چيني:

نالا: ع. غضا ِّ الصيني، ف. ڪاسه چيني، هه. وغيره___ چيني سفيد ۽ مٽي خاڪ چين.

طب سنواريو

اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: ___، ميل:___، عيوض: ___-، وزن: ٻه ماسا. سڃاڻپ: اڇي رنگ تي هڪ مٽيءَ جو قسم آهي، جنهن مان وري ٿانو ٺهندا آهن. خاصيت: هن کي ڪٽي سنهون ڪري، ڏندڻ سان ڏندن کي هڻجي ته مهارن مان رت جو اچڻ بند ڪري، ڏندن ۽ مهارن کي مضبوط ڪري، سرمي سان ملائي اک ۾ وجهجي ته ڦلي ۽ ڌنڌ کي فائدو ڪري، هن کي ماکي سان گڏي حب ٻڌي، ڦڦڙن مان رت ايندڙ رت کي بند ڪرائڻ لاءِ کارائبا آهن.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو