12]. بنگلا ديش هن وقت سارڪ ۽ او آئي سي جو رڪن آهي.

عوامي جمھوريہ بنگلاديش

  • গণপ্রজাতন্ত্রী বাংলাদেশ (بنگالي)
  • گنگاپرجاتانتري بملاديسا
Flag of بنگلاديش
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نشان
ترانو: "امر سونر بنگلا" (بنگالي)
"منھنجو سونو بنگال"


پيشقدمي: "نوتنر گان"
"نوجوانن جو گيت"[1]
Location of بنگلاديش
گادي جو هنڌ ڍاڪا
23°42′N 90°21′E / 23.700°N 90.350°E / 23.700; 90.350
سڀ کان وڏو شهر ڍاڪا
دفتري ٻوليون بينگالي[2]
نسلي گروھ (2011[3][4][5][6][7])
مذهب (2011[8])
مقامي آبادي بنگلاديشي
حڪومت وحداني پارلياماني ريپبلڪ
• صدر
عبدالحامد
شيخ حسينہ واجد
شيرين شرمين چوڌري
سيد محمود حسين
مقننه جاتيه سنگسد
14 آگسٽ 1947
14 آڪٽوبر 1955
26 مارچ 1971
16 ڊسمبر 1971
4 نومبر 1972
پکيڙ
• جملي
147٬570 km2 (56٬980 sq mi) (92nd)
• پاڻي (%)
6.4
آبادي
• 2011 مردم شماري
149,772,364 (8th)
•  گھاٽائي
1٬106 /km2 (2٬864.5 /sq mi) (10th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$748.811 ارب ڊالر [9] (31st)
• في سيڪڙو
$4,541[9] (139th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$273.618 ارب ڊالر [9] (43rd)

تاريخ سنواريو

بينگال تاريخ ۾ اوڀر بينگال (موجوده بنگلاديش) ۽ انڊيا جي رياست اولھ بنگال تي مشتمل علائقو ھيو. جنھن ۾ اوڀر بينگال ٻيلن تي مشتمل علائقو ھيو جنھن ۾ قبيلائي نظام ۾ شڪار ۽ کاڌو گڏ ڪندڙ ماڻھو رھندڙ ھيا ۽ اھو خطو ھندوستان جي اتر اوڀر واري ٻيلن تي مشتمل سرحد طور سڃاتو ويندو هو. ان جي ڀيٽ ۾ اولھ بينگال ۾ رياستون وجود ۾ اينديون رھيون[12]. جن ۾ ٻڌن جو پالا خاندان جو راڄ ۽ برھمڻن جو سينا گھراڻي جو راڄ پڻ شامل آھن[12]. مسلمان پھريون ڀيرو دھلي سلطنت جي قائم ٿيڻ بعد فتحون ڪندا ھتي پھتا[12]. انھن ۾ افغاني، ايراني ۽ ترڪ شامل ھيا جن شروعاتي مسلمان رياستون اولھ بينگال ۾ قائم ڪري ورتيون[12]. پر مسلمانن جي باقائده طاقتور حڪومت مغل خاندان جي اڪبر بادشاهه جي دؤر ۾ قائم ٿي پر مقامي آبادي غيرمسلم ھئي جيڪا سورھين صدي ۾ مسلمان صوفي بزرگن جي تبليغي ڪم ۽ مسلمانن جي دؤر ۾ اوڀر بينگال جي معاشي پائداري جي ڪري آبادي جو وڏو حصو اسلام ۾ داخل ٿي ويو..[12]. يورپين مان سڀ کان اول ھتي پورچوگيز 1517 ۾ پھتا جن کان پوء ڊچ 1602 ۾ ھتي اچڻ شروع ٿيا، 1650 ۾ انگريز ، 1690 ۾ فرانسيسي ۽ 1755 ۾ ڊينمارڪ جا ڊين ھتي اچڻ شروع ٿيا[12]. پر انھن مان انگريز ھتي قابض ٿي حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا اھڙي طرح 1757 کان 1857 تائين ايسٽ انڊيا ڪمپني ھتي حڪومت ڪئي ۽ 1857 کان 1947 تائين برطانوي سرڪار سڌوسنئون حڪومت ڪئي[12]. ھن خطي ۾ اوڻويھين صدي ۾ مسلمانن ۾ ٻہ مذھبي تحريڪون زور سان ھليون جن ۾ فرائضي تحريڪ ۽ سيد احمد شھيد کان متاثر ٿيل طريقه محمديه شامل ھيون[12]. 1947ع ۾ هندستان جي ورهاڱي وقت اوڀر بنگال (هاڻوڪو بنگلاديش) پاڪستان جو حصو بڻيو. ان وقت اوڀر پاڪستان جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. 1970ع ۾ عام چونڊون ڪرايون ويون، جنهن ۾ شيخ مجيب الرحمان جي اڳواڻيءَ ۾ عوامي ليگ سموري اوڀر پاڪستان جون 97 سيڪڙو نشستون کٽي وئي. ان وقت اوڀر پاڪستان جي آبادي پاڪستان جي ڪل آبادي جو 55 سيڪڙو هئي. عوامي ليگ واضع اڪثريت سان وفاقي حڪومت ٺاهڻ جيتري ڪاميابي ماڻي ورتي هئي. پر ان وقت جنرل يحي خان واري فوجي حڪومت مجيب الرحمان تي ڇھ نقطن واري پروگرام تي نظرثاني ڪرڻ جو زور رکيو ۽ ھو ايئن ڪرڻ لاء راضي نه ٿيو جنھن تي معاملا بگڙي ويا. اقتدار نہ ملڻ جي ڪري تحريڪ شروع ٿي وئي جنھن کي طاقت جي استعمال سان چيڀاٽڻ لاء فوجي ايڪشن شروع ٿيو نتيجي ۾ ھزارين ماڻھو مارجي ويا ۽ فوجي ايڪشن دوران فوج تي ھزارين عورتن جي لڄالٽ جا الزام پڻ لڳا جن جي تصديق پڻ ٿي. ان طاقت جي استعمال تي عوامي ليگ جي قيادت آزادي جي تحريڪ شروع ڪئي ۽ ان گھرو ويڙھ دوران انڊيا بنگالي عوام جي مدد ۾ مداخلت ڪندي پاڪستان سان جنگ جي شروعات ڪئي جنھن جي نتيجي ۾ 1971 ۾ مجيب الرحمان جي قيادت ۾ بنگلاديش جي آزاديءَ جي راھ ھموار ٿي وئي ۽ ھي ملڪ وجود ۾ آيو جنھن کي جلد ئي پوري دنيا ۾ تسليم ڪيو . درياءِ گنگا ۽ برهم پترا بنگلاديش ۾ دريائي ٽڪور ٺاهي خليج بنگال ۾ ڇوڙ ڪن ٿا. بنگلاديش جي سياسي حالت پاڪستان وانگر آهي جتي فوج اقتدار ۾ ايندي رھندي آھي. 1975 ۾ فوجي بغاوت ۾ مجيب الرحمان جي حڪومت جو خاتمو ٿيو جيڪو پاڻ بہ پنھنجي خاندان سميت مارجي ويو. ان بعد بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي ملڪ ۾ غالب پارٽي رھي.بعد ۾ عوامي ليگ ٻيھر اقتدار ۾ اچي وئي[12].

آبادي سنواريو

ھن ملڪ جي آبادي لڳ ڀڳ 25 ڪروڙ آهي جنھن جو 83 سيڪڙو مسلمان ۽ 16 سيڪڙو ھندو آھن. ھن ملڪ ۾ انڊونيشيا ، پاڪستان ۽ ڀارت کان پوء مسلمانن جو دنيا ۾ سڀ کان وڏو ملڪ آھي[12]. ھن ملڪ جو سرڪاري مذھب پڻ اسلام آھي. مسلمانن جي ملڪن ۾ سڀ کان گھڻا ھندو ھن ملڪ ۾ رھن ٿا[12]. مسلمانن جي اڪثريت سني اسلام جي حنفي فقه سان تعلق رکندڙ آهي[12]. ھندن جي اڪثريت جو تعلق شيڊول وارين ذاتين سان آهي جن کي ماضي ۾ اڇوت يا ھريجن (خدا جا ٻچا) سڏيو ويندو هو[12]. مٿين طبقي جا ھندو 1947 ۾ انڊيا جي رياست اولھ بينگال ھجرت ڪري ويا[12].

معيشيت سنواريو

اهم شخصيتون سنواريو

پڻ ڏسندا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. "NATIONAL SYMBOLS→National march". Bangladesh Tourism Board. Bangladesh: Ministry of Civil Aviation & Tourism. In 13 January 1972, the ministry of Bangladesh has adopted this song as a national marching song on its first meeting after the country's independence. 
  2. "Article 3. The state language". The Constitution of the People's Republic of Bangladesh. Ministry of Law, The People's Republic of Bangladesh. http://bdlaws.minlaw.gov.bd/sections_detail.php?id=367&sections_id=24550. Retrieved 1 February 2017. 
  3. (ٻولي ۾ Bangla). National Web Portal of Bangladesh http://www.bangladesh.gov.bd/site/page/812d94a8-0376-4579-a8f1-a1f66fa5df5d/বাংলাদেশকে-জানুন. حاصل ڪيل 13 February 2015.  Missing or empty |title= (مدد)
  4. Ethnologue Bangladesh
  5. Ethnologue Classification
  6. "The Calcutta Review".  [Mussalman also used in this work.]
  7. Choudhury, A. K. "The Independence of East Bengal: A Historical Process". A.K. Choudhury.  [Mussalman also used in this work.]
  8. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named বাংলাদেশ
  9. 9.0 9.1 9.2 9.3 "Bangladesh". World Economic Outlook Database. IMF. 
  10. "Gini Index". World Bank. وقت 9 February 2015 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2 March 2011. 
  11. "Human Development Report 2016" (PDF). United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 6 April 2017. 
  12. 12.00 12.01 12.02 12.03 12.04 12.05 12.06 12.07 12.08 12.09 12.10 12.11 12.12 12.13 12.14 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 86,87،88

خارجي ڳنڍڻا سنواريو


سارڪ
افغانستان | بنگلاديش | ڀوٽان | هندستان | پاڪستان | سريلنڪا | نيپال | مالديپ

مبصر: چين | جاپان | آمريڪا | ڏکڻ ڪوريا


او آءِ سي
افغانستان | الجزائر | البانيا | آذربائيجان | بحرين | بنگلاديش | بينن | برڪینا فاسو برونائي | ڪيمرون | چاڊ | قمر جا ٻيٽ |آئيوري ڪوسٽ | جبوتي مصر | گيبون | گيمبيا گني | گني بسائو

گيانا | انڊونيشيا | ايران عراق | اردن | ڪويت قازقستان |ڪرگزستان | لبنان | ليبيا مالديپ | ملائيشيا | مالي | موريطانيه | مراڪش | موزمبيق | نائيجر نائيجيريا | اومان
پاڪستان | فلسطين | قطر | سعودي عرب سينيگال | سيراليون| صوماليا | سوڊان | سورينام | شام | تاجڪستان ترڪي| تيونس | ٽوگو ترڪمانستان | یوگینڊا | ازبڪستان | گڏيل عرب امارات | يمن