گني(انگريزي: Guinea ) جنھن جي سرڪاري نالو ريپبلڪ آف گني يا جمھوريہ گني آھي، اولھ آفريڪا جي اولھندي سامونڊي ڪناري تي واقع ھڪ ننڍو ملڪ آهي. ان جا پراڻا نالا فرينچ گني ۽ گني-ڪوناڪري آھن[6] اھو اسلامي ملڪ سڏبو آهي ۽ ان جي مسلمان آبادي ڪل آبادي جو 85 سيڪڙو آھي[6][7][8] گني جا ماڻھو 24 نسلي گروھن سان تعلق رکندڙ آھن. ملڪ جي سرڪاري ٻولي فرينچ آھي ۽ تعليمي نظام پڻ ان ٻوليءَ وارو اٿس.

ريپبلڪ آف گني

ريپبلڪ ڊي گني
Flag
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نسبتي نشان
شُعار: '"محنت، انصاف، سالميت"
ترانو: Liberté  (French)
آزادي
مڪانيت  گني  (تيز نيري رنگ سان ڏيکاريل) – نقشو آفريڪا  (ھلڪي نيري رنگ سان ڏيکاريل & تيز خاڪي رنگ ۾) – in آفريڪي يونين  (ھلڪي نيري رنگ سان ڏيکاريل)
مڪانيت  گني  (تيز نيري رنگ سان ڏيکاريل)

– نقشو آفريڪا  (ھلڪي نيري رنگ سان ڏيکاريل & تيز خاڪي رنگ ۾)
– in آفريڪي يونين  (ھلڪي نيري رنگ سان ڏيکاريل)

گادي جو هنڌ ڪوناڪري
9°31′N 13°42′W / 9.517°N 13.700°W / 9.517; -13.700
سڀ کان وڏو شهر گاديءَ جو ھنڌ
دفتري ٻوليون فرينچ
مقامي ٻوليون
نسلي گروھ (2014[1])
مقامي آبادي گنيئن يا گنيائي ( سنڌي ۾)
حڪومت وحداني صدارتي ريپبلڪ
• صدر
Mamadi Doumbouya
مقننه قومي اسيمبلي
خودمختياري
• فرانس کان مليس
2 آڪٽوبر 1958
پکيڙ
• جملي
245٬857 km2 (94٬926 sq mi) (77th)
• پاڻي (%)
نہ جھڙو
آبادي
• 2016 اندازو
12,395,924[2] (77th)
• 2014 مردم شماري
11,523,261 [1]
•  گھاٽائي
40.9 /km2 (105.9 /sq mi) (164th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2020 لڳ ڀڳ
• ڪل
$26.451 ارب ڊالر [3]
• في سيڪڙو
$2,390[3]
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2020 لڳ ڀڳ
• ڪل
$9.183 ارب ڊالر [3]

ملڪ جو نالو سنواريو

اولھ آفريڪا جي گني ريجن نالي خطي ۾ واقع ھجڻ جي ڪري ان تي اھو نالو پيو. اھو خطو گني واري نار ( Gulf of Guinea) تي واقع آهي. لفظ گني پورچوگيزي ٻولي جي لفظ گنئي (Guiné) مان ورتل آهي پندرهين صدي عيسويءَ ۾ اھو لفظ ان علائقي لاء استعمال ڪيو ويو ۽ اتان جي ڪارن رھاڪن کي گنيئس (Guineus) سڏيو ويو جيڪو لفظ سينيگال ندي تي ان علائقي ۾ رھندڙ مخصوص ڪارن ماڻھن کي زيناگا بربر يا مور نسل جي ماڻھن سان تفريق جي لاء استعمال ڪيو ويو.

تاريخ سنواريو

گني ملڪ جي تاريخ گني خطي جي تاريخ جو حصو آهي جنھن ۾ 12 ۽ 13 صدي عيسويءَ ۾ سوسو ايمپائر زور ورتو جنھن جي حاڪم سوماورو ڪنتي کي 1235ع ۾ مالي ايمپائر جي سونجئاتا ڪيئتا ڪيرينا واري جنگ ۾ شڪست ڏني. مالي ايمپائر تي مانسا لقب جي حاڪمن جي حڪمراني ھئي انھن ۾ مشھور حاڪم حاجي ڪانجا موسیٰ ھيو جنھن 1235ع ۾ مڪي وڃي حج ادا ڪيو. ان جي وفات بعد مالي ايمپائر جو زوال شروع ٿيو. ان بعد سونگائي ايمپائر اٻري آئي جيڪا 1460 تائين عروج تي رھي ۽ مالي ايمپائر کان پکيڙ ۽ دولت ۾ اڳتي نڪري وئي. 1582ع ۾ اسڪيه دائود جي وفات تائين خوشحال رھي جنھن بعد تخت جي وارثن ۾ گھرو ويڙھ شروع ٿي ان دوران موروڪو ان تي حملو ڪيو ۽ ٽونڊيبي واري جنگ بعد ان تي قبضو ڪيو پر انھن جو تسلط قائم رھي نه سگھيو ۽ ايمپائر ننڍين بادشاھتن ۾ ورھائجي وئي.

 
ساموري توري واسولو ايمپائر جو باني ھيو جيڪا موجوده گني جي رياست واري علائقي ۾ قائم ھئي ۽ اولھ آفريڪا ۾ فرينچ بيٺڪي حڪومت جي خلاف مزاحمتي جنگ جو 1882ع کان 1898ع ۾ پنھجي گرفتاري تائين سرواڻ ھيو

اولھ آفريڪا ۾ وڏين ايمپائرن جي زوال بعد موجوده گني واي علائقي ۾ ڪيتريون ئي ننڍڙيون بادشاھتون قائم ٿينديون رھيون. فولاني مسلمان فوتا جلون ڏانھن ھجرت ڪري سينٽرل گني جي علائقي ۾ اسلامي رياست قائم ڪئي جيڪا 1727ع کان 1869ع تائين قائم رھي جنھن جو لکت ۾ آئين پڻ ھيو. سورھين صدي عيسويءَ ۾ اولھ آفريڪا ۾ يورپي واپاري اچي چڪا ھئا. ھتان غلامن جي برآمد جو ڪاروبار شروع ٿي چڪو ھو. گني ۾ اوڻويھين صديءَ جي وچ ڌاري فرانس جون فوجون اندر گھري آيون ۽ 1898ع ۾ ساموري توري جي فوجن جي شڪست سان ھن ملڪ تي مڪمل فرانس جو قبضو ٿي ويو. اھڙي طرح فرينچ گني نالي فرينچ اولھ آفريڪا جي ھڪ ڪالوني جو قيام عمل ۾ آيو. فرينچ اولھ آفريڪا تي فرانس جو مقرر ڪيل گورنر جنرل حڪومت ڪندو ھو جنھن جي گادي ڊاڪر شھر ۾ ھئي. فرينچ گني جو حاڪم ليفٽيننٽ گورنر ھيو. 1958ع ۾ چارلس ڊي گال فرانس جو صدر چونڊجي آيو جنھن ڪالونين کي وڌيڪ خودمختياري ڏيڻ يا انھن جي ترت آزادي لاء ريفرنڊم ڪرائڻ جا آپشن ڏنا. گني جي ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اڳواڻ احمد سيڪو توري ترت آزادي جي آپشن کي قبوليو تمام وڏي اڪثريت آزادي جي حق ۾ ووٽ ڏنو جنھن بعد جلد ئي فرانس قبضو ختم ڪيو اھڙي طرح 2 آڪٽوبر 1958 ۾ گني آزادي ماڻي ۽ احمد سيڪو توري ان جو پھريون صدر ٿيو.

 
صدر احمد سيڪو توري 1961ع م يوگوسلاويا ۾ . ھن جي حڪومت کي ڪميونسٽ بلاڪ جي مدد مليل ھئي

گني سوويت يونين جي ويجھو ٿيڻ بعد سوشلسٽ پاليسيون اختيار ڪيون. پر بعد ۾ ھن ملڪ چيني سوشلزم جي ماڊل جي پيروي شروع ڪندي سوويت يونين کان پاسيرو ٿي ويو. سوشلسٽ پاليسين باوجود ھن ملڪ آمريڪي سرمائيڪاري کي فروغ ڏنو. توري ملڪ ۾ ھڪ ڊگھي عرصي تائين چونڊيل حڪمران رھيو جنھن جي مقبوليت پئن آفريڪن ازم جي ڪري پوري آفريڪا ۾ وڌي وئي ھئي.

فائل:22novemberdetail.JPG
1970ع ۾ پورچوگال جي احمد سيڪو توري کي گرفتار ڪرڻ لاء ڪيل فوجي حملي ۾ گني جي فتح جو يادگار

22 نومبر 1970 ۾ پورچوگيزي گني مان پورچوگيزي فوج آپريشن گرين سي جي نالي سان گني جي شھر ڪوناڪري تي احمد سيڪو توري کي قتل ڪرڻ يا گرفتار ڪرڻ لاء حملو ڪيو جنھن ۾ پورچوگيزي فوج ناڪام ٿي. جنھن بعد ملڪ ۾ توري حڪومت ڪاروايون شروع ڪيون جن ۾ 50000 ھزار جي لڳ ڀڳ ماڻھو مارجي ويا. احمد سيڪو توري 26 مارچ 1984ع ۾ آمريڪا ۾ دل جي آپريشن دوران وفات ڪري ويو. وزيراعظم لوئيس لانسانا بيگوئي سندس جاء تي صدر ٿيو. ان دوران ڪرنل لانسانا ڪوٽي ۽ ڪرنل ڊيئارا توري پرامن فوجي بغاوت ڪري حڪومت تي قبضو ڪيو. ڪوٽي صدر ۽ ڊيئارا وزيراعظم ٿيو . 1992ع ۾ ڪونٽي سول حڪومت واري طريقي کي بحال ڪيو ۽ 1993ع ۾ صدر لاء چونڊ ۽ 1995ع ۾ پارليامينٽ لاء چونڊون ڪرايو جنھن ۾ سندس پارٽي آف يونٽي اينڊ پراگريس 114 مان 71 سيٽون کٽي آئي. ڪونٽي 23 ڊسمبر 2008ع تي پنھجي وفات تائين اقتدار م رھيو[9] ۽ ڪجهه ڪلاڪن بعد موسي دادس ڪمارا فوجي بغاوت ڪري حڪومت تي قبضو ڪيو[10] فوجي بغاوت خلاف مظاهرا شروع ٿيا 28 سيپٽمبر 2009 تي فوج ھٿان 157 مظاهرو ڪندڙ مارجي ويا[11] .[12] جنوري 2010ع ۾ ڪمارا ، ڪوناتي ۽ بلئس ڪومپائوري ، بورڪينا فاسو جو صدر شھري رول جي بحالي لاء ٻارھن نڪاتي حل ڪڍيو جنھن تحت ڇھن مھينن اندر ملڪ ۾ اليڪشن ڪرائڻي ھئي[13] اھڙي طرح 27 جون 2010 تي صدارتي اليڪشن ٿي[14][15] پر ان جا نتيجا تڪراري ٿي وڃڻ ڪري 7 نومبر 2010ع تي ٻيھر چونڊون ٿيون[16] جنھن ۾ ووٽرن ڀرپور شرڪت ڪئي ۽ چونڊون پر امن طريقي سان ٿيون[17] مخالف ڌر جي ريلي آف گنيئن پيپل نالي پارٽ جي اڳواڻ الفا ڪونڊي چونڊون کٽي ورتيون[18].

سياسي نظام سنواريو

ھڪ خودمختيار رياست آھي جنھن جو سربراھ صدر ۽ ملڪ ۾ حڪومتي سربراھ وزيراعظم ھوندو آھي. ملڪ جي مقننه قومي اسيمبلي آهي جيڪا ھڪ ايواني آھي ۽ ان جي رڪنن کي ملڪ جا ماڻھو سڌي چونڊ ذريعي مقرر ڪندا آهن. ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت گني جي سپريم ڪورٽ آھي[19]

انتظامي ورهاست سنواريو

 
گني جا خطا


جمهوريه گني جي پکيڙ 245857 چورس ڪلوميٽر آھي. گني ملڪ جي انتظامي ورھاست واري علائقي جو نالو ريجن ۽ پريفيڪچر آھي. ملڪ ۾ اٺ ريجن يا صوبا آھن. ملڪ 33 بريفيڪچرن ۾ ورھايل آھي. ڪوناڪري شھر ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر آھي. نزيريڪوري ملڪ جو ٻيون وڏو شھر آھي. ملڪ جي ٻين وڏن شھرن ۾ ڪنڪان، ڪنڊيا، لابي، گوئيڪيڊو، بوڪ، ممئو ۽ ڪسيڊوگو شامل آهن جن جي آبادي ھڪ لک کان مٿي آھي. ڪوناڪري جي آبادي 2014ع ۾ 1667864 آھي

ريجن گاديءَ جو هنڌ آبادي
(2014 آدمشماري)
ڪوناڪري ريجن ڪوناڪري 1,667,864
نزيريڪوري ريجن نزيريڪوري 1,663,582
ڪنڪان ريجن ڪنڪان 1,986,329
ڪنديا ريجن ڪنديا 1,559,185
بوڪي ريجن وڪي 1,081,445
لابي ريجن لابي 995,717
فرانا ريجن فرانا 942,733
ممائو ريجن ممائو 732,117

معيشت سنواريو

ملڪ جي معيشت زرعي ۽ معدني پيداوار تي بيٺل آهي[20] ھي ملڪ دنيا ۾ باڪسائيٽ پيدا ڪندڙ ٻيون نمبر وڏو ملڪ آهي . ھن ملڪ ۾ سون ۽ ھيرن جا وڏا ذخيرا پڻ آهن[21] گني قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آھي. دنيا جي باڪسائيٽ جي ذخيرن مان 25 سيڪڙو گني ۾ آھن. ھڪ اندازي مطابق اھي ذخيرا 25 بلين ميٽرڪ ٽن جيترا آھن. مائيننگ ان ڪري ملڪ جي معيشت جو آھن جز آهي. ملڪ ۾ ھائڊرو اليڪٽرڪ بجلي ٺھڻ جي زبردست صلاحيت موجود آهي. ان کان سواءِ ھي ملڪ اليومنيم آڪسائيڊ برآمد ڪندڙ پڻ آھي. ملڪ جو 80 سيڪڙو مزدورن جو فورس زراعت سان تعلق رکندڙ آهي. ھي ملڪ ڪيلو، تماڪ، پائين ايپل، ڪافي، مڱيرا، ۽ ناريل جو تيل پڻ برآمد ڪندڙ آھي. باڪسائيٽ جي مائيننگ لاء سي بي جي نالي ڪمپني جي حڪومت سان شراڪت آھي جنھن ۾ 49 سيڪڙو ڪمپني جو ۽ 51سيڪڙو حڪومت جو حصو آھي [22] [23]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 "Etat et Structure de la Population Recensement General de la Population et de l'habitation 2014" (PDF). Direction Nationale de la Statistique de Guinée. وقت 24 November 2019 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 27 March 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. "World Population Prospects: The 2017 Revision". ESA.UN.org (custom data acquired via website). United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division. حاصل ڪيل 10 September 2017. 
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 "Guinea". International Monetary Fund. حاصل ڪيل 18 April 2012. 
  4. "GINI index (World Bank estimate)". World Bank. وقت 10 January 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 10 January 2019.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  5. "Human Development Report 2019" (PDF). United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 10 December 2019. 
  6. 6.0 6.1 "Archived copy". وقت 5 February 2009 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 11 February 2009.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  7. "Religion in Guinea". Visual Geography. وقت 14 September 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 23 July 2017.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  8. "The Pan African Bank". Ecobank. وقت 19 March 2012 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 23 July 2017.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  9. McGreal, Chris (23 December 2008). "Lansana Conté profile: Death of an African 'Big Man'". The Guardian (London). https://www.theguardian.com/world/2008/dec/23/lansana-conte-profile. Retrieved 23 December 2009. 
  10. Walker, Peter (23 December 2008). "Army steps in after Guinea president Lansana Conté dies". The Guardian (London). https://www.theguardian.com/world/2008/dec/23/guinea-dictator-lansana-conte-dies. Retrieved 23 December 2009. 
  11. "Guinea massacre toll put at 157". London: BBC. 29 September 2009. http://news.bbc.co.uk/2/hi/8280603.stm. Retrieved 23 December 2009. 
  12. MacFarquhar, Neil (21 December 2009). "U.N. Panel Calls for Court in Guinea Massacre". The New York Times. https://www.nytimes.com/2009/12/22/world/africa/22guinea.html. Retrieved 23 December 2009. 
  13. "Signature, à Ouagadougou, d'un accord de sortie de crise. (French)". Le Monde. 17 January 2010. 
  14. afrol News – Election date for Guinea proposed آرڪائيو ڪيا ويا 29 July 2014 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Afrol.com. Retrieved 28 June 2011.
  15. Guinea to hold presidential elections in six months _English_Xinhua آرڪائيو ڪيا ويا 10 September 2013 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. News.xinhuanet.com (16 January 2010). Retrieved 28 June 2011.
  16. "Guinea sets date for presidential run-off vote". BBC News. 9 August 2010. https://www.bbc.co.uk/news/world-africa-10920366. 
  17. "Guinea sees big turnout in presidential run-off poll", ''BBC'' (7 November 2010) آرڪائيو ڪيا ويا 31 October 2018 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. BBC.co.uk (7 November 2010). Retrieved 28 June 2011
  18. Conde declared victorious in Guinea – Africa | IOL News آرڪائيو ڪيا ويا 19 September 2014 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. IOL.co.za (16 November 2010). Retrieved 28 June 2011.
  19. "Guinea's Supreme Court rejects election challenges". وقت 24 September 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 23 July 2017.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  20. "Guinea Conakry: Major Imports, Exports, Industries & Business Opportunities in Guinea Conakry, Africa". وقت 5 November 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 15 October 2014.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  21. "Guinea Conakry Support – Guinee Conakry Trade and Support. (GCTS)". وقت 5 January 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 15 October 2014.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  22. "Archived copy". وقت 18 July 2012 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 31 May 2015.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  23. Saliou Samb; Daniel Magnowski (1 November 2008). "One dead in Guinea protest, mine trains stop". Minesandcommunities.org. Reuters. http://www.minesandcommunities.org/article.php?a=8889. Retrieved 24 August 2013.