ٺاروشاھ(انگريزي: Tharu Shah) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي نوشھرو فيروز جو شھر آھي جنھن جو جاگرافيائي محل وقوع ليٽيٽيوڊ26,9500 (2656'60.000"N) ۽ لانگيٽيوڊ 68,1167 (687'0.120"E) تي آھي ۽ ان جو الٽيٽيوڊ 39 ميٽر آھي. ھن شھر جي آبادي 17700 آھي.ھي شھر روڊن رستي نوشھروفيروز، مٺياڻي، ڪنڊيارو ۽ ڀريا سان ڳنڌيل آھي.ھن شھر جو وقت گرين وچ مين ٽائيم(GMT) کان پنج ڪلاڪ اڳتي آھي.ھي شھر نوابشاھ کان 83 ڪلوميٽر، حيدرآباد کان 178ڪلوميٽر، ڪراچي کان 255 ڪلوميٽر ۽ اسلام آباد کان 893 ڪلوميٽر پري آهي.[1] ھي شھر ڪراچي کان روھڙي واري ريلوي لائن تي واقع آهي. سرڪاري ڪاغذن مطابق ٺارو شاھ ريلوي اسٽيشن جو آغاز آگسٽ 1929 ۾ ٿيو ۽ کيس جنڪشن بڻايو ويو پر خساري جي جواز سان جولاءِ 1991 ۾ ھن ريلوي اسٽيشن کي بند ڪري شھرين کي ڏنل سھولت ختم ڪئي وئي.[2]

ٺاروشاھ
شھر
ٺاروشاھ is located in سنڌ
ٺاروشاھ
ٺاروشاھ
سنڌ جي نقشي ۾
جاگرافي بيهڪ: 26°58′24″N 68°07′51″E / 26.97333°N 68.13083°E / 26.97333; 68.13083مڪانيت: 26°58′24″N 68°07′51″E / 26.97333°N 68.13083°E / 26.97333; 68.13083
ملڪ پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو بينظيرآباد

حوالا سنواريو

  1. › pakistan › tharu-... https://www.tiptopglobe.com › pakistan › tharu-... Check |url= value (مدد).  Missing or empty |title= (مدد)|سانچو:Title:City (town) Tharu Shah: map, population, location - TipTopGlobe.com
  2. {ٺاروشاھ جي بند پيل تاريخي ريلوي جنڪشن: محمد ملوڪ عباسي، روزاني سوڀ ڪراچي، 10 سيپٽمبر 2018, صفحو 10}