آذربائيجان

ايشيا ۽ يورپ ۾ واقع اسلامي ملڪ
سلجھائپ صفحن جي لاءِ معاونت نظر ھيٺ مضمون ڪوھ قاف Caucasus جو ھڪ خودمختيار ملڪ تي آهي. ٻين استعمالن جي لاءِ آذربائيجان (سلجھائپ) ڏسو.

آذربائيجان(انگريزي: Azerbaijan) جنھن جو سرڪاري نالو ريپبلڪ آف آذربائيجان آھي جيڪو يوريشيا جي ڪوھ قاف جبلن جي علائقي وارو ھڪ خودمختيار ملڪ آھي جيڪو اوڀر يورپ ۽ اولھ ايشيا جي سنگم تي واقع آهي ۽ ھڪ وحداني نيم صدارتي ريپبلڪ آهي.[6] ان جي اوڀر ۾ ڪيسپئن سمنڊ، اتر ۾ داغستان جي روسي ريپلڪ، اتر اولھ ۾ جارجيا، اولھ ۾ آرمينيا ۽ ترڪي ۽ ڏکڻ ۾ ايران واقع آھن.

آذربائيجان جي ريپبلڪ

Azərbaycan Respublikası (Azerbaijani)
Three equally sized horizontal bands of blue, red, and green, with a white crescent and an eight-pointed star centered in the red band
{{{coat_alt}}}
جھنڊو قومي نشان
ترانو: 
گولي ۾ آذربائيجان جو مقام تيز سائي رنگ سان ڏيکاريل ھلڪي سائي رنگ ۾ ڏيکاريل نگورنو ڪاراباخ
گولي ۾ آذربائيجان جو مقام تيز سائي رنگ سان ڏيکاريل
ھلڪي سائي رنگ ۾ ڏيکاريل نگورنو ڪاراباخ
گادي جو هنڌ باڪو
سڀ کان وڏو شهر باڪو
دفتري ٻوليون آذربائيجاني
نسلي اقليتن جون ٻوليون . آواري, بدخ جارجين, جھوري، کنالگ, ڪرٽز, ڪردش, ليزجيئن, روسي, رتل, ٽلش, ٽيٽ, ساخر ۽ ادي
مقامي آبادي آذربائيجاني
حڪومت وحداني غالب پارٽي وارو نيم صدارتي ريپبلڪ[1]
• صدر
الھام عليوف
مھربان علييوا
ارتر رسزادي
مقننه نيشنل اسيمبلي
آذربائيجان جي تاريخ
28 مئي 1918
28 اپريل 1920
• سويت يونين کان آزادي ورتائين
30 آگسٽ 1991 (اعلان ٿيو)
18 آڪٽوبر 1991 (خودمختياري)
25 ڊسمبر 1991 ( تڪميل)
21 ڊسمبر 1991
2 مارچ 1992
• آئين لاڳو ٿيو
12 نومبر 1995
پکيڙ
• جملي
86٬600 km2 (33٬400 sq mi) (112th)
• پاڻي (%)
1.6
آبادي
• 2017 اندازو
9,867,250[2] (91st)
•  گھاٽائي
113 /km2 (292.7 /sq mi) (99th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$175 ارب ڊالر[3] (72nd)
• في سيڪڙو
$17,857[3] (71st)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$41  ارب ڊالر[3]

تفصيلي تعارف

سنواريو
 
آذربائيجان ۽ ان جا شھر


ھن ملڪ 1918ع ۾ روسي ايمپائر کان آزادي ماڻي مسلم اڪثريت واري ھڪ پھرين سيڪيولر، ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ ٿيو. 1920ع ۾ ھي ملڪ سوويت يونين ۾ آذربائيجان سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ طور شامل ڪيو ويو[7]. موجوده آذربائيجان واري ريپبلڪ سويت يونين جي ٽٽڻ سان 30 آگسٽ 1990ع ۾ سوويت يونين کان آزاد ٿي وجود ۾ آئي[8] سيپٽمبر 1991 ۾ ان ملڪ جي آرمينيائي نسل جي ماڻھن جي اڪثريت واري علائقي نگورنو ڪاراباخ علحدہ ٿي ارتسخ ريپبلڪ طور علحده ٿي آذربائيجان ۽ آرمينيا وچ ۾ ھڪ تڪراري علائقو بڻجي ويو.[9] جنھن سان ٻنھي ملڪن وچ ۾ نگورنو ڪاراباخ جنگ جو آغاز ٿيو جيڪا 1994ع ۾ جنگ بندي ذريعي ختم ٿي.ببين الاقوامي برادري طرفان نگورنو ڪاراباخ جو علائقو آذربائيجان جو حصو قرار ڏنل آھي پر ٻنھي ملڪن کي ڳالھين ٻولھيون وسيلي تڪرار جي نبيري لاءِ زور ڏنو ويو آهي[10][11]. آذربائيجان ھڪ وحداني، نيم صدارتي[1] ريپبلڪ آهي. اھا دنيا جي ڇھن ترڪ رياستن (ترڪي ، آذربائيجان، قزاقستان، ڪرغزستان، ازبڪستان ۽ ترڪمانستان ) مان ھڪ آھي ۽ ترڪ ڪائونسل ۽ ترڪسوئي جو فعال رڪن آهي. ھن ملڪ جا دنيا جي 182 ملڪن سان سفارتي لاڳاپا ۽ دنيا جي 38 بين الاقوامي تنظيمن جي رڪنيت حاصل آھي آهن[12] جن ۾ گڏيل قومن جو ادارو (جنھن جو 1992ع ۾ رڪن ٿيو) ۽ ڪائونسل آف يورپ، غيرجانبدار تحريڪ، او ايس سي اِي، نيٽو، پارٽنرشپ فار پيس پروگرام پڻ شامل آهن. ھي ملڪ گئام، خودمختيار رياستن جي دولت مشترڪه جو [13] ۽ ڪيميائي ھٿيارن جي روڪ واري تنظيم جق باني رڪن آهي. ھن ملڪ کي ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن ۾ مبصر جو درجو پڻ رکي ٿو [12][14]. ملڪ جي 97 سيڪڙو آبادي مسلمان آهي[15] ان ھوندي بہ ملڪ جي آئين ۾ اسلام کي سرڪاري مذھب جي حيثيت ناھي مليل ۽ ھي ھڪ سيڪيولر ملڪ آھي. دنيا ۾ ھي ترقي پذير ملڪ آھي جنھن جي انساني ترقي جو اشاريو درجي ۾ 87 نمبر تي شمار ٿئي ٿو[16] ھن ملڪ جي معاشي ترقي ۽ تعليمي تناسب جي شرح مٿاھين آھي.[17]

ملڪ جو نالو

سنواريو

موجوده دؤر جي اشتقاقي علم مطابق لفظ آذربائيجان آتروپات جي بادشاهي واري سرزمين مان نڪتل آهي جنھن کي يونانين آتروپاتين جو نالو ڏنو ھو. ھڪ خيال مطابق اھو نالو فارسي جي ٻن لفظن آذر جنھن جي معنيَ باھ آھي ۽ پائيگان جنھن جي معنيَ محافظ آھي. اھڙي طرح آذربائيجان جي معنيَ آھي باھ جو محافظ[18][19] [20][21][22] جيڪو اشميني ايمپائر جي دور ۾ پارسي ساتراپ (گورنر جي برابر عھدي جو نالو) ھيو جنھن جي ان ساتراپ واري عھدي کي کي سڪندراعظم پڻ ميديائي علائقي ۾ برقرار رکيو ھو. آذربائيجان نالي جون اشتقاقي جڙون پراڻي دؤر ۾ ان علائقي جي غالب زرتشتي مذھب منجھ کتل آھن[23] لفظ آتروپان خود ھڪ قديم ايراني لفظ جو ھڪ يوناني اچار آھي[24] جنھن جو ذڪر يوناني مؤرخن ڊائيوڊورس سڪولوس ۽ استرابو ڪيو. ھڪ ھزار سالن جي عرصي دوران آتروپان لفظ وچولي فارسي ۾ تبديل ٿي آتروپتڪان ۽ پوء فارسي ۾ تبديل ٿي آزربذگان ۽ پوء آذربائيگان ۽ بعد ۾ نئين فارسي ۾ آذربائيجان ٿي ويو. موجوده ملڪ لاء ان نالي جو پھريون ڀيرو استعمال 1918ع روسي انقلاب سان روسي ايمپائر جي خاتمي بعد آذربائيجان جي ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ جي قيام وقت مساوات پارٽي جي حڪومت ڪيو[25]

 
باڪو ۾ قوبوستان نيشنل پارڪ ۾ رکيل سنگ نگاري ڏھ هزار سال قبل مسيح تائين پراڻي ھجڻ ڪري يونيسڪو پاران عالمي ورثو قرار ڏنل

ھن ملڪ واري علائقي ۾ سڀ کان قديم ترين آبادي جا آثار پٿر جي دؤر تائين پراڻا آھن. اھي آثار آزوخ غار ۾ گروچي ثقافت سان تعلق رکندڙ آھن[26] ان کان سواءِ قديم آبادين ۾ نائين صدي قبل مسيح واري سيٿيائي تھذيب شامل ھئي[24] جنھن بعد ھن خطي تي ايران کان ايندڙ ميديائي ماڻھن جو غلبو ٿيو جن جو تھذيبي مرڪز اراس ندي جو ڏاکڻو پاسو ھيو. ميديائي 900 ق م کان 700 ق م تائين ايمپائر قائم ڪري ڇڏي جنھن کي 550 ق م ۾ اشميني ايمپائر فتح ڪري پنھنجو حصو بڻائي ڇڏيو[27] اشميني ايمپائر ۾ ھتي زرتشتي مذھب ڦھلجي ويو[28]

 
باڪو ۾ واقع عالمي ورثو قرار ڏنل يارھين صدي جو ميديائي مينار
باڪو جي پراڻي شھر واري حصي ۾ ٻارھين عيسوي صدي ۾ تعمير ٿيل شروانشاھي محل يونيسڪو طرفان عالمي ورثو قرار ڏنل آھن

موجوده آذربائيجان جي اولھندي پاسي ڪوھ قاف وارو حصو ماضي ۾ ڪوھ قاف وارو البانيا سڏبو ھو. ساساني ايمپائر ڪوھ قاف واري البانيا کي 252ع ۾ خراج ڏيندڙ رياست ۾ تبديل ڪري ڇڏيو جڏھن ته ان البانيا جي بادشاهه ارنير چوٿين صدي عيسويءَ ۾ عيسائيت اختيار ڪري ان کي سرڪاري مذھب بڻائي ڇڏيو[29] ساساني ايمپائر جي قائم رھڻ تائين آذربائيجان جي ان اولھندي حصي ۾ البانيا واري رياست پنھنجي علحده بادشاهت سميت ساساني ايمپائر جي ماتحتي ۾ قائم رھي. البانيائي بادشاهه جو اختيار نالي ماتر ھوندو ھو ۽ اصل اختيار ساساني ايمپائر طرفان مقرر ڪيل مرزبان (فوجي گورنر) وٽ ھيا. ستين صدي عيسويءَ جي پھرين اڌ ۾ خلافت راشده ساساني ايمپائر جو خاتمو آندو تي البانيا خلافت جي جزوي ماتحتي ۾ رھي. اموي خلافت 667ع ۾ ڪوھ قاف واري البانيا جي بادشاهه جاونشر جي مزاحمت کي ڪچلي البانيا کي پنهنجي خراج ڏيندڙ رياست بڻايو. عباسي خلافت جي زوال سان علائقي ۾ کوڙ مقامي شاھي خاندانن جي حڪومتن کي جنم ڏنو جن ۾ سالاري خاندان، ساجي خاندان ۽ شدادي خاندان جون بادشاھتون شامل آهن. يارھين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ آذربائيجان واري علائقن تي وچ ايشيا جا ارغوز ترڪ قابض ٿيندا ويا جن پنھنجي نسلي سڃاڻپ ترڪمان جي نالي سان ڪرائي[30] انھن گھراڻن اڳتي ھلي سلجوق ايمپائر قائم ڪئي. اھي ترڪ موجوده آذربائيجان جي علائقن ۾ 1067ع ۾ داخل ٿيا ھئا. انھن جي آمد کان پھريان ھتي جا رھاڪو آرمينيائي ٻولي، ايراني ٻولين ۽ پراڻي آذري ٻولي سميت کوڙ انڊو يورپي ٻوليون ڳالهائيندڙ ھيا[31][32][33][34] [35] جن جي جاء ترڪ ٻولين ورتي.پراڻي آذري ٻولي ترڪ ٻولين سان ملي موجوده آذربائيجاني ٻولي بڻجي وئي[36] ٻولين جي علم جي ڪجهه ماھرن جو خيال آهي تہ ايران واري آذربائيجان صوبي ۾ ڳالھائي ويندڙ تاتي ٻولي پڻ ان پراڻي آذري ٻولي مان ٺھي[37][38]. شروانشاھي نالي مقامي گھراڻي جي بادشاهت تيموري ايمپائر جي خراج ڏيندڙ رياست ھئي ۽ اردوئي زرين جي توقتمش سان جنگ ۾ تيمور لنگ جي مدد ڪئي. تيمور لنگ جي وفات بعد ٻه خودمختيار ۽ ھڪٻئي جون مخالف رياستون: قرا قويونلو ۽ اق قويونلو وجود ۾ آيون. شروانشاھي گھراڻي خراج جي ادائيگي باوجود پنھنجي علائقي ۾ 861ع کان ڪيترين ئي صدين تائين وڌ کان وڌ خودمختياري قائم رکي ۽ 1501ع ۾ ايران جي صفوي گھراڻي جي حاڪمن شروانشاھي رياست تي قبضو ڪيو ۽ اڳتي ھلي صفوي گھراڻي شيعا مذھب اختيار ڪيو تہ ملڪ جي سموري سني آبادي کي شيعا آبادي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو[39][40][41] [42] صفوين شروانشاھي گھراڻي کي صفوي بادشاهت جي ماتحتي ۾ 1538ع تائين اقتدار ۾ برقرار رکيو. ان سال صفوي بادشاهه تھماسپ پھرين (دور حڪمراني: 1524–1576) مڪمل طور تي ھٽائي شروان کي صفوي ايمپائر جو صوبو بڻائي ڇڏيو. ان بعد سني عثماني خلافت 1578 کان 1590 تائين صفوي ايمپائر سان جنگون ڪري موجوده آذربائيجان جي حصن تي قبضا ڪيا. سترھين صدي جي شروعات ۾ عباس پھرين (دور حڪمراني: 1588–1629) انھن کي آذربائيجان مان ٻاھر ڪڍيو. باڪو ۽ ان جي پسگردائيءَ تي روس 1722 ۽ 1723 واري فارس جي صفوي ايمپائر سان جنگين جي نتيجي ۾ مختصر مدي تائين قبضو ڪيو.


 
ارڙھين ۽ اوڻويھين صدي ۾ آذربائيجان ۽ ان جي چوڌاري خانيٽون ۽ سلطنتون

صفوين بعد ايران يا فارس تي افشري گھراڻي جي حڪمراني جو آغاز ٿيو. ان خاندان جي نادر شاھ (دور حڪمراني: 1736–1747) جي وفات بعد کوڙ ننڍيون خانيٽون وجود ۾ آئيون[43][44][45][46][47] جن جا حاڪم ايرن جي حڪمران گھراڻي سان تعلق رکندڙ ھئا ۽ ايران جي شھنشاھ کي خراج ڏيندڙ ھيا[48] وچ ايشيا ۽ اولھ جي واپاري شاھراھن جو تسلط ۽ انھن جي معاملن جي سنڀال پڻ انھن ننڍين خانيٽن جي ذميداري بڻجي وئي[49] ان بعد آذربائيجان جو علائقو لاڳيتو ھڪٻئي پٺيان ايراني زنديه ۽ قجر گھراڻن جي حڪمراني ۾ رھيو[50] ارڙھين صدي عيسويءَ ۾ روسي ايمپائر خلافت عثمانيه ۽ ايراني ايمپائر کان جارحاڻي طاقت ۾ سبقت وٺي ويو[51][52] 1804 ۾ روسي ايمپائر ڪوھ قاف واري حصي ۾ گنجه شھر تي حملو ڪيو جنھن سان گنجا واري جنگ ڇڙي. روس ۽ فارس وچ ۾ 1814ع کان 1813ع تائين جنگون جاري رھيون[53] روسي ايمپائر کي فوجي برتري ھجڻ ڪري روس جنگ کٽي

 
گنجه واري جنگ، 1804 دوران گنجه واري قلعي جو محاصرو

گلستان واري معاهدي ذريعي قجر گھراڻي واري ايران جارجيا ۽ داغستان سميت کوڙ خانيٽن تي روسي ايمپائر جو حق تسليم ڪيو[54] آراس ندي جي اتر ۾ موجوده آذربائيجان وارا علائقا اڃان ايران جي تسلط ۾ ھئا جن تي اوڻويھين صدي ۾ روسي ايمپائر قابض ٿي[55][56][57][58][59][60] ڏھاڪو سال بعد 1826ع ۾ گلستان واري معاهدي جي ڀڃڪڙي جي ڪري روس ايران جي موجوده آرمينيا ۽ اولھ آذربائيجان واري علائقن تي مشتمل ايروان خانيٽ تي حملو ڪري قبضو ڪيو[61][62] 1828 تائين ھلندڙ جنگ جو نتيجو آخرڪار ترڪمنچائي واري معاھدي جي صورت ۾ نڪتو جنھن ذريعي ايراني قجر ايمپائر ايروان خانيٽ سان گڏوگڏ نخجوان خانيٽ ۽ موجوده آذربائيجان واري ھڪ وڏي علائقي تي مشتمل لنڪران خانيٽ يا تالش خانيٽ روسي ايمپائر جي حق ۾ تان مجبورن دستبردار ٿي وئي[54] آذربائيجان جا باقي حصا ايراني تسلط ۾ رھيا. ڪوھ قاف وارو پورو علائقو روسي ايمپائر جو حصو ٿي ويو ۽ آراس ندي ٻنھي ملڪن وچ ۾ سرحد بڻجي وئي جيڪا سوويت يونين جي ٽٽڻ بعد آذربائيجان جي ريپبلڪ ۽ ايران وچ ۾ سرحد طور برقرار آھي. آذربائيجاني نسل جا ماڻھو اھڙي طرح آذربائيجان جي ريپبلڪ ۽ ايران ۾ ورھائجي ويا[63]

پھرين خودمختيار ريپبلڪ

سنواريو

پھرين جنگ عظيم ۾ روسي ايمپائر جي خاتمي سان موجوده آذربائيجان، جارجيا ۽ آرمينيا جو وفاق ٽرانسڪاڪيشن ڊيموڪريٽڪ فيڊريٽو ريپبلڪ جي نالي سان وجود ۾ آيو جيڪو ٿورو وقت قائم رھي سگھيو[64][65] [66] مئي 1918ع ۾ اھا وفاقي ريپبلڪ ٽٽي وئي ۽ آذربائيجان جي مساوات پارٽي آذربائيجان ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ جي نالي سان خودمختيار رياست جي قيام جو اعلان ڪري ڇڏيو اھڙي طرح پھريون ڀيرو آذربائيجان نالي جو استعمال ڪيو ويو. ان کان اول اھو نالو ايران جي اتر اولھ واري علائقي لاء استعمال ٿيندو ھو. مسلم دنيا ۾ اھا جديد پارلياماني ريپبلڪ ھئي[55][67][68] ھن مسلم دنيا جي اھا پھرين ريپبلڪ ھئي جنھن سڀ کان اول عورتن کي عام چونڊڻ ۾ ووٽ ڏيڻ جو حق ڏئي مردن جي برابر سياسي حق ڏنا[67] باڪو ۾ باڪو اسٽيٽ يونيورسٽي جو قيام ٿيو جيڪا اوڀر واري مسلم دنيا ۾ پھرين جديد يونيورسٽي ھئي[67]


 
1919ع ۾ پيرس امن ڪانفرنس ۾ آذربائيجان جي وفد طرفان پيش ڪيل نقشو

سوويت يونين ۾

سنواريو

مارچ 1920ع ۾ سوويت روس جو باڪو تي حملو اڳواٽ ئي متوقع ھيو ڇوته ولاديمير لينن چئي چڪو ھو ته سوويت روس باڪو جي تيل کانسواءِ قائم رھي نه ٿو سگھي[69][70]آذربائيجان جي آزادي کان 23 مھينا بعد بالشيوڪ 11ھين سوويت سرخ فوج آذربائيجان تي حملو ڪري گھري آئي ۽ اھڙي طرح 28 اپريل 1920ع تي آذربائيجانن سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ قائم ٿي. آزاد رياست جي فوج مزاحمت ڪئي ھئي جنھن ۾ 20000 ھزار آذربائيجاني فوجي مارجي ويا هئا[71] 13 آڪٽوبر 1921ع تي روسي، آرمينيا، آذربائيجان ۽ جارجيا جي سوويت سوشلسٽ ريپبلڪن ترڪي سان قارص وارو معاھدو ڪيو. جنھن مطابق اڳوڻي ارس ريپبلڪ آذربائيجان سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ اندر نخچيون خودمختيار سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ ۾ تبديل ٿي وئي ۽ ٻئي پاسي زينگزور آرمينيا جي حوالي ٿيو ۽ ترڪي گيومري شھر (اڳوڻو اليگزينڊروپول) آرمينيا کي واپس ڪرڻ لاء راضي ٿيو. ٻين جنگ عظيم دوران سوويت يونين جي توانائي واري اسٽريٽجڪ پاليسي ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. سوويت يونين جي اوڀر واري جنگي محاذ تي 80 سيڪڙو تيل جي رسد باڪو مان ڪئي وئي هئي[55] 1941 کان 1945ع تائين آذربائيجان جو ھر پنجون ماڻھو جنگ ۾ جرمن فوج سان وڙھيو ھو. ان وقت آذربائيجان جي ڪل آبادي 34 لک ھئي جنھن مان لڳ ڀڳ 681000 ماڻھو جنگي محاذ تي وڙھيا جن مان ھڪ لک کان مٿي عورتون ھيون[72] لڳ ڀڳ 250000 آذربائيجاني جنگي محاذ تي مارجي ويا. 130 آذربائيجاني ويڙھاڪن کي سوويت يونين جو ھيرو قرار ڏنو ويو. آذربائيجاني ميجر جنرل آزي اسلانوف کي ٻہ ڀيرا سوويت يونين جو ھيرو قرار ڏنو ويو[73]

سوويت يونين مان آزادي

سنواريو
 
سرخ فوج جا جٿا 1990ع ۾ بليڪ جنوري واري سانحي دوران

ميخائيل گورباچوف جي گلاسنوسٽ واري سياست جي نتيجي ۾ سوويت يونين جي کوڙ ھنڌن تي احتجاجي مظاھرن ۽ نسلي ٽڪرائن جو آغاز ٿيو جن ۾ نگورنو ڪاراباخ پڻ شامل ھيو[74] جيڪا آذربائيجان سويت سوشلسٽ ريپبلڪ جو ھڪ خودمختيار علائقو ھيو. ماسڪو جي نگورنو ڪاراباخ جي مسئلي تي نظراندازي ان تڪرار۾ ويتر اضافو ڪري ڇڏيو جنهن ڪري آزادي جا مطالبا شروع ويا جنھن جو نتيجو بليڪ جنوري واري واقعي جي صورت ۾ ٿيو جنھن واقعي ۾ 93 آذربائيجاني ۽ 29 سوويت فوجي مارجي ويا[75] ان واقعي بعد آذربائيجان ايس ايس آر جي سپريم ڪائونسل سوويت سوشلسٽ جو لفظ نالي مان خارج ڪري آذربائيجان ريپبلڪ جي خودمختياري جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ آذربائيجان ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ جو جھنڊو اختيار ڪري ڇڏيو[76] 1991 جي آگسٽ ۾ ماسڪو ۾ سوويت فوجي بغاوت جي ڪوشش ناڪام ٿيڻ کان پوءِ 18 آڪٽوبر 1991ع تي آذربائيجان جي سپريم ڪائونسل سوويت يونين کان آزادي جو اعلان ڪيو جنھن جي توثيق ڊسمبر 1991ع آذربائيجاني قوم ريفرينڊم جي ذريعي ڪئي. جڏھن تہ سوويت يونين پڻ سرڪاري طور تي 26 ڊسمبر 1991ع تي ختم ٿي ويو[76]. ملڪ ھن وقت يوم آزادي 18 آڪٽوبر تي ملھائيندو آھي[77].

نگورنو ڪاراباخ جو مسئلو

سنواريو

ملڪ جي آزادي سان نگورنو ڪاراباخ جي اڪثريت واري آرمينيائي آبادي آرمينيا جي پٺڀرائي سان نئين رياست ۾ گڏ ھلڻ کان انڪار ڪيو جنھن ڪري جنگ ڇڙي پئي[78] 1994ع ۾ جنگ جي خاتمي تي آرمينيائي آبادي نگورنو ڪاراباخ سميت آذربائيجان جي 14 کان 16 سيڪڙو ايراضي تي قابض ٿي وئي[79][80] ان جنگ دوران آرمينيائي اڪثريت وارن علائقن ۾ آرمينيا نسلي گروھ آذربائيجاني ماڻھن جا قتل عام پڻ ڪيا جن ۾ مالبيلي ۽ گشڪولر وارو قتل عام، گاراداگلي قتل عام ، اگدابن قتل عام ۽ کوجئلي وارو قتل عام شامل آهن.[81][82] 30000 کان وڌيڪَ ماڻھو ان جنگ ۾ مارجي ويا ۽ ڏھ لکن کان وڌيڪَ بي گھر ٿيا[83] گڏيل قومن جي سڪيورٽي ڪائونسل قرارداد نمبر 822، 853، 874 ۽ 884 ذريعي آرمينيائي فوج کان آذربائيجاني علائقا فورن خالي ڪرڻ جا مطالبا ڪيا[84] ڪيترائي روسي ۽ آرمينيائي 1990واري ڏھاڪي ۾ آذربائيجان ڇڏي ويا[85] 1970 جي آدمشماري مطابق آذربائيجان ۾ 5,10,000 روسي ۽ 4,84,000 آرمينيائي رھندڙ ھيا[86]

 
نگورنو ڪاراباخ ۾ علحدگي پسند فوجين جي صورتحال

آذربائيجان جي سياست

سنواريو
 
الھام علييف

12 نومبر 1995ع ۾ ملڪ ۾ نئون آئين نافذ ڪيو ويو جنھن ۾ ملڪ جو سياسي نظام صدارتي ريپبلڪ جي جوڙجڪ ڏنل آهن. رياست جا ٽي شعبا آهن: عملداري ڪندڙ شعبو، قانونساز شعبو ۽ عدالتي شعبو. قانونسازي جو ادارو ملڪ جي ھڪ ايواني نيشنل اسيمبلي جنھن کي آذربائيجاني ٻولي ۾ ملي مجلس سڏيندا آهن. جڏھن ته نخجوان خودمختيار ريپبلڪ جي قانونسازي جو ادارو سپريم نيشنل اسيمبلي آهي. ملي مجلس جا 125 رڪن آھن جن کي ڊٽيز سڏين ٿا جيڪي اڪثريت واري ووٽ جي بنياد تي پنجن سالن جي مدي لاء چونڊجندا آھن[87] 2010 ۾ نيو آذربائيجان پارٽي اليڪشن ۾ سموريون 125 سيٽون کٽي آئي. مخالف ڌر جي مساوات پارٽي ۽ آذربائيجاني پاپولر فرنٽ پارٽي ھڪ بہ سيٽ نہ کٽي سگھي[88]. ملڪ جو چيف ايگزيڪيوٽو ملڪ جو صدر آھي جيڪو سڌي چونڊ ذريعي ست سالن لاء چونڊجي ايندو آهي. وزيراعظم کي پڻ ايگزيڪيوٽو اختيار مليل آهن. صدر پنھنجي ڪابينه پڻ جوڙيندو آهي جيڪا صدر ۽ پارليامينٽ آڏو جوابده آھي[1]. آذربائیجان جي ڪابينه وزيراعظم، ان جي ڊپٽين، ۽ وزيرن تي مشتمل ھوندي آھي. صدر کي نيشنل اسيمبلي جي فيصلي کي ويٽو ڪرڻ جو اختيار پڻ آهي. پارليامينٽ جي 95 سيڪڙو ووٽن جي اڪثريت صدر جي ويٽو کي رد ڪري سگهي ٿي. عدالتي اختيار آئيني ڪورٽ ، سپريم ڪورٽ ۽ معاشي ڪورٽ وٽ آھن جن ۾ ججن جي نامزدگي صدر ڪندو آهي. 1993ع ۾ ملڪ جي چونڊيل صدر ابوالفضل ايلچي بيگ جي خلاف ڪرنل صورت حسينوف فوجي بغاوت ڪري ان جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو جنھن سان آذربائيجان سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ وارو اڳواڻ حيدر علييف اقتدار ۾ آيو[89] 1994ع ۾ صورت حسينوف وزيراعظم جي عھدي تي رھندي بغاوت جي ھڪ ٻي ڪوشش صدر حيدر علييف جي خلاف ڪئي پر ناڪام ٿي ويو. کيس گرفتار ڪري بغاوت جو مقدمو هلايو ويو[90] 1995 ۾ حيدر علييف جي خلاف ھڪ ٻي ناڪام فوجي بغاوت اومون نالي خاص پوليس جي يونٽ جي ڪمانڊر روشن جوادف ڪئي جنھن ۾ اھو ڪمانڊر مارجي ويو. اومون جا اسپيشل يونٽ نتيجي ۾ ٽوڙي ختم ڪيا ويا[91][92]. ملڪ جي حڪومتي افسرشاھي ۾ ڪرپشن وڌي وئي [93] آڪٽوبر 1998ع ۾ حيدر علييف ٻئي مدي لاء وري چونڊجي آيو[94] 2003ع ۾ حيدر علييف وفات ڪري ويو ۽ سندس پٽ الھام علييف نيو آذربائيجان پارٽي جو چيئرمين ٿيو. آڪٽوبر 2013 ۾ ھي ٽئين مدي لاء صدر چونڊجي آيو[95]

پرڏيھي ناتا

سنواريو
 
صدر الھام علييف ۽ ترڪي جو صدر طيب اردگان 31 آڪٽوبر 2017ع ۾

آذربائيجان جي ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ توڻي ٿورو عرصو قائم رھي پر ان ڇھن ملڪن سان سفارتي تعلقات قائم ڪيا جن ۾ جرمني ۽ فنلئنڊ پڻ شامل ھيا[96] بعد ۾ سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ جي حيثيت ۾ آذربائيجان سوويت يونين ۾ رھيو ۽ 1990 ۾ سوويت يونين جي زوال بعد ھڪ سال ۾ ئي دنيا جي ملڪن جي وڏي اڪثريت آذربائيجان جي آزادي کي تسليم ڪري چڪي ھئي. سڀ کان دير سان تسليم ڪندڙن ۾ بحرين شامل آھي جنھن کيس 6 نومبر 1996ع ۾ تسليم ڪيو[97]آذربائيجان جا باقائده ٻہ طرفا سفارتي لاڳاپا سڀ کان اول ترڪي، پاڪستان، يونائيٽيڊ اسٽيٽس، اسرائيل ۽ ايران سان قائم ٿيا[96][98] سڀ کان خاص ناتن لاء آذربائيجان جو لاڙو ترڪي طرف وڌيڪ رھيو آھي[99][100] ھن ملڪ جا 158 ملڪن سان سفارتي لاڳاپا قائم آهن ۽ 38 بين الاقوامي تنظيمن جو رڪن آهي[12]

 
الھام علييف روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان گڏ آگسٽ 2018ع ۾ اڪتائو، قزاقستان ۾ ٿيل ڪيسپين سمنڊ واري سمٽ ۾

آذربائيجان جي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن ۾ ان جي پنھنجي علائقائي سالميت جي بحالي، نگورنو ڪاراباخ تي ۽ ان سان لڳولڳ ستن علائقن تي قبضو خالي ڪرائڻ[101][102]، يورپي ۽ يورو ايٽلانٽڪ ڍانچي جو حصو ٿيڻ، بين الاقوامي سلامتي ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ، بين الاقوامي ادارن سان سھڪار ڪرڻ، علائقائي سھڪار ۽ باھمي لاڳاپا رکڻ، دفاعي صلاحيت وڌائڻ شامل آهن[101]. آذربائيجان بين الاقوامي دھشتگردي سان مقابلي لاءِ عالمي اتحادن جو سرگرم رڪن آھي ۽ اھو يارھن سيپٽمبر تي ٿيل نيويارڪ ۾ دھشتگردي جي واقعي بعد دھشتگردي جي خلاف سھڪار ڪندڙ پھرين صف وارن ملڪن ۾ شامل ھيو[103] ھن ملڪ ڪوسووو، افغانستان ۽ عراق ۾ امن قائم ڪرڻ واري ڪوششن ۾ عملي ڪردار ادا ڪيو. آذربائيجان نيٽو جي پارٽنرشپ فار پيس (امن لاء شراڪت) واري پروگرام جو پڻ سرگرم رڪن آهي. ھن ملڪ جا يورپي يونين سان پڻ بھتر لاڳاپا آهن ۽ مستقبل ۾ ھن ملڪ جو يورپي يونين ۾ شامل ٿيڻ جو پڻ امڪان موجود آهي[101].

جاگرافي

سنواريو
 
اتر آذربائيجان ۾ واقع ڪوھ قاف جبل

جاگرافيائي لحاظ کان آذربائيجان يوريشيا جي ڏکڻ ڪوھ قاف واري خطي ۾ واقع آهي ۽ ڏکڻ-اولھ ايشيا ۽ اوڀر يورپ تائين ڦھليل آھي. ان جي جاگرافيائي بيھڪ اتر واري ويڪرائي ڦاڪ ڦاڪ ۾ پور وڇوٽ°38 ۽°42 ڊگرين کان اوڀر طرف ڊگھائي ڦاڪ ۾ °44 ۽ °51 ڊگرين تي واقع آهي. ملڪ جي سرحدن جي ڪل ڊيگھ 2٬648 km (1٬645 mi) آھي جنھن مان 1,007 ڪ م آرمينيا سان، 756 ڪ م ايران سان، 480 ڪ م جارجيا سان، 390 ڪ م روس سان ۽ 15 ڪ م ترڪي سان ملن ٿيون[104] ان جو. سامونڊي ڪنارو 800 km (497 mi) آھي ۽ ڪيسپين سمنڊ اندر ان جي سامونڊي حد 456 km (283 mi) آھي[104]. آذربائيجان جو خطو اتر کان ڏکڻ طرف 400 km (249 mi) ۽ اولھ کان اوڀر 500 km (311 mi) تائين ڦھليل آھي. آذربائيجان جا ٽي مکيه طبعي نقش آھن: اوڀر ۾ ڪيسپين سمنڊ؛ اتر ۾ ڪوھ قاف جبلن جون قطارون؛ ۽ وچولي حصي ۾ واقع وسيع ميداني علائقا. ھن ملڪ جبلن جون ٽي قطارون آھن: وڏو ڪوھ قاف، ننڍو ڪوھ قاف ۽ ڪوھ تالش. انھن ٽنھي جبلن جون قطارون ملڪ جي 40 سيڪڙو حصي تي ڦھليل آھن[105]

 
مائونٽ بازاردوز
 
کنالوگ واري وادي


آذربائيجان جي سڀ کان وڏي چوٽي مائونٽ بازاردوز آھي جيڪا (4,466 m) بلند آھي. سڀ کان اونھو مقام ڪيسپين سمنڊ ۾ واقع آهي جيڪو (−28 m) اونھو آهي. ڌرتي جا لڳ ڀڳ اڌ گل فشان (mud volcanoes) آذربائيجان ۾ واقع آھن[106] ھن ملڪ ۾ 8,350 نديون ۽ نالا واقع آھن جن مان رڳو 24 نديون 100 ڪلوميٽرن کان وڌيڪ ڊگھيون آھن ۽ سڀئي ملڪ جي اوڀر ۾ ڪيسپين سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون[105] ملڪ جي سڀ کان وڏي ڍنڍ جو نالو ساريسو ڍنڍ(پيلي ڍنڍ) (67 km2) آھي. سڀ کان ڊگھي ندي ڪور ندي آهي جنھن جي ڊيگھ (1,515 km) آهي جيڪا آرمينيا مان آذربائيجان ۾ داخل ٿي ڪيسپين سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. آذربائيجان جا چار وڏا ٻيٽ ڪيسپئن سمنڊ ۾ واقع آھن جن سڀني جي گڏيل ايراضي 30 چورس ڪلوميٽر آھي.

سياسي ۽ انتظامي ورهاست

سنواريو

آذربائيجان ۾ ڏھ معاشي ريجن (خطا) ، 66 رَيئَن (ريئنلر)، 77 شھر آھن. شھرن مان 12 ريپبلڪ جي سڌي سئين اختيار ھيٺ آھن[107]. آذربائيجان ۾ ھڪ خودمختيار ريپبلڪ پڻ شامل آهي جنھن جو نالو نخجوان خودمختيار ريپبلڪ آهي. ھر معاشي خطي جي گورنر جي مقرري صدر ڪندو آهي. نخچيون جي ريپبلڪ جي حڪومت جي چونڊ ان علائقي جي عوام جي چونڊيل پارليامينٽ ڪندي آهي.

 
آذربائيجان جون ڏھ معاشي ريجنون

آذربائيجان جون 10 ريجن (صوبا) ۽ انھن جا ريئن (ضلعا):

ابشرون معاشي ريجن
آران معاشي ريجن
ڊئگلنگ-شروان معاشي ريجن
گنجه- گزاخ معاشي ريجن
گبا-خيچميز معاشي ريجن
ڪلبجر-لاچين معاشي ريجن
لنڪران معاشي ريجن
نخجوان معاشي ريجن
شڪي-زاقاتالا معاشي ريجن
اپر ڪاراباخ معاشي ريجن

1991ع ۾ آزادي حاصل ڪرڻ بعد آذربائيجان بين الاقوامي مالياتي فنڊ، عالمي بينڪ، يورپين بينڪ فار ريڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ، اسلامي ترقياتي بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جو رڪن ٿيو[108]آذربائيجان سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ جي سرڪاري بينڪ آذربائيجان جي نئشنل بينڪ ھئي جيڪا سوويت يونين جي مرڪزي بينڪ جي ماتحت ڪم ڪندي ھئي. آزادي کان پوءِ 1992ع ۾ ان کي آذربائيجان جي مرڪزي بينڪ جو درجو ڏنو ويو. مرڪزي بينڪ آذربائيجان جي سمورين ڪمرشل بئنڪن جي نگراني ڪري ٿي ۽ ملڪ جي ڪرنسي: آذربائيجاني منات جا سمورا معاملا سنڀالي ٿي. ڪمرشل بئنڪن ۾ ٻہ وڏين بينڪن جا نالا يوني بينڪ ۽ سرڪاري انٽرنيشنل بئنڪ آف آذربائيجان آھن. ھن ملڪ ۾ 2007 جي پھرين ٽماھي ۾ افراط زر %16.6 تي پھتو ھو[109]. قومي آمدني %29 ۽ ماھوار اجرت %25 تائين پھتيون ھيون[109] معيشت ۾ جڏھن توانائي جو شعبو تيزي سان ترقي ڪري اڀرندو آهي ۽ جيڪڏهن ان سان گڏ غيرتوانائي وارا شعبا پوئتي پئجي ويندا آهن تہ غيرتوانائي واريون برآمدون انتھائي مھانگيون ٿي وينديون آهن ۽ نتيجي ۾ افراط زر وڌي ويندي آهي اھڙي صورتحال کي معاشيات ۾ ڊچ ڊزيز (ڊچ ماڻھن وارو مرض) سڏيندا آهن جيڪو آذربائيجان جي معيشت ۾ محسوس ڪيو ويو آهي. 2000 واري ڏھاڪي ۾ افراط زر تي ضابطو آندو ويو جنھن لاء پھرين جنوري 2086ع تي ملڪ کي نئين ڪرنسي (نئون آذربائيجاني منات) جاري ڪرڻي پئي[110][111]. 2088ع ۾ آذربائيجان کي عالمي بئنڪ جي ڊوئنگ بزنس رپورٽ ۾ دنيا ۾ اصلاحون آڻيندڙ ڏھن چوٽي جي ملڪن ۾ شمار ڪيو[112]


 
باڪو جي پسگردائيءَ ۾ واقع مشيني ذريعن سان تيل ڪڍڻ لاء ھڪ پمپنگ اسٽيشن يونٽ

آذربائيجان جو ٻہ ڀاڱي ٽي علائقو تيل ۽ قدرتي گيس جي ذخيرن سان سرشار آهي[113]

 
ڏکڻ ڪوھ قاف پائيپ لائين جنھن ذريعي آذربائيجان ترڪي واري رستي يورپ کي قدرتي گيس فراھم ڪري ٿو

ملڪ ۾ ھيٺين ڪوھ قاف وارو علائقو معدنيات سان مالا مال آهي جتان سون، چاندي، لوھ، ٽامو، ٽائٽينيم، ڪروميم، ميگنيز، ڪوبالٽ، موليبڊينيم، سرمو ۽ ڪچن ڌاتن وارو پٿر لڀن ٿا[113]. سيپٽمبر 1994ع ۾ اسٽيٽ آئل ڪمپني آف آذربائيجان ريپبلڪ (SOCAR) جي 13 مشھور ڪمپنين سان 30 سالن جي مدي لاء معاھدن تي صحيحون ڪيون جن ۾ آمريڪا جي ايموڪو، ايڪسون موبيل، برطانيا جي بي پي، روس جي ليوڪ آئل ۽ ناروي جي ايڪئينار ڪمپنيون شامل ھيون[108] مغربي ڪمپنيون آذربائيجان جي تيل جي ذخيرن تائين وڌيڪ اونھائي ۾ پھچ رکندڙ آھن جيستائين سوويت يونين واري دؤر ۾ پھچڻ ممڪن نہ ھو ان ڪري آذربائيجان دنيا ۾ تيل جي ڳولها ۽ دريافت جي لحاظ کان دنيا جا اھم ترين ھنڌ رکندڙ ملڪ آهي[114]. حڪومت ملڪ جي ڪلي معاشيات (macro economics) جي پائيداري، تيل جي ذخيرن جي سنڀال ۾ شفافيت ۽ ايندڙ نسلن لاء وسيلن جي تحفظ لاء آذربائيجان جي رياستي تيل جو فنڊ ملڪ جي بجٽ کان اضافي فنڊ قائم ڪيو آهي.

آذربائيجان جي 54.9 سيڪڙو زمين زرعي آھي[104]. 2007ع ۾ ھتي 4,755,100 ھيڪٽر زمين زراعت لاء مخصوص ھئي[115] ساڳي سال ملڪ ۾ ٻيلن وارا ڪل وسيلا 13 ڪروڙ 60 لک ڪيوبڪ ميٽر ھيا[115]. آذربائيجان جي زرعي تحقيقاتي ادارا ھتي گاھن جي ميدانن, چراگاھن, باغباني، سب ٽراپيڪل فصلن، سائي ڀاڄي، انگوري شراب واري زراعت، انگوري شرابسازي، ڪپھ جي فصلن ۽ طبي ٻوٽن جي پوکي تي زور ڏئي رھيا آھن[116]. ڪجهه علائقن ۾ اناج، پٽاٽا، چقندر ۽ ڪپھ جا فصل پڻ پوکيا ويندا آهن[117]. تماڪ، چوپايو مال، کير واريون شيون، انگوري شراب ۽ صاف ڪيل اسپرٽ پڻ اھم فارمي پيداوار شامل آهن. ڪيسپين جي ماھيگيري واري صنعت اسٽرجن مڇي ۽ بلوگا مڇي جي زوال پذير اسٽاڪ تي مشتمل آهي 2002 ۾ آذربائيجان جي واپاري ٻيڙن جو تعداد 54 ھيو[118].

زندگي جا انواع

سنواريو

ھن ملڪ ۾ مئمل جاندارن جون 106 جنسون آهن، مڇين جون 97 جنسون، پکين جون 363 جنسون، جلٿل جاندارن (amphibian) جا 10 قسم، ريڙهيون پائيندڙ جاندارن جا 52 قسم رھندڙ آھن[105]. ملڪ جو قومي جانور ڪاراباخ وارو گھوڙو آھي[119]. ھتي وڏن ٻوٽن جا 4,500 قسم آھن[120]. ڪوھ قاف ۾ پيدا ٿيندڙ 67 سيڪڙو ٻوٽن جون جنسون آذربائيجان ۾ پيدا ٿين ٿيون.

  1. 1.0 1.1 1.2 LaPorte, Jody (2016). "Semi-presidentialism in Azerbaijan". in Elgie, Robert; Moestrup, Sophia. Semi-Presidentialism in the Caucasus and Central Asia. London: Palgrave Macmillan. 15 May 2016. pp. 91–117. doi:10.1057/978-1-137-38781-3_4. ISBN 978-1-137-38780-6. OCLC 6039791976. https://link.springer.com/chapter/10.1057/978-1-137-38781-3_4. Retrieved 13 October 2017. "LaPorte examines the dynamics of semi-presidentialism in Azerbaijan. Azerbaijan’s regime is a curious hybrid, in which semi-presidential institutions operate in the larger context of authoritarianism. The author compares formal Constitutional provisions with the practice of politics in the country, suggesting that formal and informal sources of authority come together to enhance the effective powers of the presidency. In addition to the considerable formal powers laid out in the Constitution, Azerbaijan’s president also benefits from the support of the ruling party and informal family and patronage networks. LaPorte concludes by discussing the theoretical implications of this symbiosis between formal and informal institutions in Azerbaijan’s semi-presidential regime." 
  2. "Azərbaycanda demoqrafik vəziyyət" (ٻولي ۾ Azerbaijani). Azərbaycan Respublikasının Dövlət Statistika Komitəsi. 
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 "Azerbaijan". انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (بين الاقوامي مالياتي فنڊ). 
  4. "Gini Index". World Bank. حاصل ڪيل 13 December 2017. 
  5. "Human Development Report 2016 – "Human Development for everyone"" (PDF). United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 21 March 2017. 
  6. While often politically aligned with Europe, Azerbaijan is generally considered to be at least mostly in Southwest Asia geographically with its northern part bisected by the standard Asia-Europe divide, the Greater Caucasus. The United Nations classification of world regions places Azerbaijan in Western Asia; the CIA World Factbook places it mostly in Southwest Asia [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2020-05-27 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. and Merriam-Webster's Collegiate Dictionary places it in both; NationalGeographic.com, and Encyclopædia Britannica also place Georgia in Asia. Conversely, some sources place Azerbaijan in Europe such as Worldatlas.com.
  7. Pipes, Richard (1997). The Formation of the Soviet Union: Communism and Nationalism 1917–1923 (2nd ed.). Cambridge, Massachusetts: Harvard University Press. pp. 218–220, 229. ISBN 978-0-674-30951-7. 
  8. King, David C. (2006). Azerbaijan. Marshall Cavendish. p. 27. ISBN 978-0761420118. https://archive.org/details/azerbaijan00king/page/27. 
  9. Zürcher, Christoph (2007). The Post-Soviet Wars: Rebellion, Ethnic Conflict, and Nationhood in the Caucasus ([Online-Ausg.. ed.)]. New York: New York University Press. p. 168. ISBN 978-0814797099. https://archive.org/details/postsovietwarsre00zurc. 
  10. (ٻولي ۾ Russian). United Nations https://web.archive.org/web/20110503185041/http://www.un.org/russian/documen/scresol/res1993/res822.htm. وقت 3 May 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 4 January 2011.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Missing or empty |title= (مدد)
  11. (ٻولي ۾ Russian). United Nations https://www.un.org/russian/documen/scresol/res1993/res853.htm. حاصل ڪيل 4 January 2011.  Missing or empty |title= (مدد)
  12. 12.0 12.1 12.2 "Azerbaijan: Membership of international groupings/organisations". British Foreign & Commonwealth Office. وقت 9 June 2007 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 26 May 2007.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  13. Europa Publications Limited (1998). Eastern Europe and the Commonwealth of Independent States. Routledge. p. 154. ISBN 978-1-85743-058-5. 
  14. "The non-aligned engagement". The Jakarta Post. http://www.thejakartapost.com/news/2011/05/24/the-non-aligned-engagement.html. Retrieved 26 May 2011. 
  15. Cornell, Svante E. (2010). Azerbaijan Since Independence. M.E. Sharpe. pp. 165, 284. "Indicative of general regional trends and a natural reemergence of previously oppressed religious identity, an increasingly popular ideological basis for the pursuit of political objectives has been Islam.... The government, for its part, has shown an official commitment to Islam by building mosques and respecting Islamic values... Unofficial Islamic groups sought to use aspects of Islam to mobilize the population and establish the foundations for a future political struggle.... Unlike Turkey, Azerbaijan does not have the powerful ideological legacy of secularism... the conflict with Armenia has bred frustration that is increasingly being answered by a combined Islamic and nationalist sentiment, especially among younger people... All major political forces are committed to secularism and are based, if anything, on a nationalist agenda." 
  16. "Human Development Index and its components" (PDF). United Nations Development Programme. 
  17. "Interactive Infographic of the World's Best Countries". Newsweek. 15 August 2010. Archived from the original on 22 July 2011. https://web.archive.org/web/20110722070231/http://www.newsweek.com/2010/08/15/interactive-infographic-of-the-worlds-best-countries.html. Retrieved 24 July 2011. 
  18. Houtsma, M. Th. (1993). First Encyclopaedia of Islam 1913–1936 (reprint ed.). Brill. ISBN 978-90-04-09796-4. 
  19. Schippmann, Klaus (1989). Azerbaijan: Pre-Islamic History. Encyclopædia Iranica. pp. 221–224. ISBN 978-0-933273-95-5. 
  20. Minahan, James (1998). Miniature Empires: A Historical Dictionary of the Newly Independent States. Greenwood Publishing Group. p. 20. ISBN 978-0-313-30610-5. 
  21. Chamoux, François (2003). Hellenistic Civilization. John Wiley and Sons. p. 26. ISBN 978-0-631-22241-5. https://archive.org/details/hellenisticcivil00cham. 
  22. Bosworth A.B., Baynham E.J. (2002). Alexander the Great in Fact and fiction. Oxford University Press. p. 92. ISBN 978-0-19-925275-6. 
  23. Darmesteter, James (2004). "Frawardin Yasht". Avesta Khorda Avesta: Book of Common Prayer (reprint ed.). Kessinger Publishing. p. 93. ISBN 978-1-4191-0852-5. http://www.avesta.org/ka/yt13sbe.htm. 
  24. 24.0 24.1 "Azerbaijan: Early History: Iranian and Greek Influences". U.S. Library of Congress. حاصل ڪيل 7 June 2006. 
  25. Atabaki, Touraj (4 September 2006). Iran and the First World War: Battleground of the Great Powers. I.B.Tauris. p. 132. ISBN 978-1-86064-964-6. https://books.google.com/books?id=M3adD9kNH1gC&pg=PA132. 
  26. Azakov, Siyavush. "National report on institutional landscape and research policy Social Sciences and Humanities in Azerbaijan" (PDF). Azerbaijan National Academy of Sciences. وقت 16 November 2011 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 27 May 2007.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  27. H. Dizadji, M.D., F.A.C.P., F.A.C.C (2010). Journey from Tehran to Chicago: My Life in Iran and the United States, and a Brief History of Iran. USA: Trafford Publishing. pp. 105. ISBN 978-1426929182. 
  28. Chaumont, M. L. (1984). "Albania". Encyclopædia Iranica. http://www.iranicaonline.org/articles/albania-iranian-aran-arm. 
  29. Shaw, Ian (2017). Christianity: The Biography: 2000 Years of Global History. Zondervan Academic. ISBN 978-0310536284. 
  30. Barthold, V.V. Sochineniya; p. 558: “Whatever the former significance of the Oghuz people in the Eastern Asia, after the events of the 8th and 9th centuries, it focuses more and more on the West, on the border of the Pre-Asian cultural world, which was destined to be invaded by the Oghuz people in the 11th century, or, as they were called only in the west, by the Turkmen.”
  31. Hewsen, Robert H.; Salvatico, Christoper C. (2001) (en ۾). Armenia: A Historical Atlas. University of Chicago Press. ISBN 978-0226332284. https://books.google.com/books?id=ZfZBrFza_IYC. 
  32. Samuelian, Thomas J. (1982) (en ۾). Hewsen, Robert H. (1982). Thomas J. Samuelian, ed. "Ethno-History and the Armenian Influence upon the Caucasian Albanians". Classical Armenian Culture: Influences and Creativity. (Philadelphia: Scholars Press. p. 45.. Scholars Press. ISBN 978-0891305651. https://books.google.com/books?id=iiduAAAAMAAJ&pg=45. 
  33. Hewsen, Robert H. (2001). Armenia: a Historical Atlas. Chicago: University of Chicago Press. pp. 32–33, map 19 (shows the territory of modern Nagorno–Karabakh as part of the Orontids' Kingdom of Armenia). 
  34. Моисей Хоренский. Армянская География VII в. Перевод Патканова К.П. СПб., 1877. стр. 40,17
  35. Hewsen, Robert H. "The Kingdom of Artsakh," in T. Samuelian & M. Stone, eds. Medieval Armenian Culture. Chico, CA, 1983
  36. Yarshater, E. (1987). "The Iranian Language of Azerbaijan". Encyclopædia Iranica. III/2. http://www.iranicaonline.org/articles/azerbaijan-vii. 
  37. Ludwig, Paul (1998). Proceedings of the Third European Conference of Iranian Studies. 1 (Nicholas Sims-Williams (ed.) ed.). Cambridge: Wiesbaden: Reichert. ISBN 978-3-89500-070-6. 
  38. Roy, Olivier (2007). The new Central Asia: geopolitics and the birth of nations (reprint ed.). I.B. Tauris. p. 6. ISBN 978-1-84511-552-4. https://books.google.com/books?id=-eMcn6Ik1v0C&pg=PA7. 
  39. R. Ward, Steven (2009). Immortal: a military history of Iran and its armed forces. Georgetown University Press. p. 43. ISBN 978-1-58901-258-5. https://archive.org/details/immortalmilitary00ward. 
  40. Malcolm Wagstaff, John (1985). The evolution of middle eastern landscapes: an outline to A.D. 1840, Part 1840. Rowman & Littlefield. p. 205. ISBN 978-0-389-20577-7. https://books.google.com/books?id=tcPWhU10mGMC&pg=PA205. 
  41. L. Altstadt, Audrey (1992). The Azerbaijani Turks: power and identity under Russian rule. Hoover Press. p. 5. ISBN 978-0-8179-9182-1. https://books.google.com/books?id=sZVN2MwWZVAC. 
  42. Akiner, Shirin (2004). The Caspian: Politics, Energy and Security. RoutledgeCurzon. p. 158. ISBN 978-0-7007-0501-6. https://books.google.com/books?id=N8IKR0oqdRkC. 
  43. Walker, Christopher J. (1980). Armenia, the survival of a nation. Croom Helm. p. 45. ISBN 978-0709902102. https://books.google.com/books?id=y85tAAAAMAAJ. "Tsitsianov next moved against the semi-independent Iranian khanates. On the thinnest of pretexts, he captured the Muslim town of Gandja, the seat of Islamic learning in the Caucasus (...)" 
  44. Saparov, Arsène (2014). From Conflict to Autonomy in the Caucasus: The Soviet Union and the Making of Abkhazia, South Ossetia and Nagorno Karabakh. Routledge. ISBN 978-1317637837. "Even though these principalities [the khanates] had not been under Iranian suzerainty since the assassination of Nadir Shah in 1747, they were traditionally considered an inalienable part of Iranian domains. (...) To the semi-independent Caucasian principalities the appearance of the new Great Power (...)" 
  45. Kashani-Sabet, Firoozeh (May 1997). "Fragile Frontiers: The Diminishing Domains of Qajar Iran". International Journal of Middle East Studies 29 (2): 210. doi:10.1017/s0020743800064473. "In 1795, Ibrahim Khalil Khan, the wali of Qarabagh, warned Sultan Selim III of Aqa Muhammad Khan's ambitions. Fearing for his independence, he informed the Sultan of Aqa Muhammad Khan's ability to subdue Azerbaijan and later Qarabagh, Erivan, and Georgia.". 
  46. Barker, Adele Marie; Grant, Bruce (2010). The Russia Reader: History, Culture, Politics. Duke University Press. p. 253. ISBN 978-0822346487. "But they were relatively more accessible given the organization of small, centralized, semi-independent khanates that functioned through the decline of Iranian rule after the death of Nadir Shah in the mid-eighteenth century (...)" 
  47. Avery, Peter; Hambly, Gavin (1991). The Cambridge History of Iran. Cambridge University Press. p. 126. ISBN 978-0-521-20095-0. "Agha Muhammad Khan could now turn to the restoration of the outlying provinces of the Safavid kingdom. Returning to Tehran in the spring of 1795, he assembled a force of some 60,000 cavalries and infantry and in Shawwal Dhul-Qa'da/May, set off for Azarbaijan, intending to conquer the country between the rivers Aras and Kura, formerly under Safavid control. This region comprised a number of khanates of which the most important was Qarabagh, with its capital at Shusha; Ganja, with its capital of the same name; Shirvan across the Kura, with its capital at Shamakhi; and to the north-west, on both banks of the Kura, Christian Georgia (Gurjistan), with its capital at Tiflis." 
  48. Encyclopedia of Soviet law By Ferdinand Joseph Maria Feldbrugge, Gerard Pieter van den Berg, William B. Simons, Page 457
  49. King, Charles (2008). The ghost of freedom: a history of the Caucasus. University of Michigan. p. 10. ISBN 978-0-19-517775-6. https://books.google.com/books?id=HyJpAAAAMAAJ. 
  50. Hacikyan, Agop Jack; Basmaijan, Gabriel; Franchuk, Edward S. et al., eds (2005). The Heritage of Armenian Literature: From the eighteenth century to modern times. Detroit: Wayne State University Press. p. 6. ISBN 978-0814332214. 
  51. Gabor Agoston, Bruce Alan Masters. Encyclopedia of the Ottoman Empire Infobase Publishing, 1 January 2009 ISBN 1438110251 p. 125
  52. Multiple Authors. "Caucasus and Iran". Encyclopædia Iranica. حاصل ڪيل 3 September 2012. 
  53. Tucker, Spencer C., ed (2010). A Global Chronology of Conflict: From the Ancient World to the Modern Middle East. ABC-CLIO. p. 1035. ISBN 978-1851096725. "January 1804. (...) Russo-Persian War. Russian invasion of Persia. (...) In January 1804 Russian forces under General Paul Tsitsianov (Sisianoff) invade Persia and storm the citadel of Ganjeh, beginning the Russo-Persian War (1804–1813)." 
  54. 54.0 54.1 Timothy C. Dowling )2014). Russia at War: From the Mongol Conquest to Afghanistan, Chechnya, and Beyond pp. 728–729 ABC-CLIO, ISBN 1598849484
  55. 55.0 55.1 55.2 Swietochowski, Tadeusz (1995). Russia and Azerbaijan: A Borderland in Transition. Columbia University Press. pp. 69, 133. ISBN 978-0-231-07068-3. https://books.google.com/books?id=FfRYRwAACAAJ. 
  56. L. Batalden, Sandra (1997). The Newly Independent States of Eurasia: Handbook of Former Soviet Republics. Greenwood Publishing Group. p. 98. ISBN 978-0-89774-940-4. https://books.google.com/books?id=WFjPAxhBEaEC. 
  57. E. Ebel, Robert, Menon, Rajan (2000). Energy and conflict in Central Asia and the Caucasus. Rowman & Littlefield. p. 181. ISBN 978-0-7425-0063-1. https://books.google.com/books?id=-sCpf26vBZ0C&dq=Energy+and+conflict+in+Central+Asia+and+the+Caucasus. 
  58. Andreeva, Elena (2010). Russia and Iran in the great game: travelogues and orientalism (reprint ed.). Taylor & Francis. p. 6. ISBN 978-0-415-78153-4. https://books.google.com/books?id=FfRYRwAACAAJ. 
  59. Çiçek, Kemal, Kuran, Ercüment (2000). The Great Ottoman-Turkish Civilisation. University of Michigan. ISBN 978-975-6782-18-7. https://books.google.com/books?id=c5VpAAAAMAAJ. 
  60. Ernest Meyer, Karl, Blair Brysac, Shareen (2006). Tournament of Shadows: The Great Game and the Race for Empire in Central Asia. Basic Books. p. 66. ISBN 978-0-465-04576-1. https://books.google.com/books?id=Ssv-GONnxTsC. 
  61. Cronin, Stephanie, ed (2013). Iranian-Russian Encounters: Empires and Revolutions since 1800. Routledge. p. 63. ISBN 978-0415624336. "Perhaps the most important legacy of Yermolov was his intention from early on to prepare the ground for the conquest of the remaining khanates under Iranian rule and to make the River Aras the new border. (...) Another provocative action by Yermolov was the Russian occupation of the northern shore of Lake Gokcha (Sivan) in the Khanate of Iravan in 1825. A clear violation of Golestan, this action was the most significant provocation by the Russian side. The Lake Gokcha occupation clearly showed that it was Russia and not Iran which initiated hostilities and breached Golestan and that Iran was left with no choice but to come up with a proper response." 
  62. Dowling, Timothy C., ed (2015). Russia at War: From the Mongol Conquest to Afghanistan, Chechnya, and Beyond. ABC-CLIO. p. 729. ISBN 978-1598849486. "In May 1826, Russia, therefore, occupied Mirak, in the Erivan khanate, in violation of the Treaty of Gulistan." 
  63. Swietochowski, Tadeusz. Eastern Europe, Russia, and Central Asia 2003 Taylor and Francis, 2003. ISBN 1857431375 p. 104
  64. Smith, Michael (April 2001). "Anatomy of Rumor: Murder Scandal, the Musavat Party and Narrative of the Russian Revolution in Baku, 1917–1920". Journal of Contemporary History 36 (2): 228. doi:10.1177/002200940103600202. "The results of the March events were immediate and total for the Musavat. Several hundreds of its members were killed in the fighting; up to 12,000 Muslim civilians perished; thousands of others fled Baku in a mass exodus". 
  65. Minahan, James B. (1998). Miniature Empires: A Historical Dictionary of the Newly Independent States. p. 22. ISBN 978-0-313-30610-5. "The tensions and fighting between the Azerbaijanis and the Armenians in the federation culminated in the massacre of some 12,000 Azerbaijanis in Baku by radical Armenians and Bolshevik troops in March 1918" 
  66. Michael Smith. "Pamiat' ob utratakh i Azerbaidzhanskoe obshchestvo/Traumatic Loss and Azerbaijani. National Memory". Azerbaidzhan i Rossiia: obshchestva i gosudarstva (Azerbaijan and Russia: Societies and States) (ٻولي ۾ Russian). Sakharov Center. حاصل ڪيل 21 August 2011. 
  67. 67.0 67.1 67.2 Kazemzadeh, Firuz (1951). The Struggle for Transcaucasia: 1917–1921. The New York Philosophical Library. pp. 124, 222, 229, 269–270. ISBN 978-0-8305-0076-5. 
  68. Schulze, Reinhard. A Modern History of the Islamic World. I.B.Tauris, 2000. ISBN 978-1-86064-822-9.
  69. Горянин, Александр. (ٻولي ۾ Russian). GlobalRus https://web.archive.org/web/20030906163920/http://www.globalrus.ru/print_this/134413/. وقت 6 September 2003 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 28 August 2003.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Missing or empty |title= (مدد)
  70. Горянин, Александр. (ٻولي ۾ Russian). Window2Baku http://www.window2baku.com/001history_3.htm.  Missing or empty |title= (مدد)
  71. Pope, Hugh (2006). Sons of the conquerors: the rise of the Turkic world. New York: The Overlook Press. p. 116. ISBN 978-1-58567-804-4. 
  72. "Azerbaijan celebrates day of victory over fascism". "Contact.az". 9 May 2011. http://www.contact.az/topics_en.asp?id=4902&pb=2&vr=en&yr=2011&mdn=1. Retrieved 9 May 2011. 
  73. "Victory over Nazis 'was impossible without Baku oil'". "AzerNEWS". 8 May 2010. http://www.azernews.az/en/Nation/20409-Victory_over_Nazis_%E2%80%98was_impossible_without_Baku_oil%E2%80%99. Retrieved 8 May 2010. 
  74. Michael P., Croissant (1998). The Armenia-Azerbaijan Conflict: causes and implications. Westport, CT: Praeger Publishers. pp. 36, 37. ISBN 978-0-275-96241-8. https://books.google.com/books?id=ZeP7OZZswtcC&pg=PP1. 
  75. "Human Rights Watch. "Playing the "Communal Card": Communal Violence and Human Rights"". Human Rights Watch. http://hrw.org/reports/1995/communal. 
  76. 76.0 76.1 "Milli Məclisin tarixi. Azərbaycan SSR Ali Soveti (1920–1991-ci illər)". حاصل ڪيل 1 December 2010. 
  77. David C. King (2006). Azerbaijan. Marshall Cavendish. p. 116. ISBN 978-0761420118. https://books.google.com/books?id=NCez3ZuV3NoC&pg=PA116. 
  78. "Bishkek Protocol | UN Peacemaker". United Nations. حاصل ڪيل 2019-08-23. 
  79. "Azerbaijan". World Factbook. CIA. وقت 10 June 2009 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 4 June 2009.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  80. De Waal, Thomas (2013). Black Garden: Armenia And Azerbaijan Through Peace and War. New York: New York University Press, p. 286. ISBN 978-0814719459, 0814719457.
  81. "Massacre by Armenians Being Reported". The New York Times. 3 March 1992. https://select.nytimes.com/gst/abstract.html?res=F10611FF3C5D0C708CDDAA0894DA494D81. Retrieved 9 September 2013. 
  82. Smolowe, Jill (16 March 1992). "Tragedy Massacre in Khojaly". Time. http://www.time.com/time/archive/preview/0,10987,975096,00.html. Retrieved 9 September 2013. 
  83. A Conflict That Can Be Resolved in Time: Nagorno-Karabakh آرڪائيو ڪيا ويا 2015-12-08 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. International Herald Tribune. 29 November 2003.
  84. "General Assembly adopts resolution reaffirming territorial integrity of Azerbaijan, demanding withdrawal of all Armenian forces". United Nations General Assembly. حاصل ڪيل 14 March 2008. 
  85. Southern Caucasus: Facing Integration Problems, Ethnic Russians Long For Better Life. EurasiaNet.org. 30 August 2003.
  86. "Azerbaijan Soviet Socialist Republic". The Great Soviet Encyclopedia (1979).
  87. (Constitution of Azerbaijan Republic, Articles 104–107)
  88. "Monitors criticize Azerbaijani elections". Al Jazeera. Archived from the original on 11 November 2010. https://web.archive.org/web/20101111072636/http://english.aljazeera.net/news/europe/2010/11/2010118152810836488.html. Retrieved 8 November 2010. 
  89. "Azerbaijan: Rise to power". Encyclopedia of the Nations. وقت 10 June 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 22 May 2011.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  90. "Timeline: Azerbaijan A chronology of key events". BBC News. 31 March 2011. http://news.bbc.co.uk/2/mobile/europe/country_profiles/1235740.stm. 
  91. "Azeri rights activist says 35 imprisoned special police unit members very sick". BBC Archive. 2 June 2000. http://nl.newsbank.com/nl-search/we/Archives?p_product=NewsLibrary&p_multi=BBAB&d_place=BBAB&p_theme=newslibrary2&p_action=search&p_maxdocs=200&p_topdoc=1&p_text_direct-0=0F97DB500B7A486B&p_field_direct-0=document_id&p_perpage=10&p_sort=YMD_date:D. Retrieved 15 August 2009. 
  92. Efron, Sonni (18 March 1995). "Azerbaijan Coup Attempt Crushed Caucasus: Loyal forces storm a building and overcome mutinous police units, president reports.". Los Angeles Times. https://pqasb.pqarchiver.com/latimes/access/22723287.html?dids=22723287:22723287&FMT=ABS&FMTS=ABS:FT&type=current&date=Mar+18,+1995&author=SONNI+EFRON&pub=Los+Angeles+Times+(pre-1997+Fulltext)&desc=Azerbaijan+Coup+Attempt+Crushed+Caucasus:+Loyal+forces+storm+a+building+and+overcome+mutinous+police+units,+president+reports.&pqatl=google. Retrieved 15 August 2009. 
  93. Mulvey, Stephen (14 October 2003). "Aliyev and son keep it in the family". BBC News. http://news.bbc.co.uk/2/hi/europe/3191598.stm. Retrieved 14 October 2003. 
  94. "Azerbaijan's Geidar Aliev dies at 80". China Daily. 16 December 2003. Archived from the original on 17 December 2003. https://web.archive.org/web/20031217005135/http://www1.chinadaily.com.cn/en/doc/2003-12/16/content_290650.htm. Retrieved 13 December 2003. 
  95. "Nov 2013 – Action against opposition". Keesing's Record of World Events. صفحو. 53026. 
  96. 96.0 96.1 "Azerbaijan – Foreign Relations". Country Studies. حاصل ڪيل 31 May 2007. 
  97. "Bilateral relations". Ministry of Foreign Affairs. وقت 4 May 2007 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 27 May 2007.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  98. Lenk, Arthur. "15th anniversary of Israel-Azerbaijan diplomatic relations" (PDF). Ministry of Foreign Affairs of Israel. حاصل ڪيل 21 March 2008. 
  99. Kardas, Saban. "Turkey Develops Special Relationship with Azerbaijan". Eurasia Daily Monitor Volume. http://www.jamestown.org/single/?no_cache=1&tx_ttnews%5Btt_news%5D=34116. Retrieved 23 December 2010. 
  100. Katik, Mevlut. "Azerbaijan and Turkey Coordinate Nagorno-Karabakh Negotiation Position". EurasiaNet. حاصل ڪيل 23 December 2010. 
  101. 101.0 101.1 101.2 "National Security Concept of the Republic of Azerbaijan" (PDF). United Nations. حاصل ڪيل 23 May 2007. 
  102. Selim Özertem, Hasan. "Independence of Kosovo and the Nagorno-Karabakh Issue". TurkishWeekly. http://www.turkishweekly.net/columnist/2886/independence-of-kosovo-and-the-nagorno-karabakh-issue.html. Retrieved 24 April 2008. 
  103. "Rex Tillerson affirms US support for Azerbaijan's efforts to diversify its economy". حاصل ڪيل 14 April 2017. 
  104. 104.0 104.1 104.2 "Geographical data". The State Statistical Committee of the Republic of Azerbaijan. وقت 25 May 2007 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 26 May 2007.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  105. 105.0 105.1 105.2 "Azerbaijan: Biodiversity". Central Asia and Transcaucasus Network on Plant Genetic Resources. وقت 8 February 2012 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 17 February 2017.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  106. "Azerbaijan's mud volcanoes on Seven Wonders of Nature shortlist". News.Az. Archived from the original on 10 February 2010. https://web.archive.org/web/20100210062717/http://www.news.az/articles/8581. Retrieved 8 February 2010. 
  107. "The State Statistical Committee of the Republic of Azerbaijan, Administrative and territorial units of Azerbaijan Republic". Azstat.org. وقت 12 May 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 22 May 2011.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  108. 108.0 108.1 "Azerbaijan – General Information". Heydar Aliyev Foundation. وقت 5 May 2007 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 22 May 2007.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  109. 109.0 109.1 "Azerbaijan's Q1 inflation rate 16.6%, National Bank Chief says". Today.Az. حاصل ڪيل 29 May 2007. 
  110. Mehdizade, Sevinj. "Azerbaijan's New Manats: Design and Transition to a New Currency". Azerbaijan International. 
  111. Ismayilov, Rovshan. "Azerbaijan's Manat Makeover: Good Times Ahead?". EurasiaNet. حاصل ڪيل 7 December 2010. 
  112. "Top 10 reformers from Doing Business 2009". World Bank Group. Doing Business. وقت 12 September 2008 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 28 September 2008.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  113. 113.0 113.1 "Azerbaijan – General Information". Heydar Aliyev Foundation. وقت 28 May 2007 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 22 May 2007.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  114. "Azerbaijan: Economy". globalEDGE. وقت 12 October 2007 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 29 May 2007.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  115. 115.0 115.1 "Natural resources". The State Statistical Committee of the Republic of Azerbaijan. وقت 10 June 2007 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 26 May 2007.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  116. "Azerbaijan: Status of Database". Central Asia and Caucasus Institute. وقت 20 March 2007 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 28 May 2007.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  117. "Findings on the Worst Forms of Child Labor – Azerbaijan". وقت 14 May 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 4 July 2015.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  118. "Azerbaijan: Transportation". Encyclopedia of the Nations. وقت 18 April 2007 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 24 May 2007.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  119. "The Karabakh Horse". Karabakh Foundation. وقت 13 October 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  120. "Azerbaijan – Flora". Heydar Aliyev Foundation. حاصل ڪيل 5 March 2010.