ٺٽ سولنگي (پراڻو نالو، ٺٽ ھوتچندتعلقو ڀريا ضلعو نوشھرو فيروز ۾ مرڪزي سنڌ جو ھڪ قديمي ڳوٺ آھي. ٺٺ ھوتچند جي نالي سان ريلوي اسٽيشن بہ آھي.[1] ھن ڳوٺ جي ٻڌجڻ جي تاريخ 18 صدي يا ان کان به اڳ آھي.[2]

ٺٽ سولنگي

ساڌن وديا سنواريو

ڊاڪٽر مرزا قليچ بيگ مطابق ٺٽ چون ماڻھن جي گوڙ کي. ٺٽ چون خشڪ ميدان کي شايد انهن مان ٺٽو نالو نڪتو هجي![3] پر ميجر راورٽيءَ جي راءِ موجب ” ٺٽ اصل سنسڪرت لفظ ” تٽ“ آھي، جنهن جو اُچار ڦري سنڌيءَ ۾ ” تڙ“ درياء جي ڪپر يا ڪناري تي وسندي ٿيو. سنسڪرت ۾ ” ٽاٽا اسٿا“ جي معني` به درياھہ جي ڪنڌي ٿئي ٿي. اهڙي طرح ٺٽ معنيٰ´ آھي ڪنهن درياء يا واهڙ جي وٽ تي ٻڌل ڳوٺ، جتان پتڻ اڪري پار ڪجي.[4] ٺٽ ڪنهن واھ يا درياء جي ڪپ واري ننڍڙي مياڻ، جتي مُهاڻن جا ٿورڙا گهر آباد هوندا آھن ۽ اتي هو مڇي ماريندا ۽ وڪرو ڪندا آھن.ان هنڌ تي پتڻ به هوندو آھي، اھڙي ماڳ کي ٺٽ سڏبو آھي. سنڌ ۾ ڪيترائي ڳوٺ ٺٽ جي نالي سان سڏبا آھن جهڙوڪ ٺٽ ولي محمد، ٺٽ مالهڻو، ٺٽ ڳوراهو، ٺٽ ڀوڄراڄ ۽ ٺٽ ھوتچند وغيره نمايان آھن. ٺٽ کان وڏي ٺٽي ٿيندي آھي.

اتهاس سنواريو

سمجھ ۾ اچي ٿو ته هي شھر بار بار آباد ٿيندو ۽ ڦٽندو پئي آيو آھي. ڀائنجي ٿو ته ان دور ۾ سنڌو درياء جا رخ مٽجڻ جي ڪري هي شھر ڪڏهن آباد ٿيو آ ته وري درياء جي چاڙھ ڪري هتان جا ماڻھو ڪو ٻيو شھر آباد ڪرڻ تي مجبور ٿيا هوندا. هن شھر کان تقريبن چار ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي هڪ تاريخي ڦٽل شھر نالي ”ڀرائيء جا دڙا“ جا آثار هڪ وشال ايراضي تي مشتمل مليا آھن. جن جي صحيح معني`۾ کوٽائي ڪرڻ کان پوء ھن شھر بابت به هڪ وڏي معلومات پلئه پوندي.[5] پراڻي نوابشاھ ضلعي مان جڏهن درياھ رخ مٽايو تڏهن تعلقي نوشھري(هاڻوڪي ضلعي) ۾ ٺٽ نالي سان ٽي وسنديون آباد هيون. ٺٽ ھوتچند، ٺٽ دليپوٽا ۽ ٺٽ ڳوراهو. ٺٽ هوتچند ۽ ٺٽ دليپوٽا جا هندو”بهراڻا“ کڻي درياھ تي ايندا هئا. هندوستان جي نوجوان سنڌي شاعر لتا ٽھلاڻيء جا وڏا ٺٽ ھوتچند جا هئا. ٽهلياڻي اصل ۾ لُهاڻا آهن، جيڪي” ٺٽ “تعلقي نوشهري فيروز ۾ رهندا هئا. ٽهلياڻي لهاڻا 1812-1811ع ڌاري ڪڇ،.ڪاٺياواڙ ۽ راجپوتانا طرف پيل سخت ڏڪار کان متاثر ٿي ٻين ڪيترين ذاتين برهمڻن،کترين،ڀاٽين ۽ لهاڻن وانگر لڏي سنڌ آيا ۽ اچي ٺٽ ۾ رهيا.اتي زمينون خريد ڪري پوک ڪرڻ لڳا .ساهتي پرڳڻي ۾ ٽهلياڻين جون زمينون درياهه جي ڀرسان هيون ۽ سندن ويجهو” ٺٽ “جو ڳوٺ ڪافي اڳ آباد هو.ٺٽ ،درياهه جي تر وٽ ٻڌل ڳوٺڙي کي چئبو آهي ،جتان پتڻاڪري پار ٿبو آهي. 1855ع ڌاري درياهه جي ٻوڏ سبب ٺٽ،مٺياڻي،تڳر،ڪمال ديرو ۽ ٻيا درياهه جي ڀر وارا ڪيترا ڳوٺ ٻڏي ويا هئا پر ان علائقي جي زميندارن کي پنهنجي ٻنين کان پري رهڻ پسند نه آيو ،تنهن ڪري وري ساڳئي هنڌ اهي ڳوٺ وري آباد ڪيائون .1858-1857ع ڌاري وري اهي سڀ ڳوٺ درياهه جي اٿل سبب ٻڏي ويا .سيٺ ٽهلئي مل جي مربي پٽ سيٺ لکومل جي پٽ سيٺ هوتچند ،نئين” ٺٽ “ٻڌي ،جيڪا سندس نالي پٺيان” ٺٽ هوتچند “سڏجڻ ۾ آئي .اهڙي ريت ميان ڀاوڻي ڳوراهي به ڌار ڳوٺ ٻڌو،جيڪو” ٺٽ ڳوراهو “سڏيو ويو .چاليهه ورهيه سانده هي ٻئي” ٺيٽون “سلامت هيون،پر 1890ع ڌاري آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾ درياهه اهڙي دڙلائي ،جو ٻئي” ٺيٽون “ٻڏي ويون ،پر وري ساڳين نالن سان ٻئي ڳوٺ ته ٻڌا ويا پر ٽهلياڻن مان سيٺ ڀوڄراج وري ڌار ڳوٺ ٻڌرايو ،جيڪو” ٺٽ ڀوڄراج “مشهور ٿيو .ٺٽ ڳوراهو ۽ ٺٽ ڀوڄراج هڪ ٻئي کان سڏ پنڌ تي مٺياڻيءَ کان سوا ميل کن مفاصلي تي آهن.اهي ٽئي ٺيٽون،1900ع ڌاري ٻڌيون هيون .مٺياڻي به ساڳئي وقت جي ٻڌل چئي وڃي ٿي. جڏهن 1922ع ۾ ٺارو شاهه کان سڪرنڊ تائين ريل جو رستو جاري ٿيو ته ٺارو شاهه کان پوءِ ٻي اسٽيشن” ٺٽ هوتچند“ ٿي. سيٺ ٽهليي مل جو اولاد ٽهلياڻي سڏيا،ان جو سئوٽ جوتومل کانس ننڍو هو ،انڪري سندس نسل وارا به پاڻ کي ٽهلياڻي سڏائيندا هئا.ٽهلياڻين مان پهريون ديوان تولارام هو جو حيدرآباد وڃي انگريزي پڙهيو ۽ مئٽرڪ پاس ڪري نوشهري فيروز جي انگريزي اسڪول ۾ ماستر ٿيو .بعد ۾ ماستري ڇڏي روينيو کاتي ۾ گهڙيو ۽ ترقي ڪري مختيارڪار ٿيو. هن پنهنجي ڳوٺ” ٺٽ ڀوڄراج “۾ هڪ انگريزي اسڪول کولرايو ۽ مٺياڻيءَ جي انگريزي اسڪول جي واڌاري لاءِ مالي ۽ اخلاقي مدد ڪيائين ۽ پينشن بعد تپيداري ٽريننگ اسڪول جو هيڊ ماستر ٿيو .هن جي ريس ۾ ٻيا ٽهلياڻي به پڙهيا ۽ اعليٰ تعليم حاصل ڪري سٺن عهدن تي پهتا.[6] انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا موجب دليپوٽا جو پڻ اصل نالو ٺٽ دليپوٽا آھي. ٺٽ دليپوٽا ٺٽ ھوتچند ريلوي اسٽيشن قائم ٿيڻ کان اڳ آباد آھي۔ پر انسائيڪلو پيڊيا سنڌيا موجب ٺٽ ھوتچند ۽ ٺٽ دليپوٽا ٻئي الڳ الڳ ٺٽيون آھن. ٺٽ جي ڏکڻ ۾ ”مهاڙي“ نالي هڪ وشال ٻيلو آھي. تاريخي طور تي انهن ٻنهي جي وچ مان هڪ واهڻ جيڪو سنڌو درياء جو پراڻو وهڪرو آھي ٻنهي کي جدا ڪندو هيو. جنهن جا نشان اڄ به آھن. درياء جي ان وهڪري کي ”لالان“سڏيو ويندو هو. درياء جي ان وهڪرن تي مقامي ماڻھو پنهنجي حساب سان نالا رکندا آھن جيئن نولکي ۽ دادواھ وغيره. ان جي کاٻي ڪپ تي مشھور بزرگ سائين موريل شاھ جي مزار آھي. مقامي ماڻھن موجب ته اتي ھڪ” ستين جو ٿان“  به آهي ۽ هتي ستين جو ٻيڙو به ٻڏل آ. اصل ۾ اهي ڀرائي ستيء جو ڀينرون هيون جن ممڪن آ جان بچائڻ لاء درياھ جو واهڙ نالي ”لالان“ اُڪاري ٺٽ ھوتچند واري ڪناري اچڻ پئي چاهيو پر هنن جي پٺيان مغل فوج جا ڇاڙتا لڳل هئا جن سان جهڙپ ۾ ھنن جو ٻيڙو وچ ”لالان“ ۾ ڪلٽي ٿيو هوندو! مقام جي آخري ڪنڊ تي وڏا دڙا آھن. جتي هڪ به قبر ڪونهي روايتن مطابق اها ستين جي ملڪيت آ. جتي مقامي ماڻھو ميت دفنائڻ کان لهرائيندا آھن. اڳ ۾ سيد مردن کي ادب ۾ ان طرف وڃڻ کان روڪيندا هئا. ساڄي پاسي تي ٺٽ ھوتچند ڳوٺ آھي. جيڪو هاڻي ٺٽ سولنگي سڏجي ٿو. ريلوي اسٽيشن ٺٽ ھوتچند جي نالي سان آباد هئي نڪي ٺٽ دليپوٽا جي نالي سان باقي ان ڳالھ ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٺٽ دليپوٽا به ايتري ئي قديم آ جيتري ٺٽ هوتچند. ٻنهي جي وچ تي درياء جو اهو وهڪرو اگر هن وقت به وهي اچي ته اهي ٻئي ٺٽيون الڳ سڏبيون. درياء پنهنجا پراڻا وهڪرا ڪڏهن به ناهي ڇڏيندو، صدين کان پوء به اتان موٽ کائيندو آ. جنهن جو وڏو مثال مهاٻوڏ ٢٠١٠ع آھي. چون ٿا ته هن ”لالان“ جي منهن درٻيلو ۽ مڃٺ جي وچ تي بند ٽوڙڻ لاء وڏو زور ڏنو هو.[2]

ڦٽڻ ۽ وري ٺھڻ سنواريو

ھوتچند جنھن جي نالي سان ٺٽ هوتچند ڳوٺ آھي، اھو انڊين نيشنل ڪانگريس جو سرگرم رڪن ۽ سنڌي لوڪ سڀا جو ميمبر پڻ ھيو.[7].[8] هوتچند جيئن ته ان وقت جو امير ترين زميندار هو تنهنڪري کيس آسپاس جي مسلمانن جون ڌمڪيون اينديون رهنديون هيون ڇاڪاڻ ته هندستان جي ورهاڱي جي تحريڪ زور وٺي رهي هئي ۽ انگريز سرڪار پنهنجا ٽپڙ هند سنڌ ما ويڙھي رهي هئي. انڪري پنهنجي حفاظت لاء ھوتچند ڏاتر ڏني ماڇي کي ڳولي لڌو، جنهن جي بهادريءَ جي هاڪ هن جي ڪنن تائين پهتي هوندي. ڀارت وڃڻ وقت هو پنهنجي سموري زمين ڏاتر ڏني ماڇي کي سونپي ويو. پاڪستان ٺھڻ وقت هي سڄو شھر آسپاس جي ماڻھن هٿان لُٽ مار جو شڪار ٿيو. تباه ٿيڻ کان پوء 52 ايڪڙن تي مشتمل هن ڳوٺ تي آسپاس جي زميندارن وچ تي هڪ وڏي طاقت جي ڇڪتاڻ شروع ٿي. جنهن ھڪ زميندار جي موت تي دنگ ڪيو. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ غلام حيدر مهجور سولنگي ڳوٺاڻن جي مڪمل صلاح سان هن ڳوٺ جو نالو ٺٽ ھوتچند منجھان مٽائي ٺٽ سولنگي رکيو ۽ هن ڳوٺ کي قانوني طور تي رجسٽرڊ ڪرايو.[2]

مڃيل ماڻھو سنواريو

  • سڀئي ٺٽائي ڏاتر ڏني ماڇيءَ کي پنهنجو ڏاڏو تسليم ڪندا آھن. ڇاڪاڻ ته اُصولي طور تي ٺٽ جي زمين تي پهريون پير رکڻ وارو سولنگي اهو ئي ڏاڏو ڏاتر ڏنو هيو، جيڪو انگريزن جي دور جو مشھور باغي ۽ بهادر انسان هو، جنهن ڪيترن ڏهاڪن تائين انگريز سرڪار جو ننڊون حرام رکيون. هوتچند جيئن ته ان وقت جو امير ترين زميندار هو تنهنڪري کيس آسپاس جي مسلمانن جون ڌمڪيون اينديون رهنديون هيون ڇاڪاڻ ته هندستان جي ورهاڱي جي تحريڪ زور وٺي رهي هئي ۽ انگريز سرڪار پنهنجا ٽپڙ هند سنڌ ما ويڙھي رهي هئي. انڪري پنهنجي حفاظت لاء ھوتچند ڏاڏي ڏاتر ڏني کي ڳولي لڌو، جنهن جي بهادريءَ جي هاڪ هن جي ڪنن تائين پهتي هوندي.
  • مشھور ڏور بيت جو ماهر سگهڙ، هڏن جوڙڻ جو ماهر، ٻاڌو ۽ پيري غلام محمد سولنگي هن ڳوٺ جو هيو.[9] جنهن حيدرآباد جي ناراجيل ۾ انگريزن جي دور جي پنجاب جي مشھور ڌاڙيل چراغ باليءَ کي پٽيون پڙھايون.
  • تاريخدان، شاعر، صحافي، سنگيتڪار، رٽائرڊ استاد ۽ اڳوڻو سياستدان سولنگي قوم لاءِ پيغمبرن جيهي مڃتا رکندڙ ۽ سولنگين جو اتهاسڪ ونس مالا ڪتاب نالي” تاريخ راجپوت سولنگي(سولنڪي)هند سنڌ ۾ سندن هڪ هزار ساله حڪمراني“، ”ڪشڪول مهجور“ ۽ ڍڳا اچ مونکي ڊھ ھڻ“ ڪتابن جو مصنف غلام حيدر مهجور سولنگي به هن ڳوٺ سان تعلق رکي ٿو.[10]
  • سنڌ، پنجاب ۾ مشھور فروٽن جو واپاري دادن سولنگي به هن ڳوٺ جو ڀاڳيو هو.
  • ٺٽ جو هڪ اڻٿڪ محنتي ڪردار قادن سولنگي جيڪو ڏاڏي قادن هٽ واري طور مشھور هو سو به هتان جو هو جو هو. سندس هٽ تي سوئيءَ کان سڳي تائين روزمرھ جو هر وکر ملندو هيو.
  • مشھور سوشلسٽ صحافي، دانشور ۽ سماجي خدمتگار محمد خان سولنگي به هن ڳوٺ سان تعلق رکي ٿو. جنهن ضياء جي آمريت واري دور ۾ ڪامريڊ نذير عباسي، فاضل راهو ۽ ٻين ڪميونسٽ ساٿين سان ٽارچر سيلن جون سختيون سَٺيون پر پنهنجي مقصد تان نه ڀٽڪيو.
  • مشهور گيت مَنهن ڇَپرن لوڙھن ۽ گهر گهر ۾ گوليون، ڪتاب ”سنڌ هڪ درد ڪهاڻي آ“ ۽ سچ وڏو ڏوهاري آھي سلسلي جو خالق صحافي ، شاعر ،دانشور ۽ تجزيي نگار منظور سولنگي[11] به هن ڳوٺ سان تعلق رکي ٿو.
  • اطلاعات کاتي جو اڳوڻو ڊائريڪٽر، صحافي ۽ سگهڙ ۽ لاڙ جي لال جو لقب ماڻيندڙ در محمد ڪمال سولنگي پڻ ھن ڳوٺ سان تعلق رکندڙ هو.[12].[13]

ڪجهه جهونن مقامي ماڻھن موجب ماستر چندر جو ٻالڪپڻ به هن ئي ڳوٺ ۾ رانديون رهائيندي گذريو. بعد ۾ هو پنهنجي ماء پيء سان گڏ ٺاروشاھ لڏي ويو پر ان ڳالھ جو ڪو پڪو تاريخي حوالو نٿو ملي[14]

  • مشھور سنڌي اديب گوبند مالهيءََ جو ڳانڍاپو پڻ ھن ڳوٺ سان هيو ڇاڪاڻ ته سندس رشتيدار هن ڳوٺ ۾ رهيا ٿي.
  • ٺٽ جو هڪ اهم ڪردار علي رضا سولنگي پڻ آھي, جنهن سنڌي شوبز جي کيتر ۾ چڱو نالو ڪمايو آھي.
  • ڀارت جي نوجوان شاعر لتا ٽھلاڻيءَ جا وڏا ٺٽ ھوتچند جا رهاڪو هئا[15]

هاڻوڪو دور ۽ سکيا جي شرح سنواريو

  • دور ۾ ٺٽ سولنگي هڪ وڏي آباديءَ وارو پُٺتي پيل ڳوٺ آھي، جتي تعليم جي شرح ڳڻتيءَ جوڳي حالت تائين گهٽ آھي. هتي جو نوجوان ڇڪي تاڻي مئٽرڪ پاس ڪري ويو ته بس! سواءِ چند ماڻھن جي ڪو به نوجوان يونيورسٽيءَ تائين نه پهچي سگهيو آھي. تنهن باوجود به هتان جي ماڻھن تعليمي ميدان ۾ پاڻ ملهايو آھي.[1] منظور سولنگي ڪراچي جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ فزڪس جو پروفيسر آھي. ڊاڪٽر غلام معي الدين سولنگي اهو پهريون ٺٽ واسي آھي، جنهن پنهنجي اڻٿڪ محنتن آڌار تعليم جي ميدان ۾ ”ڊاڪٽوريٽ “ جي ڊگري ورتي آھي، جيڪو هن وقت پنهنجون علمي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آھي. نور سولنگي پڻ تعليم کاتي ۾ آفيسر آھي. کان علاوه مدثر نور سولنگي پڻ ٺاروشاھ هاء اسڪول ۾ استاد آھي. هتان جا ڪجهه نوجوان فوج ۾ پڻ خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا آھن.[1]

گذر سفر سنواريو

  • معاشي حساب سان هتان جي اٽڪل %95 آبادي لوئرڪلاس تي مشتمل پورهيت آھي. جيڪي محنت مزدوريءَ لاءِ اوسي پاسي جي زميندارن وٽ ڏهاڙيءَ تي کيتي ٻاڙيءَ جو يا وري مزدوري جو ڪم ڪار ڪندا آھن. يا وري ڊرائيوري ڪري پيٽ پالين. رازڪو هنر به هتان جي خاص سڃاڻپ آھي. عام طور تي هتان جي آباديءَ جو وڏو حصو چوپائي مال تي ڀاڙي ٿو پر زمين جو ٽڪرو به زاتي نه هئڻ ڪري چوپايو مال ڌارڻ جي لاڙي ۾ به ڳڻتيء جوڳي لاٿ آئي آ.[1]

ڌرم سنواريو

هتان جي تقريبن ماڻھن جو مذھب اسلام آھي توڙي جو ڪجهه پراڻيون هندومت واريون روايتون هتي اڄ به زنده آھن، جيئن هندڪا نالا. پر فرقي پرستيءَ کي هتي ڪڏهن به جاءِ ناهي ملي. هتان جا ماڻھو شيعا سني هم آھنگيءَ تحت هڪٻئي سان پيار محبت سان رهن ٿا۔ ۽ هڪ ٻئي جي ڪم اچن ٿا.[2]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 "پنهنجن جون چٺيون -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-10-18. 
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 ڪتاب  ”منهنجي ٺٽ منهنجو ٺٺ“ ليکڪ گلبهار پپن سولنگي
  3. "Sindhi Adabi Board Online Library (History)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2020-10-18. 
  4. "ٺٽ | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2020-10-27. 
  5. "تيزيءَ سان تباهه ٿيندڙ ڀرائيءَ جو دڙو" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-10-24. 
  6. "ٺَٽ دليپوٽا هوتچند ۽ ڳوراهو : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-12-19. 
  7. "ٽهلياڻي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-10-18. 
  8. “ڪتاب، ”سنڌ جي هندن جي تاريخ
  9. by. "Online Sindhi News By Sindhi Newspaper PahenjiAkhbar.com". حاصل ڪيل 2021-08-13. 
  10. "New Page 1". www.thekawish.com. حاصل ڪيل 2020-10-19. 
  11. "سنڌي شخصيتون". sindhipeoples.blogspot.com. حاصل ڪيل 2020-10-20. 
  12. "در محمد ڪمال : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-10-18. 
  13. "New Page 1". www.thekawish.com. حاصل ڪيل 2020-10-19. 
  14. "سنڌ جي عظيم راڳي ماسٽر چندر جي شخصيت". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2020-10-18. 
  15. "ٺَٽ دليپوٽا هوتچند ۽ ڳوراهو : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-10-18.