برونائي
برونائي(انگريزي: Brunei) i/bruːˈnaɪ/ BROO-nyبرونئي (انگريزي ٻولي: Brunei), هن ملڪ جو سرڪاري نالو ’نگارا برونئي دارالسلام (State of Brunei Darus-Salam) آهي، جنهن جو پراڻو نالو پوزنڊي هو. هن جي اتر ۾ ڏکڻ ۾ چيني سمنڊ ۽ باقي ٽن طرفن اوڀر ڏکڻ ۽ اولھ کان هن کي ملائيشيا جي اڀرندين رياست سراواڪ گهيري رکيو آهي. برونئي ٻيٽ بورينو جي اتر اولھ ڪناري تي آهي، هن جي اوڀر کان اتر- اولھ طرف ڊيگھ 71 ميل (114 ڪلوميٽر) اتر کان ڏکڻ اولھ طرف ويڪر 56 ميل آهي. رياست سراواڪ جي هڪ پٽي وچ مان هن کي ڪٽيندي اهڙيءَ ريت گذري ٿي، جو برونئي ٻن حصن ۾ ورهائجي وڃي ٿو. الهنديون حصو ڪجهه وڏو آهي، ملڪ جي 80 سيڪڙو ايراضي ٻيلن سان ڍڪيل آهي. برونئي خط استوا کان صرف 5 ڊگريون اتر ۾ آهي.[10]
برونائي، دارالسلام Negara Brunei Darussalam (Rumi script) نڬارا بروني دارالسلام (Jawi script) | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
شُعار: '
| |||||
ترانو:
| |||||
گادي جو هنڌ | بندر سيري بيگاوان 4°53.417′N 114°56.533′E / 4.890283°N 114.942217°E | ||||
سڀ کان وڏو شهر | بندر سيري بيگاوان | ||||
دفتري ٻوليون | ملائي[a] | ||||
مڃيل ٻوليون | انگريزي[b] | ||||
ٻيون ٻوليون
۽ مقامي لھجا [2][3] |
| ||||
سرڪاري اسڪرپٽ | |||||
نسلي گروھ (2016[4]) |
| ||||
مذهب | سني اسلام | ||||
مقامي آبادي | برونائي | ||||
حڪومت | وحداني اسلامي بادشاھت | ||||
• سلطان |
حسن البولقيه | ||||
المتعدي بالله | |||||
• اسپيڪر |
عبدالرحمان محمد طيب | ||||
عبدالعزيز جنيد | |||||
مقننه | نيشنل ليجسليٽو ڪائونسل | ||||
برونائي جو قيام | |||||
c.1368 | |||||
15th – 19th صدي | |||||
1888 | |||||
•
يونائيٽيڊ ڪنگڊم کان آزادي ورتائين |
1 جنوري 1984 | ||||
7 January 1984 | |||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
5٬765 km2 (2٬226 sq mi) (164th) | ||||
• پاڻي (%) |
8.6 | ||||
آبادي | |||||
• Jul 2015[5] اندازو |
417,200[5] (175th) | ||||
• گھاٽائي |
72.11 /km2 (186.8 /sq mi) (134th) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$33.376 billion[6] (116th) | ||||
• في سيڪڙو |
$77,699[6] (5th) | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$13.002 billion[6] (111th) |
تاريخ
سنواريوپهرين صدي عيسويءَ کان برونئي جي رهواسين جا هندستاني واپارين سان لاڳاپا هئا. ان وقت هن علائقي جو پورو نالو پوزنڊي هو. ڇهين صدي عيسويءَ ۾ هن جا چين سان لاڳاپا وڌيا. 1200ع ۾ برونئي جي پهرئين سلطان بولقيه هن علائقي تي پنهنجي حڪمراني قائم ڪئي. برونئي جي هڪ سلطان 1425ع ۾ سڀ کان اول اسلام قبوليو ۽ پنهنجو نالو محمد رکيو. اهو پنجون حڪمران هو، هن جي دور ۾ سلطان برڪت نالي عرب مبلغ برونئي آيو، جنهن جي ڪوششن سان هن خطي ۾ اسلام جو نور پکيڙيو. 1511ع ۾ جڏهن ملاڪا تي پورچوگيزن پنهنجو تسلط قائم ڪيو ته برونئي ڏکڻ اوڀر ايشيا جي هڪ وڏي طاقتور مسلم رياست ٿي چڪو هو. 1847ع ۾ انگريزن لابوان جو ٻيٽ حاصل ڪري ورتو. 1888ع ۾ برطانيا برونئي ۽ سراواڪ جو ڪنٽرول پاڻ سنڀالي ورتو. 1962ع ۾ برونئي ۾ پهريون عام چونڊون ٿيون. 1 جنوري 1984ع تي اسلامي دنيا جي امير ترين رياست برونئي دارالسلام پنهنجي آزاديءَ جو اعلان ڪيو. 21 سيپٽمبر 1994ع تي برونئيءَ کي ايشيا جو آزاد واپاري علائقو قرار ڏنو ويو ۽ ساڳئي تاريخ 21 سيپٽمبر 1984ع تي برونئي گڏيل قومن جي اداري (U.N.O) جو ميمبر ٿيو.[10]
جاگرافي
سنواريوبرونئي جي ڪل پکيڙ 5765 چورس ڪلوميٽر (2225 چورس ميل) ۽ آبادي 4 لک آهي، برونئيءَ جي گاديءَ جو هنڌ بندر سري بيگاوان آهي، هتي جي موسم گرم ۽ خوشگوار آهي ۽ گرمي پد 320 جي ويجهو رهندو آهي. هوا ۾ گهم هوندي آهي ۽ مينهن گهڻا پوندا آهن.[10]
برونئي جي مکيه زرعي پيداوار چانور، ڪيلا، ساوا مرچ، ڀاڄيون، گرم مصالحو ۽ ڪاٺ آهي، مکيه صنعتن ۾ پيٽرول ۽ پيٽروليم جون شيون، رٻڙ ۽ سياحت اچي وڃن ٿيون. هتان جي مکيه معدني پيداوار ۾ تيل ۽ قدرتي گئس شامل آهن, جن جي ڪري برونئي جو شمار دنيا جي امير ترين ملڪن ۾ ٿيندو آهي.[10]
حوالا
سنواريو- ↑ Writing contest promotes usage, history of Jawi script آرڪائيو ڪيا ويا 12 June 2012 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. The Brunei Times (22 October 2010)
- ↑ "Brunei". Ethnologue. حاصل ڪيل 30 December 2013.
- ↑ "Call to add ethnic languages as optional subject in schools". وقت 19 November 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 19 November 2013.
- ↑ "The World Factbook". CIA. حاصل ڪيل 28 January 2018.
- ↑ 5.0 5.1 "National Statistics". depd.gov.bn. وقت 11 November 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 1 July 2015.
- ↑ 6.0 6.1 6.2 6.3 "Brunei". International Monetary Fund. حاصل ڪيل 22 January 2016.
- ↑ "Human Development Indices and Indicators: 2018 Statistical update" (PDF). United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 15 September 2018.
- ↑ "Delegation Record for .BN". IANA. حاصل ڪيل 6 November 2015.
- ↑ "Constitution of Brunei Darussalam" (PDF). Attorney General's Chambers Brunei Darussalam. حاصل ڪيل 15 October 2013.[مئل ڳنڍڻو]
- ↑ 10.0 10.1 10.2 10.3 "برونئي". انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي-ويب سرزمين). سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. حاصل ڪيل 26 نومبر 2017. Check date values in:
|access-date=
(مدد)