نوبل انعام
نوبل پرائيز (انگريزي ٻولي: Noble Prize) ڇهن بين الاقوامي انعامن مان هڪ اعليٰ انعام، [1] جيڪو هر سال پنجن شعبن ۾ جِهڙَوڪَ ڪيميا لاءِ نوبل انعام، ساهتيا ۾ نوبل انعام، امن جو نوبل انعام، طبيعيات لاءِ نوبل انعام ۽ جسمانيات يا طب ۾ نوبل انعام ۾ لاءِ نمايان ڪارنامن تي ڏنو ويندو آهي. هي انعام سوئيڊن جي مشهور سائنسدان نوبل الفرڊ (وفات 1896ع) جي نالي سان جاري ڪيا ويندا آهن. ادب جا نوبل انعام اڪثر ناول نگارن کي مليا آهن[2]. هر سال سوئيڊن ۾ سياري جي موسم ۾ هڪ شاندار پارٽي ٿيندي آهي جنھن جو سڄي دنيا جا ماڻھو هڪ سال تائين انتظار ڪندا آهن. هي مشھور پارٽي هر سال 10 ڊسمبر تي سوئيڊن جي گادي واري شھر ”اسٽاڪ ھوم“ جي ڪنسرڊ ھال ۾ ٿئي ٿي جتي ھر سال سوئيڊن جو بادشاھ اُن سال جي نوبيل انعام کٽندڙن کي تاڙين جي گونج ۾ انھن جا ميڊل ۽ سرٽيفڪيٽ ورهائيندو آهي. پر امن جو نوبيل انعام اسٽاڪ هوم ۾ نه ڏنو ويندو آهي. اُهو انھيءَ تاريخ ۽ انھيءَ وقت ”ناروي“ جي گادي واري شهر ”اوسلو“ ۾ ڏنو ويندو آهي. نوبيل انعام هن وقت دنيا جو سڀ کان وڏو انعام آهي. دنيا جو ڪو به اهڙو مشهور واقعو نه آهي جنهن جي پويان نوبيل انعام جو ٽپو لڳل نه هجي مارڪوني جو سمنڊ پار تجربو هجي، مادام ڪيوري پاران ريڊيم ۽ يورينيم جي دريافت هجي، انساني رت جي گروهبندي هجي، ڊي اين اي جي دريافت هجي، پينسلين جي ايجاد هجي يا ٽرانزسٽر جي ايجاد ڇو نه هجي مطلب ته هر تجربي، هر نطريي، هر دريافت ۽ هر ايجاد جي پويان نوبيل انعام چمڪندو نظر اچي ٿو.
نوبيل انعام سوئيڊن جي سائنسدان الفريڊ نوبيل قائم ڪيو هيو.
الفرِيڊ جو تعلق سوئيڊن جي هڪ غريب گھراڻي سان هيو. نوبيل جا اباڏاڏا هاري ھئا نوبيل جي وڏي ڏاڏي نوبيليٽ جو نالو اختيار ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته هو پنھجي خاندان جو پھريون فرد هُئو جنھن يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪئي ھئي ۽ هو جنھن جاءِ تي پيدا ٿيو هو اُن جو نالو نوبيلاسٽ هو. نوبيليٽ جي پوٽي جو نالو امونيل نوبيليٽ هيو. امونيل پنھجي خانداني نالي نوبليٽ کي نوبيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو اُن جو ڪارڻ اُھو هو ته اُن سوئيڊن جي فوج ۾ ڪجهه وقت نوڪري ڪئي هُئي ۽ فوج ۾ خانداني نالي کي ننڍو ڪري لکرائڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي. اُنھيءَ امونيل نوبيل جو پُٽ الفريڊ نوبيل هو. الفريڊ نوبيل 21 آڪتوبر 1833ع تي اسٽاڪ هوم ۾ پيدا ٿيو. اُن ڪنھن به تعليمي اداري ۾ باقاعدي تعليم حاصل نه ڪئي تنھن هوندي به اُن هڪ پرائيوٽ اُستاد جي مدد سان ڪيترن ئي زبانن جن ۾ انگريزي، روسي، جرمن، فرانسيسي شامل هيون اُنھن ۾ ڪافي مهارت حاصل ڪئي گڏوگڏ ڪيمسٽري جو به سُٺو علم حاصل ڪري ورتو.
اُنھي وچ ۾ اُن جو والد امونيل پنھجي معاشي حالتن کي سُڌارڻ جي جدوجهد ۾ رُڌل رهيو. امونيل به اڻ پڙهيل هيو پر اُن کي نئين نئين شين کي ايجاد ڪرڻ جي صلاحت موجود هئي، هو شروع کان ئي هوشيار هيو ۽ گهڻو ڪري ڪنهن نه ڪنهن کي شيءِ ايجاد ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل رهندو هيو. پر اُن جون مالي حالتون ڪڏھن به سُٺيون نه رهيون، تنهن ڪري هو روس هليو ويو، جتي اُن هڪ فيڪٽري کولي پر ”ڪريميا“ جي جنگ جي ڪري اُن جو ڪاروبار بند ٿي ويو ۽ 1859ع ۾ پريشان حالت ۾ واپس پنھجي وطن موٽي آيو. انھيءِ دوران الفريڊ نوبيل ۾ والد وارا مشغلا ۽ شوق پيدا ٿي ويا ۽ اُن کي به ايجادن خاص طور ڌماڪي ڪندڙ شين کي ايجاد ڪرڻ سان دلچسپي پيدا ٿي وئي. اُن نائيٽريٽ گئس جي ڌماڪي ڪندڙ مواد تي پنھجي تجربن جو سلسلو شروع ڪيو، جيڪو اُنھن ڏينهن ۾ ايجاد ٿي چُڪو هئو. نوبيل پنھجي ايجاد ۾ گهڻو اڳيان وڌي چڪو هئو ته اُنھن نجربن جي دوران اُن جي تجربيگاھ ۾ هڪ ڏهڪائيندڙ ڌماڪي ڪري سندس ننڍو ڀاءَ ”ايمل“ مري ويو، اُن واقعي الفريڊ نوبيل کي ڏاڍو ڏک رسايو، پر نوبيل آڻ نه مڃي ۽ نيٺ 1868ع ۾ هو ”ڊائنامائيٽ“ ٺاھڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ هن جي نتيجي ۾ نوبيل جا ڏينھن به بدلجي ويا ۽ اُن جو شمار مُلڪ جي دولتمند ماڻھن ۾ ٿيڻ لڳو. اُن پنھجي ايجاد جي دائري کي وڌائڻ شروع ڪيو ۽ سوئيڊن کان ٻاهر پنھجي ايجاد جو پيٽنٽٽ وڪرو ڪيو. جنهن جي ڪري اُن جي دولت ۽ شهرت ۾ واڌارو ٿيو، پر ان سان گڏوگڏ سندس فياضي ۽ همدردي جي خوبي ۾ به واڌارو اچي ويو.
هن ڪيتريون ئي خيراتي اسپتالون ۽ ادارا قائم ڪيا ۽ غريبن جي مالي امداد ڪندو رهيو. بدقسمتي سان نوبيل جي پنھجي زندگي سُٺي نه گذري. اُن ڪيترائي ڀيرا شادي ڪرڻ جو ارادو ڪيو، پر هر ڀيري ڪا نه ڪا روڪاوٽ سامھون اچي ٿي وئي. الفريڊ نوبيل جن عورتن سان شادي ڪرڻ چاھيندو ھُئو اُن ۾ ٻه نالا اهم آهن هڪ ”صوفي ھيس“ ۽ ٻئي ھئي ”برٿافان سٽنر“. صوفي ھيس عمر ۾ نوبيل کان ڪافي ننڍي هئي، پر اُن سان شادي نه ٿي سگھي. برٿافان سٽنر، نوبيل جي اشتھار جي ذريعي جيڪو اُن سيڪريٽري جي تلاش ۾ ڏنو هو اُن سان ملي هئي ۽ پنھجي پسند جي ماڻھو سان شادي نه ٿيڻ ڪري پريشان هئي، ائين هو نوبيل جي طرف ڇڪجي آئي پر ڪجهه وقت کانپوءِ اُن جي شادي اُن ماڻهو سان ٿي وئي جنھن کي هو پسند ڪندي هئي ۽ نوبيل هڪ دفعو ٻيھر اڪيلو رهجي ويو. برٿافان سٽنر هڪ سُٺي ليکڪا هئي، اُن ڪيترائي ڪتاب ليکا جن ۾ هڪ ڪتاب ”پنھجا هٿيار ڦٽا ڪريو“ هو. هي ڪتاب 1889ع ۾ ڇپيو هو.هن ڪتاب جو شمار جنگ جي خلاف لکجڻ وارن ڪتابن ۾ ٿئي ٿو. هن ڪتاب الفريڊ نوبيل کي ڪافي متاثر ڪيو. هن ڪتاب جي مطالعي کانپوءِ اُن برٿافان سٽنر کي لکيو ته ”مان پنھجي دولت جو هڪ حصو هڪ انعام لاءِ وقف ڪرڻ چاھيان ٿو. هي انعام پنجن سالن کانپوءِ اُن ماڻهو کي ڏنو ويندو، جيڪو دنيا مان جنگ کي ختم ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو يا جنھن دنيا جي امن لاءِ تحريڪ هلائي هوندي. 30 سالن ۾ رڳو ڇھه ڀيرا اهو انعام ڏنو ويندو، جيڪڏھن اان ڊگھي عرصي کانپوءِ به دنيا مان جنگ ختم نه ٿي ته پوءِ انسان وحشي بڻجي ويندو ۽ پوءِ هن انعام جي ضرورت باقي نه رهندي“.
اُهو هيو نوبيل جي دماغ ۾ بين الاقوامي انعام قائم ڪرڻ جو پھريون تصور. تنھنڪري جڏهن هو 27 نومبر 1895ع ۾ پنھجي وصيت نامي جي تڪميل لاءِ ويٺو ته ان پنھجي پوري زندگي جي خيالن ۽ تمنائن جو اظهار هن نموني سان ڪيو جو هن پنھجي سموري دولت ۽ ملڪيت جيڪا اُن وقت 1500000 پائونڊ ۽ اڄڪلھ جي 6600000 پائونڊن جي برابر آهي هڪ ”نوبيل فائونڊيشن“ قائم ڪري ڇڏي ۽ اُن فائونڊيشن مان حاصل ٿيندڙ رقم مان پنج انعام قائم ڪري ڇڏيا، جيڪي هر سال فزڪس، طب، ڪيميا، امن ۽ ادب جي شعبن ۾ ڏنا ويندا.
نوبل جي وفات 10 ڊسمبر 1896ع ۾ ٿي. هڪ مهيني کانپوءِ 1897ع ۾ جڏهن اُن جي وصيت نامي کي کوليو ته سڄي دنيا نوبيل جي اهڙي خواهش کي ٻُڌي ڪري حيران رهجي وئي. ڇاڪاڻ ته نوبيل جي دولت مختلف مُلڪن ۽ مختلف ڪاروبارن ۾ لڳل هئي، اُن ڪري اُن جي دولت کي اُن جي خواهش مطابق نقد شڪل ۾ منتقل ڪرڻ ۾ گھڻو وقت لڳو. اُن کانسواءِ نوبيل جا ڪجهه مائٽ به قانوني ڳالھين ۾ مصروف رھيا. اُن ڪري اُنھن سان به معاهدو ڪيو ويو ۽ ائين نوبل جي وفات کانپوءِ 1901ع تي اُنھن پنجن ئي شعبن ۾ انعام ڏيڻ شروع ٿيو.
اُن سال فزڪس جو نوبيل انعام جرمني جي ”وليم رونتجن“، ڪيميا جو ھالينڊ جي ”جيڪب ھينڊرس وان هاف“، ادب جو فرانس جي ”سلي پرادهي“، طب جو جرمني جي ” ايمل بيرنگ“ ۽ امن جو نوبل انعام ريڊ ڪراس جي باني سوسٽرزلينڊ جي ”هينري ڊونان“ ۽ فرانس جي ”فيڊرڪ پاسي“ کي گڏيل طور تي ڏنا ويا. 1968ع تائين انھن پنجن شعبن ۾ نوبيل انعام پيش ٿيندا رھيا. 16 مئي 1968ع تي نيشنل بئنڪ آف سوئيڊن اعلان ڪيو ته بئنڪ جي انتطاميا اقتصاديات ۾ هڪ ”نوبيل ميموريل“ انعام جاري ڪري رھي آهي، هي انعام ماليت ۽ اعتبار کان هڪ نوبيل انعام جي برابر هوندو. تنھڪري 1969ع کان اقتصاديات ۾ به نوبيل انعام جي شروعات ٿي. ائين نوبيل انعام حاصل ڪرڻ ڪنھن انسان جي وڏي ۾ وڏي خواهش سمجھي ويندي آهي، پر دنيا ۾ چار ماڻھو اهڙا آهن جن ٻه ٻه ڀيرا نوبيل انعام حاصل ڪيو آهي، اُنھن ۾ هڪ فرانس جي مشھور خاتون سائنسدان مادام ڪيوري 1903ع ۾ فزڪس جو ۽ 1911ع ۾ ڪيميا جو نوبيل انعام حاصل ڪيو.
ٻيو آمريڪا جي ”ڊاڪٽر لائينس ڪال پالنگ“ 1954ع ۾ ڪيميا جو ۽ 1962ع ۾ امن جو نوبيل انعام حاصل ڪيو. [3]
انعام ماڻيندڙ ماڻهن جي فهرست
حوالا
سنواريو- ↑ "The Nobel Prize". Nobel Foundation. حاصل ڪيل 2008-11-27.
- ↑ .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
- ↑ نوبيل انعام جي ڪھاڻي، ڊاڪٽر يوسف سومرو آرڪائيو ڪيا ويا 2017-06-07 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. روزآني سنڌ ايڪسپريس، حيدرآباد، جمعو، 2 جون 2017