مراڪش

اتر آفريڪا ۾ ملڪ

مراڪش يا موراڪو (Listeni/məˈrɒk/; عربي ٻولي: المغرب) جنھن جو سرڪاري نالو المغرب (اولھ) جي بادشاھت آھي. اھو اتر آفريڪا جي اولھ ۾ واقع ھڪ اسلامي ۽ عرب ملڪ آھي جنھن جي اتر ۾ رومي سمنڊ ۽ اولھ ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ واقع آهي. ھن ملڪ اسپين جي رومي سمنڊ ۾ واقع سيوٽا (عربي ۾ سبتهمليلا ۽ غميرا ٻيٽن جو دعويدار آهي.[10] ھن ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ رباط آھي ۽ سڀ کان وڏو شھر ڪيسابلانڪا اٿس.[11] ملڪ جي پکيڙ 7,10,850 چورس ڪلوميٽر ۽ آبادي ساڍا ٽي ڪروڙ کان مٿي آهي.

مراڪش
Morocco
المغرب (اولھ) جي بادشاھت

المملكة المغربية
Flag of مراڪش يا موراڪو
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
شُعار: 'الله، الوطن، الملك
("God, Homeland, King")
سانچو:مراکش جي بادشاهت جو نقشو
گادي جو هنڌ رباط
34°02′N 6°51′W / 34.033°N 6.850°W / 34.033; -6.850
سڀ کان وڏو شهر ڪيسابلانڪا
33°32′N 7°35′W / 33.533°N 7.583°W / 33.533; -7.583
دفتري ٻوليون
رابطي جون زبانون
ٻاھريون ٻوليون فرينچ [1]

انگريزي

اسپيني
نسلي گروھ (2014[2])
مذهب سني اسلام[a] ( سرڪاري)[3]
مقامي آبادي مراڪشي يا موراڪن
حڪومت وحداني پارلياماني آئيني بادشاهت [4]
محمد ڇھون
سعدالدين عثماني
مقننه پارليامينٽ
رباط ۾ واقع پارليامينٽ
ھائوس آف ڪائونسلرس
ھائوس آف رپريزنٽيٽوز
مراڪش جو قيام
• ادريسي شاھي خاندان (پھريون شاھي خاندان )
788
• علوي شاھي گھراڻو (موجوده شاھي گھراڻو)
1631
• 
30 مارچ 1912
• مراڪش جي خودمختياري
7 اپريل 1956
پکيڙ
• جملي
710٬850 km2 (274٬460 sq mi)
or 446,550 km2[b]
(40th or 57th)
• پاڻي (%)
0.056 (250 km2)
آبادي
• 2017 مردم شماري
35,740,000[5]
•  گھاٽائي
50.0 /km2 (129.5 /sq mi)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
$332.358  ارب يو ايس ڊالر [6]
• في سيڪڙو
$9,339[6]
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
$122.458 ارب يو ايس ڊالر [6]

مراڪش وحداني رياست تي مشتمل ھڪ آئيني بادشاهت آھي جنھن م پارليامينٽ کي عوام چونڊيندو آهي. ملڪ ۾ رياستي ۽ حڪومتي سربراھ بادشاھ آهي جنھن کي وسيع انتظامي ۽ قانون سازي جا اختيار آهي. بادشاھ جو حڪم قانون سمجھيو ويندو آھي ۽ کيس پارليامينٽ کي ٽوڙڻ جا اختيار پڻ آھن پر ان لاء ھن جي وزيراعظم ۽ آئين ڪورٽ جي سربراهه سان مشاورت لازمي آهي. ملڪ جو سرڪاري مذھب اسلام ء سرڪاري ٻولي پھرين رڳو عربي ھئي پر 2011 م بربر ٻولي کي پڻ سرڪاري ٻولي جو درجو ڏنو ويو. [12] مسلمانن جي ھن علائقي ۾ ستين صدي عيسويءَ ۾ آمد کان اڳ بربر ٻولي ھتان جي اصل مقامي ٻولي ھئي. [13] ھن ملڪ جي عربي جو لھجو مختلف آھي جنھن کي مراڪشي عربي لھجو چون ٿا. ھتي فرينچ ٻولي پڻ عام ڳالھائي ويندي آهي. ھي ملڪ گڏيل قومن، عرب ليگ، آفريڪي يونين، يونين فار ميڊيٽرينين ۽ اسلامي ملڪن جي تنظيم جو پڻ رڪن آھي.

ملڪ جو نالو سنواريو

ھن ملڪ جو عربي نالو (المملكة المغربية) آھي جنھن جي معني آهي اولھ جي بادشاھت. اولھ وارو نالو ھن ملڪ جي علائقي کي عرب جاگرافيدانن ان جي آفريڪا ۾ ان مقام جي ڪري ڏنو ھيو[14]. ھن ملڪ جو انگريزي نالو موراڪو آھي جيڪو مراڪش جو لاء انگريزي لفظ آهي. مراڪش نالو ھن ملڪ جي چوٿين نمبر شھر مراڪش تان ورتل آهي جيڪو مرابطي ۽ موحد گھراڻن جي حاڪميت ۾ ھن ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ ھيو[15].مراڪش لفظ ڪٿان آيو ان تي متضاد راء آهي[16]. گھڻي ڀاڱي اھو بربر ٻولي جو لفظن : امور' ۽ اڪوش مان نڪتل سمجھيو وڃي ٿو جن جي معني آهي خدا جي سرزمين[17]

تاريخ سنواريو

ھن ملڪ ۾ ادريسي پھريون حاڪم گھراڻو ھيو جنھن جي حڪومت جو قيام 788 عيسويءَ ۾ ٿيو ۽ ان گھراڻي جو پھريون حاڪم ادريس پھريون ھيو. جنھن بعد ھن ملڪ تي مختلف شاھي خاندانن جي حاڪميت جو سلسلو ھلندو آيو جن مان مرابطي ۽ موحد گھراڻن جي دؤر ۾ ھن ملڪ عروج ڏٺو جڏهن ان جي حدن ۾ اندلسي اپٻيٽ جا علائقا ۽ اتر آفريڪا شامل ھيا.

 
موحد گھراڻي جي دؤر م 1212 ۾ مراڪش جون حدون

مريني ۽ سعدي گھراڻن سترھين صدي عيسويءَ ۾ ڌارين قابض طاقتن خلاف مزاحمت ڪئي ۽ مراڪش کي عثماني خلافت جو حصو بڻجڻ نہ ڏنو. ھن وقت حاڪم علوي خاندان1631 ۾ اقتدار ۾ آيو. رومي سمنڊ جي منھن تي واقع ھجڻ سبب ھن ملڪ جي وڏي علائقائي اھميت ھئي جنھن مراڪش کي ڌارين طاقتن جي نظرن جو مرڪز بڻايو ۽ ان تي قبضا ٿيڻ لڳا. 1912 ۾ ھي ملڪ ٽينجيئر واري بين الاقوامي پٽي ذريعي ٻن حصن: اسپيني ولاريل مراڪشي ۽ فرينچ والاريل مراڪش ۾ ورهائجي ويو. 1956 ۾ ھن ملڪ ٻيھر آزادي ماڻي جنھن بعد ھي ملڪ خوشحال ٿي آفريڪا جي پنجين وڏي معيشت جو درجو حاصل ڪيو .[18] ھي ملڪ اولھ صحارا، جيڪو اڳ م اسپيني صحارا سڏبو ھو، جو دعويدار آھي ۽ ان کي ملڪ ڏاکڻي صوبن طور پنھنجو حصو سمجھي ٿو.

 
اسپيني صحارا جو نقشو جنھن ۾ اولھ صحارا وارو اولھندو حصو ورھايل ڏيکاريل جيڪو 1975 کان مراڪش جي قبضي ھيٺ آھي

ان جو ٻيو دعويدار ماريطانيا آھي. 1975 ۾ اسپين ميڊرڊ معاھدي ذريعي جيئن اسپيني صحارا کي آزاد ڪري مراڪش ۽ ماريطانيا جي حوالي ڪيو تہ مقامي قبيلن وچ ۾ گوريلا جنگ ڇڙي پئي. ماريطانيا 1979 ۾ اولھ تيرس جي دعوا تان ھٿ کڻي ويو ، پوء بہ جنگ جاري رھي نيٺ 1991ب۾ جنگبندي عمل ۾ آئي. امن جي ان مرحلي سان ان تڪراري خطي جو ٻہ ڀاڱي ٽي حصو مراڪش جي قبضي ھيٺ رھيو.

ملڪ جي انتظامي ورھاست سنواريو

 
مراڪش جا ورھايل 12 انتظامي علائقا ۽ بربر ٻولي ۾ انهن جا نالا

مراڪش انتظامي طور تي 12 علائقن ۾ ورھايل آھي جنھن کي ريجن چون ٿا.[19] آھي علائقا وري 62 صوبن ۽ 13/ پريفيڪچرن ۾ ۾ ورھايل آھن .[20] انھن 12 علائقن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا:

'علائقن جا نالا

  1. طنجا- تطوان حسيما
  2. شرق يا اوڀر مراڪش
  3. فاس مڪناس
  4. رباط سلا ڪنيترا
  5. بني ملال خنيفرا
  6. ڪيسابلانڪا سطات
  7. مراڪش آصفي
  8. درا طافيلاليت
  9. سوس ماسا
  10. ڪلميم وادي نون
  11. العيون ساڪيا الحمرا
  12. داخلا وادي ذھب

حوالا سنواريو

  1. French is also used in official government documents and by the business community, although it has no official status: "French (often the language of business, government, and diplomacy)..." [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2007-06-12 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. – See French language in Morocco for further information
  2. "Morocco". World Factbook. Central Intelligence Agency. 
  3. "Morocco in CIA World Factbook". CIA.gov. 
  4. "Constitution of the Kingdom of Morocco, I-1" (PDF). وقت 18 May 2012 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 9 January 2013. 
  5. "Morocco Population, 1960-2017 - knoema.com". HCP. حاصل ڪيل 29 March 2018. 
  6. 6.0 6.1 6.2 6.3 "Morocco". IMF. 
  7. "GINI index (World Bank estimate)". data.worldbank.org. World Bank. حاصل ڪيل 6 May 2019. 
  8. "2018 Human Development Report". United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 14 September 2018. 
  9. "Morocco Keeps Clocks Steady on GMT+1". 
  10. "Ceuta, Melilla profile" (en-GB ۾). BBC News. 2018. https://www.bbc.com/news/world-africa-14114627. 
  11. Jamil M. Abun-Nasr (20 August 1987). A History of the Maghrib in the Islamic Period. Cambridge University Press. ISBN 978-0-521-33767-0. https://books.google.com/books?id=jdlKbZ46YYkC. 
  12. Schnelzer, Nadine (10 November 2015). Libya in the Arab Spring: The Constitutional Discourse since the Fall of Gaddafi. Springer. ISBN 9783658113827. https://books.google.com/?id=R_rpCgAAQBAJ&pg=PA50. 
  13. Rodd, Francis. "Kahena, Queen of the Berbers: "A Sketch of the Arab Invasion of Ifriqiya in the First Century of the Hijra" Bulletin of the School of Oriental Studies, University of London, Vol. 3, No. 4, (1925)
  14. Yahya, Dahiru (1981). Morocco in the Sixteenth Century. Longman. p. 18. 
  15. "Regions of Morocco". statoids.com. حاصل ڪيل 7 September 2007. 
  16. Shillington, Kevin (2005). Encyclopedia of African history London/New York, Fitzroy Dearborn, p. 948.
  17. Nanjira, Daniel Don (2010). African Foreign Policy and Diplomacy From Antiquity to the 21st Century. ABC-CLIO. 2010, p. 208.
  18. "Report for Selected Countries and Subjects". www.imf.org. 
  19. "Décret fixant le nom des régions" (PDF). Portail National des Collectivités Territoriales (ٻولي ۾ French). وقت 18 May 2015 تي اصل (pdf) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 11 July 2015. 
  20. "Regions of Morocco, statoids.com".