پراڻ درياء(انگريزي: Piran River) سنڌ جو ھڪ ڦٽل درياءَ جيڪو سنڌو درياءَ جي ھڪ شاخ ھو جيڪو ٿرپارڪر واري پاسي وھندڙ ھيو.قديم زماني کان وٺي سنڌوندي پنهنجا وهڪرا پئي بدلايا آهن. مسٽر آر ــ جي. بئنرجِي، بهاولپور کان وٺي کير ٿر پهاڙ جي قطار تائين جملي ارڙهن هنڌن تي سنڌونديءَ جي وهڪرن جا رخ معلوم ڪيا، جن مان پُراڻ به هڪ وهڪرو هو[1]. وري پُراڻ جي نالي سان به ٻه ڍورا نظر اچن ٿا: هڪڙو اُڀرنديون پُراڻ ڍورو، جيڪو ضلعي ٿرپارڪر مان ڪُنري، فضل ڀنڀري ۽ نئين ڪوٽ کان ڦِرندو، ٿر جِي ڪَٺار سان وهي، ونگي پتڻ وٽان لنگهي، رهمڪي بازار وٽان وهندو، ڪڇ جي رڻ مان ٿي، وهي وڃي سمنڊ جي ڪوريءَ نار ۾ ڇوڙ ڪندو هو[1]. ٻيو الهنديون پُراڻ ڍورو، جيڪو جهُڏي شهر، محراب جي ڳوٺ، بدين ضلعي ۾ باغ جي شهر (قديم ٻنگار شهر)، ڏيهي جرڪس اولياء جي درگاهه وٽان لنگهي، نندي شهر جا اُتريان پَٽ پُسائيندو، ونگي پتڻ کان هيٺ اُڀرندئين پُراڻ ڍوري سان وڃي گڏبو هو. ان بعد ٻئي ڍورا يڪي وهڪري جي صورت ۾ ڪوريءَ نار ۾ وڃي پوندا هئا[1]. پُراڻ جو اهوئي وهڪرو هو، جنهن جي پاڻيءَ تي ڪڇ جي رڻ واري ايراضي ۾ آبادي ۽ لکپت ۾ ساريال جي پوک ٿيندي هئي. اهو سڄو علائقو پُراڻ جي پاڻيءَ تي سرسبز ۽ آباد هو. ڪوريءَ نار کان وٺي ونگي پتڻ تائين، پُراڻ تي ٽي مشهور بندر هئا: علي بندر، رهمڪي بازار ۽ سنڌڙي. پُراڻ جي هڪ ڇاڙ تي سومرن جو مشهور تختگاهه وڳهه ڪوٽ آباد هو، جيڪو رهمڪي بازار کان پنج ميل پري هو[1]. دراصل ڪڇ جي رڻ وارا بندر ۽ بستيون ڄڻ ته سرحدي چونڪيون هيون. اُتي ڪوٽ اڏيل هئا، جن ۾ سنڌ يا ڪڇ جا سرحدي محافظ موجود هوندا هئا. ڪڇ جو علائقو اڪثر سنڌ جي حڪومت ۾ شامل هوندو هو، پر جيڪڏهن ڪنهن راءِ يا راجا، ڪڇ جي خودمختاري جو قصد ڪيو هوندو، ته به سنڌ جي حڪومت جو ڏن ڀَرُو ٿي رهيو ٿي[1].

درياء جي ڦٽڻ جو سبب

سنواريو

برهاڙي جي مند ۾ پراڻ وارو پيٽ بدستور جاري رهندو هو، تان جو 1762ع ۾ ميان غلام شاهه سنڌ جي زمين کي سيراب ڪرڻ لاءِ درياء کي جيڪي بند ٻڌايا، انهن جي ڪري پراڻ وارو وهڪرو بلڪل بند ٿي ويو. رهي کُهي ڪسر 1819ع واري زلزلي پوري ڪئي، جنهن ۾ سمنڊ جي پاڻيءَ ڪڇ جي رڻ واري سڄي زمين کي لوڻ کاڻ بنائي ڇڏيو. اهي ئي سبب هئا جن جي ڪري رحمڪي بازار ۽ ان کان هيٺانهون علائقو ويران ٿي ويو، ۽ سرحدي بندر اجڙي ويا[1].

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 مضمون :سنڌ جا ٻه قديم بندرگاھ؛ ليکڪ: محمد اسماعيل شيخ، رسالي جو نالو ؛ مهراڻ 1986ع ايڊيٽر؛ نفيس احمد ناشاد جلد؛ 35 نمبر 3- 1986ع ڇپيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو