تجزياتي تنقيد (Analytical Criticism) ڪيترا نقاد تنقيد جي هن قسم کي تنقيد جو خاص طريقو ڄاڻائين ٿا. ٽي ايس ايليٽ (1965-1888 T.S. Eliot) کي هن تنقيد جو باني ۽ مؤجد سڏيو وڃي ٿو. جنھن جي ڪوشش سان 1920ع کان وٺي تنقيد جي هن قسم مقبوليت ۽ شھرت حاصل ڪئي. 20 صديءَ جي ٻي چوٿائي کان پوءِ جڏهن ادب ۽ تنقيد جي دنيا ۾ تاثريت (Impressionism)، آتم ڪٿا (Autobiography) نقاد جي سرسري ۽ مجموعي ڪوشش خلاف بغاوت جو آغاز ٿيو ۽ جڏهن ڏات توڙي مڃتا کي زوري هڪ ٻئي سان ملايو ويو تہ انهيءَ جي خلاف تنقيد ۾ تجزباتي تنقيد جنم ورتو. تنقيد جو هر انداز، جنھن ۾ ادبي فنپاري جو تجزيو ڪري، انهن جو معروضي مطالعو ڪيو وڃي ۽ ان مان سائنسي انداز ۽ غير جانبداري سان نتيجا اخذ ڪيا وڃن تہ اهڙي تنقيد کي تجزياتي تنقيد چيو ويندو آهي. تجزياتي تنقيد نگارن جو چوڻ آهي تہ تنقيد هڪ قسم جي سائنس آهي، جنھن سان ڪنھن ادب پاري جي مختلف عنصرن جي تجزياتي ڇنڊڇاڻ ڪري انهن جي افاديت ۽ اهميت اجاڳر ڪري سگهجي ٿي.[1]

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.