ڀرائي جو دڙو

(ڀرائيء کان چوريل)

ڀرائيء جو دڙو ساهتي پرڳڻي جي شهر ٺارو شاهه کان اوڀر پاسي هڪ ڪوهه پري دليپوٽا- مٺياڻي روڊ تي موجود ڀرائي جو دڙو قديم سنڌ جو شاندار يادگار آهي. جيڪڏهن هن دڙي کي ساهتي پرڳڻي جو ماضي بعيد ڪوٺيو وڃي ته به وڌاءُ نه ٿيندو. جيتوڻيڪ هن دڙي جي قدامت بابت ڪوبه آرڪيالاجيڪل ثبوت ناهي. ڇاڪاڻ ته هن کي ڪنهن کوٽي اهڙي ڪوشش به نه ڪئي آهي، پر اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هي دڙو موهن جي دڙي جيترو ئي پراڻو هوندو! ها، ايترو سو آهي ته ان جو موجوده نالو ڪجهه صديون اڳ پيو هو، يا دڙي جو نالو مختلف وقتن تي تبديل ٿيندو رهيو آهي.[1]

نالو ۽ ڏند ڪٿائون سنواريو

هن دڙي تي ڀرائي جو نالو ماضي قريب جو معلوم ٿئي ٿو. سنڌ ۾ مغلن جي حڪومت جي شروعاتي دور يعني سورهين صدي جي پڇاڙي ۾ سڄي سنڌ جيان هتان جي مقامي ماڻهن پاران سخت مزاحمت ڪئي وئي. ساهتي پرڳڻي ۾ اها مزاحمت جيڪا بعد ۾ گوريلا جنگ ۾ تبديل ٿي وئي ان جا تاريخ ۾ ٻه مکيه ڪردار ملن ٿا. جيڪي پاڻ ۾ سڳا ڀائر به هئا. هڪ ڄام عبدالحئي مڱڻيجو (سهتو) جنهن کي ڄام ههيو جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، ان جي جاگير هڱورجا ۽ ڪوٽڙي محمد ڪبير جي آس پاس هئي. ٻيو دائودپور جو ڄام محمد سهتو (مڱڻيجو) جيڪو ڊڀري پرڳڻي جو نواب هو ۽ هن جو گاديءَ جو هنڌ دائودپور موجوده سخي دائود واهي کان اتر طرف مٿي هڪ ڀڙي جي شڪل ۾ موجود آهي. مغلن ڄام ههيي کي اغوا ڪرڻ بعد ماري هن جو لاش گم ڪري ڇڏيو ۽ علائقي ۾ اها ڳالهه پروپئگينڊا جي صورت پکيڙي ته هو انتهائي ظالم هو، انڪري هن کي ملائڪ ماري لاش آسمان ڏانهن کڻي ويا. جڏهن ته ڄام محمد مغلن سان هڪ جهڙپ جي نتيجي ۾ مارجي ويو. ڄام محمد کانپوءِ هن جي ستن ڌيئرن گوريلا جنگ جي ڪمان پنهنجي هٿ ۾ کنئي هئي. انهن مان ستين ڀرائي هئي. ساهتيءَ جي اها عظيم عورت ٺارو شاهه کان ٻاهر مغلن مٿان ٿيل هڪ راتاهي ۾ قتل ٿي وئي. جنهن کان پوءِ هن جي ساٿين ان جي قبر ان دڙي تي ٺاهي. ايئن دڙي جو نالو ڀرائي جو دڙو پئجي ويو. ٻي اسٿاني روايت موجب مغلن جڏهن ڄام محمد جي گهر تي حملو ڪيو ۽ انهي ۾ گهر جا سڀ مرد مارجي وڃن ٿا ته اتي موجود عورتن آسمان ڏانهن منهن ڪري پنهنجي عزت محفوظ رکڻ لاءِ دعا گهري. جيڪا اگهاڻي انهي جڳهه تي زمين ڦاٽي پئي ڪجهه بيبيون ته انهي ۾ هليون ويون، جتي هاڻي ستين جو آستان آهي. جڏهن ته ڪن کي قدرت طرفان اڏامڻ لاءِ پر ملي ويا. جن مان ٻه عورتون بيبي سون ۽ ساران دليپوٽا کان نوشهروفيروز ويندڙ رستي تي ڳوٺ حاجي بيگ محمد پهنور جي ڀرسان لٿيون، انهن جو مدفن به اتي ئي آهي. اڄ به اهو مقام سون سارا جو قبرستان سڏجي ٿو. جڏهن ته ٻي بيبي جنهن جو نالو ڀرائي هو، اها ٺاروشاهه ڀرسان انهي دڙي تي لٿي جنهن جڳهه تي بعد ۾ هن جي قبر ٺهي آهي.[1]

تاريخي پسمنظر سنواريو

پروفيسر علي رضا قاضي جي ڪتاب ٺاروشاھ 9 ڪلوميٽر مطابق ته هي دڙو مغلن جي سنڌ مٿان حاڪمي کان گهڻو اڳ جو آهي. هن وقت به جڏهن توهان ڀرائي جي دڙي کي هوائي رستي موهن جي دڙي سان مفاصلي ۾ آڻيندا ته انهن ٻنهي جو مفاصلو فقط 22 ڪلوميٽر ملندو. جڏهن ته پاڻ پنهنجي شينهن دريا بابت انهي حقيقت کان آگاهه آهيون ته سنڌو دنيا جي اها واحد ندي آهي جيڪا پنهنجو رستو بدلائيندي رهندي آهي. سندس خيال مطابق ٺارو شاهه جي ڀرسان موجود هي دڙو انهي وقت يعني اڄ کان هزارين سال اڳ ان وقت جي شاندار شهر موهن جي دڙي جي نواحي وسندي هئي. اتان جي مقامي ماڻهن مطابق جڏهن برسات ٿئي ٿي ته دڙي مان ڪيتريون ئي ناياب شيون ظاهر ٿين ٿيون جيڪي بعد ۾ ضايع ٿيو وڃن. انهن شين ۾ چاندي ۽ ٽامي جا سڪا ۽ پراڻا ٿانوءَ به شامل آهن.[1]

تباھي سنواريو

هڪ ڳالهه نهايت اهم ته هاڻي انهي دڙي کي قبرستان بنايو ويو آهي. ڀرپاسي ۾ رهندڙ ذاتيون جن ۾ جانوري، ٻٻر، وڳڻ شامل آهن. انهن مان ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته قبرن جي کوٽائي دوران هنن کي ٻين شين سان گڏ ڪيترائي اهڙا لاش مليا آهن جن مان پتو پوي ٿو ته هو ڪو ڪم ڪندي مري ويا هجن. ڪو ماڻهو ويٺو آهي ته ڪنهن جو لاش بيٺل حالت ۾ ملي ٿو. جنهن مان اسان اهو اندازو به آساني سان لڳائي سگهون ته اهي سڀ نشانيون موهن جي دڙي ۾ به هيون جتي ڪم ڪار ۾ رڌل ماڻهن جا لاش مليا آهن. ان ڪري اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هي دڙو موهن جي دڙي سان گڏ آباد هو ۽ تباهه به موهن جي دڙي سان ئي گڏ ٿيو آهي. قوي امڪان هي به آهي ته هڪ زبردست زلزلي هن سڄي علائقي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آندو هجي. اهڙو خطرناڪ زلزلو جنهن ۾ ماڻهن کي پاسو بدلائڻ جي مهلت به نه ملي سگهي هجي. ڀرائي جي دڙي تي تحقيق لاءِ سائنس جي مدد درڪار آهي. علي رضا شاهه عبدالطيف يونيورسٽي ۾ قديم آثارن جي شعبي مان رٽائرمينٽ وٺندڙ پروفيسر غلام مصطفى شر سان هڪ ڀيرو ملاقات ڪري کيس ڀرائي جي دڙي تي سائنسي انداز ۾ تحقيق ڪرڻ جي دعوت ڏئي چڪو آهي. هن جڏهن شر صاحب کي دڙي بابت ڪجهه ڳالهيون ٻڌايون ته هن تجسس ۽ حيرت جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجو ڀرپور شوق ظاهر ڪيو.[1]

هاڻوڪو دور سنواريو

ڀرائي جي دڙي کي تحقيق لاءِ ڪو سر جان مارموجوده حالتن ۾ اهو تباهه ٿي رهيو آهي. هر برسات کانپوءِ اهو اڳي جتي هو زمين جي سطح کان 30 فوٽ مٿي هو ته هاڻي اها ڊيگهه 20 فوٽ بچي آهي.

حوالا سنواريو

۔[1]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 "تيزيءَ سان تباهه ٿيندڙ ڀرائيءَ جو دڙو" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-10-20.