موزمبيق، موزمبائيق (انگريزي: Mozambique ) جو سرڪاري نالو جمهوريه موزمبيق آهي. ھي ملڪ آفريڪا جي ڏکڻ-اوڀر ۾ واقع ملڪ آهي. ان جون سرحدون اوڀر ۾ ھندي سمنڊ سان، اتر ۾ تنزانيا سان، اتر-اولھ ۾ ملاوي ۽ زيمبيا، اولھ ۾ زمبابوي سان ۽ ڏکڻ-اولھ ۾ اسواتيني (سوازي لينڊ) ۽ سائوٿ آفريڪا سان ملي ٿي. اوڀر ۾ واقع ٻيٽن تي مشتمل ملڪن ڪوموروس، مايوٽ ۽ مڊگاسڪر کي ھن ملڪ کان موزمبيق چينل. ھن ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ ء سڀ کان وڏو شهر ماپوتو آهي. ان شھر جو 1876 کان 1976 تائين نالو لورنڪو مارڪئيس ھيو.

جمهوريه موزمبيق

موزمبيق
Flag of
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نسبتي نشان
ترانو: پيارو وطن
مڪانيت  موزمبيق  (تيز نيري رنگ سان ڏيکاريل) نقشو آفريڪي يونين  (ھلڪو نيرو)
مڪانيت  موزمبيق  (تيز نيري رنگ سان ڏيکاريل)

نقشو آفريڪي يونين  (ھلڪو نيرو)

گادي جو هنڌ ماپوتو
25°57′S 32°35′E / 25.950°S 32.583°E / -25.950; 32.583
سڀ کان وڏو شهر ماپوتو
دفتري ٻوليون پورچوگيزي
مقامي آبادي موزمبيقن يا موزمبيقي
حڪومت وحداني غالب پارٽينيم صدارتي آئيني ريپبلڪ[1][2][3]
• صدر
فلپ نيوسي
ڪارلوس اگوستينو ڊو روساريو
مقننه ريپبلڪ جي اسيمبلي
موزمبيق جو قيام
1 مارچ 1498
• آزادي پورچوگال کان
25 جون 1975
16 سيپٽمبر 1975
30 نومبر 1990
• اسلامي باغين جي تحريڪ
5 آڪٽوبر 2017
پکيڙ
• جملي
801٬590 km2 (309٬500 sq mi) (35th)
• پاڻي (%)
2.2
آبادي
• 2016 اندازو
28,829,476[4] (50th --->)
• 2017 مردم شماري
27,909,798
•  گھاٽائي
28.7 /km2 (74.3 /sq mi) (178th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
$41.473 ارب ڊالر
• في سيڪڙو
$1,331[5]
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
$15.372 ارب ڊالر

تاريخ سنواريو

پھرين کان پنجين صدي عيسويءَ م اتر ۽ اولھ وارن پاسن کان ھن ملڪ واري سرزمين ۾ بانٽو ٻولي ڳالھيندڙ ماڻھو لڏي اچي آباد ٿيا. اتر موزمبيق ۾ ھندي سمنڊ جي سانوڻ واريون ھوائون گھلنديون آھن. ستين ۽ يارھين صدي عيسويءَ دوران ھتي ننڍا ننڍا سواحلي بندرن وارا شھر قائم ٿيا جن م سواحلي ثقافت ۽ سواحلي ٻولي جو فروغ ٿيو ۽ اتي صوماليا، ايٿوپيا، مصر، عربستان، ھندوستان ۽ فارس جا واپاري ڪثرت سان ايندا ھيا[8] 1498ع ۾ ھتي واسڪو ڊي گاما جي آمد ٿي جنھن بعد 1505ع ۾ ھتي پورچوگيزن جي بيٺڪن جي شروعات ٿي ۽ پورچوگيز چئن صدين تائين ھن سرزمين تي قابض رهيا. 1975ر م ھن ملڪ پورچوگال کان آزادي ماڻي ۽ جلد ئي ٻن سالن بعد عوامي جمهوريه موزمبيق ٿي ويو ۽ پوء ھتي گھرو ويڙھ شروع ٿي وئي جيڪا 1977 کان 1992 تائين جاري رھي. 1994ع ۾ ھتي ڪثير جماعتي عام چونڊون ٿيون جنھن بعد ھتي صدارتي نظام شروع ٿيو. 2013 کان ھتي رينامو (RENAMO) پارٽي جو ھٿياربند باغيانه سرگرميون شروع ٿيون جيڪي جاري آھن[9].

معيشيت سنواريو

ھي ملڪ تمام گھڻن قدرتي وسيلن سان مالامال آهي. ملڪ جي معيشت گھڻي ڀاڱي زرعي آھي ۽ صنعتي ترقيءَ ۾ پڻ اضافو ٿي رهيو آهي جن ۾ کاڌي، ڪيميائي مادن ، اليومونيم، پيٽرول جي شين ۽ شربتن جون صنعتون شامل آهن. ھن وقت سياحت ۾ پڻ اضافو آيو آھي. سائوٿ آفريڪا ھن ملڪ جو وڏو واپاري ڀائيوار ملڪ آھي جنھن ھن ملڪ ۾ وڏي سيڙپ ڪئي آھي. ان کان سواءِ بيلجيم، برازيل، پورچوگال ۽ اسپين پڻ ھن جا واپاري شراڪتدار آھن. 2001ع کان وٺي ھن ملڪ جي سالياني جي ڊي پي جي سراسري واڌ دنيا جي ملڪن م ڏاڍي اوچي رھي آھي پر پوء بہ ھي ملڪ اڃان تائين دنيا جي غريب ترين ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو[10] ڇو ته ان جي في ڪس آمدني قوت خريد جي لحاظ کان تمام گھٽ آهي[11]

حوالا سنواريو

  1. Neto, Octávio Amorim; Lobo, Marina Costa (2010). Between Constitutional Diffusion and Local Politics: Semi-Presidentialism in Portuguese-Speaking Countries. Social Science Research Network. 
  2. Shugart, Matthew Søberg (September 2005). "Semi-Presidential Systems: Dual Executive and Mixed Authority Patterns". Graduate School of International Relations and Pacific Studies (United States: University of California, San Diego). http://dss.ucsd.edu/~mshugart/semi-presidentialism.pdf. Retrieved 20 August 2016. 
  3. Shugart, Matthew Søberg (December 2005). "Semi-Presidential Systems: Dual Executive And Mixed Authority Patterns". French Politics 3 (3): 323–351. doi:10.1057/palgrave.fp.8200087. http://www.palgrave-journals.com/fp/journal/v3/n3/pdf/8200087a.pdf. "Of the contemporary cases, only four provide the assembly majority an unrestricted right to vote no confidence, and of these, only two allow the president unrestricted authority to appoint the prime minister. These two, Mozambique and Namibia, as well as the Weimar Republic, thus resemble most closely the structure of authority depicted in the right panel of Figure 3, whereby the dual accountability of the cabinet to both the president and the assembly is maximized.". 
  4. "World Population Prospects: The 2017 Revision". ESA.UN.org (custom data acquired via website). United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division. حاصل ڪيل 10 September 2017. 
  5. 5.0 5.1 https://www.imf.org/external/pubs/ft/weo/2019/01/weodata/weorept.aspx?pr.x=89&pr.y=14&sy=2019&ey=2024&scsm=1&ssd=1&sort=country&ds=.&br=1&c=688&s=NGDPD,PPPGDP,NGDPDPC,PPPPC&grp=0&a=
  6. "Gini Index". World Bank. حاصل ڪيل 2 March 2011. 
  7. "Human Development Report 2019" (PDF). United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 10 December 2019. 
  8. Newitt, M.D.D. "A Short History of Mozambique." Oxford University Press, 2017
  9. Schenoni, Natália Bueno. "Provincial Autonomy: The Territorial Dimension of Peace in Mozambique". GIGA Focus. https://www.academia.edu/19787524. 
  10. Investing in rural people in Mozambique آرڪائيو ڪيا ويا 27 April 2015 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. ifad.org
  11. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named CIA