لوڙھ
لوڙھ يا لوڙھه ڪوڻي گل جي پاڙ ۾ ڳنڍ وانگي ٿين ٿا جيڪي کائڻ ۾ ڏاڍا مزيدار ٿين ٿا. هر ٻوڙ ۾ پٽاٽي جي جاءِ تي خاص طرح مڇي ۾ پوي ٿو.
لوڙھ اڄ ڪلھ لاڙ جي ڍنڍن ڍورن ۾ بہ جام ٿئي ٿو. هن کي سڪائي رکو، مھينا کائو.
لوڙھ کي سنڌي شاعري ۾ وڏي اھميت رھي آھي ايتري قدر جو لوڙھه سنڌي شاعريء جي زينت رھيو آھي.
لوڙھي لَکُ وِڪاءِ ، ڪُمۡ ڪروڙيان آڳرو ، پَٻُڻَ پدمنئون پري ، قيمت بِھَ نه ڪاءِ ،گيربُ ڪري نه گندري ، کاڄُ کاريبو کاء ،جنھن سان رِيڌو را ، سا سَڃيائي سوکڙي.
(خليفو نبي بخش قاسم لغاري)
تاريخ ۾ بہ لوڙھ حوالي طور ڪم اچي ٿو. لوڙھ جي ايتري ماھيت آھي جو سمن جي دور ۾ لوڙھ سمي بادشاھ ڏي سوکڙي طور ويندا ھئا.
ھاڪ وھندو ھاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،بھ، مڇي ۽ لوڙھ، سمي ويندا سوکڙي!
(ماموئي فقير)