وحداني رياست(انگريزي: Unitary State) رياست جو اھڙو قسم آھي جنھن ۾ رياست ھڪ يونٽ تي مشتمل ھوندي آھي ۽ ان جي انتظامي ورھاست صوبن يا ڊويزنن ۽ ضلعن وغيره ۾ ھجڻ باوجود ان جي صرف ھڪ حڪومت ھوندي آھي جيڪا مرڪزي حڪومت سڏجندي آهي. صوبا گورنرن جي ماتحت ھوندا آھن ء انھن ۾ علحده رياستي حڪومت نہ ھوندي آھي. وحداني رياست ۾ قانونساز ادارو بہ ھڪڙو ھوندو آھي جيڪو مرڪز ۾ ھوندو آھي. وفاق ۾ مرڪزي حڪومت کان سواء ٻيون بہ رياستي يونٽن جون علحده حڪومتون ۽ قانونساز ادارا ھوندا آھن جيڪي وحداني رياست ۾ ڪانہ ھوندا آھن. مثال طور پاڪستان ھڪ وفاقي رياست آھي جنھن وفاق کان علاوه صوبا بہ رياستي يونٽن وانگر آھن ۽ وفاق وانگر صوبن ۾ بي الڳ حڪومتون ۽ الڳ قانونساز اسيمبليون آھن ان کان سواءِ وفاق جي طرفان صوبن ۾ گورنر الڳ آهن جن وٽ محدود رياستي اختيار ھوندا آھن. افغانستان ھڪ وحداني رياست آھي ۽ اھا انتظامي طور تي صوبن ۾ تہ ورھايل آھي پر ان جا صوبا رياستن وانگر ناھن انھن م علحده حڪومتون ڪونہ آھن پر صوبن کي گورنرن ذريعي ھلايو ويندو آھي. دنيا م اڪثر ملڪ وحداني رياست تي مشتمل آھن. ان م مڪاني حڪومت وارو نظام پڻ ھوندو آھي. انسائيڪلوپيڊيا برٽنيڪا مطابق وحداني رياست ۾ حڪمراني وارا سمورا يا گھڻي ڀاڱي اختيار مرڪزي حڪومت وٽ ھوندا آھن. ان نظام ۾ انتظامي يونٽن کي مرڪزي حڪومت اختيار سونپيندي ۽ پاليسي وارا فيصلا ھيٺ لاڳو ڪندي آھي[1]. ان جو ڪلاسيڪي مثال فرانس جو نظام آھي[1]. وحداني رياست ۾ رڳو ھڪ مرڪزي حڪومت ھوندي آھي جنھن کي انتظامي سياسي يونٽن تي مڪمل اختيار حاصل ھوندو آھي[2]. صوبن يا انتظامي يونٽن وٽ حڪمراني جو ڪو اختيار نه ھوندو آھي پر اھي مرڪزي حڪومتي حڪمن جي بجاوري ڪندا آهن.[2]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 [ https://www.britannica.com/topic/unitary-state]
  2. 2.0 2.1 [ https://www.thoughtco.com/unitary-state-government-pros-cons-examples-4184826]