مک مينيو کوليو

چاڊ

اترين مرڪزي آفريڪا ۾ زمين-بند ملڪ
چاڊ جو جھنڊو

چاڊ (Chad)  فرانسيسي: Tchad سرڪاري نالو جمهوريه چاڊ وچ آفريڪا ۾ هڪ زمين بند ملڪ آهي۔ هن جي اتر م۾ ليبيا، ڏکڻ ۾ وچ آفريڪي جمهوريه، اوڀر ۾ سوڊان ۽ اولهه ۾ نائجر، نائجيريا ۽ ڪيمرون آهن. هي ملڪ ٽن مختلف جاگرفيائي صوبن ۾ ورهايل آهي. اتريان علائقا ريگستاني آهن جيڪي سهارا جو حصو آهن، وچ وارو علائقو ساهيل آهي ۽ ڏاکڻيون حصو سوانا آهي. چاڊ ۾ چاڊ ڍنڍ واقع آهي، جنهن سان ملڪ جو نالو چاڊ آهي، هي ڍنڍ چاڊ جو سڀ کان وڏو گپڙاٽيل علائقو آهي۔ هن جو سڀ کان وڏو شهر اينجامينا آهي جيڪو هن جي گادي جو هنڌ به آهي. اسلام سڀ کان عام مذهب آهي، عربي ۽ فرانسيسي هتان جون سرڪاري ٻوليون آهن.

فهرست لاڳاپيل مضمون چاڊسنواريو

  • فهرست لاڳاپيل مضمون چاڊ

خارجي ڳنڍڻاسنواريو