آمريت يا ڊڪٽيٽرشپ (Dictatorship) حڪومت ڪرڻ جو هڪ اهڙو سرشتو آهي، جنھن ۾ سياسي طاقت هڪ شخص يا گروھ جي هٿن ۾ هجي تہ اهڙو شخص يا گروھ عوامي راءِ جي پرواھ نہ ڪندو آهي. آمريت جون ٽي امڪاني صورتون آهن:

  1. هڪ گروھ يا شخص کي مليل اقتدار، جنھن ۾ ٻئي جي شرڪت يا ڪنھن اداري ڏانھن جوابداريءَ بنا هُو اهي سڀ ڪم ڪري سگهي، جيڪي سندس نظر ۾ جائز ۽ واجبي هُجن. جيئن قديم دور ۾ رومي بادشاھ حڪومت هلائيندا هئا.
  2. ورثي ۾ مليل سلطنت جي حُڪومت، جيڪا ڪنھن هڪ شخص جي اشارن تي هلي ۽ سندس حُڪمن کي قانون جو درجو ڏنو وڃي.
  3. سياسي پارٽين جي اهڙي حڪومت، جيڪا ڪنھن هڪ شخص جي حڪمن تي عمل ڪندي هُجي ۽ اهو شخص آئين، قانون ۽ ادارن ۾ پنھنجي مرضيءَ مطابق تبديليون ڪري پسند جا فيصلا ڪرائي سگهي.

ويھين صديءَ جي عالمي سياست ۾ اهڙن حڪمرانن ۾ مسوليني، هٽلر، اسٽالن ۽ ضياءالحق وغيره شمار ٿين ٿا. سندن پوئلڳ کين ”فيورر“، ”ڊيوس“ ”ووزد“ ۽ ”مرد مومن مرد حق“ جي لقبن سان سڏيندا هُئا.[1]

حوالا سنواريو