تاريخ
تاريخ (History) ڏينهن لکڻ. تاريخ مهيني جو هڪ ڏينهن ، ڏينهن ، روز. مقرر ڪيل ڏينهن. تٿ. خط يا ٻئي ڪنهن به ڪاغذ يا دستاويز تي ڄاڻايل ڏينهن، مهينو يا سال. هڪ واقعي کان ٻئي واقعي تائين مقرر ڪيل مدت. روزانو لکيل احوال. ماضيءَ جي واقعن جي يادداشت. ماضيءَ جي واقعات جي يادداشت بابت لکيل ڪتاب ”تاريخ سنڌ“، ”تاريخ طَبَري“. واقعات جي يادداشت جو علم ، علم التاريخ ، History. بادشاهن ۽ واقعن جو تذڪرو.[2]
Those who cannot remember the past are condemned to repeat it.[1]
لفظ تاريخ (Date)، سامي النسل ٻولين ۾ مهيني جي پهرينءَ تاريخ واري ڏينهن لاءِ به استعمال ٿيندو هو. ان دور ۾ هڪ ڏينهن سج لهڻ کان وٺي، ٻئي ڏينهن سج لهڻ تائين هڪ ڏينهن ڳڻپ ٿيندي هجي.
تاريخ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لفظي معنا ’وقت مقرر ڪرڻ‘ آهي، پر عام طور معنا ”قومن جي عام واقعن جو بيان يا تاريخي تسلسل جو بيان“ ڪئي ويندي آهي. اهو مفهوم بادشاهن جي احوال ۽ واقعن کي لکڻ لاءِ آندو وڃي ٿو. ”تاريخ“ لفظ اهڙن ڪتابن لاءِ به استعمال ٿيو آهي، جيڪي ان مفهوم سان ٺهڪندڙ نه آهن، جهڙوڪ البيرونيءَ جو هندستان جي احوال بابت ”ڪتاب الهند“، جنهن ۾ گهڻو ڪري قديم سنڌ جي ڌار ڌار علمن بابت تفصيل موجود آهي. [3] ڪنهن خاص دَور يا زماني جي شروعات جو اندازو لڳائڻ، حادثن جي وقت جي اندازو لڳائڻ سان ڪيو ويندو آهي، جيئن مسلمانن وٽ تاريخ هجريءَ کان سواءِ ٻيون به تاريخون ڪتب آنل آهن، مثال طور: ”تاريخ عالم“ يا ”حضرت نوح عليه السلام وارو طوفان“. سنڌ ۾ وري اسلامي دور کان اڳ سنڌ جي خودمختياريءَ واري هڪ واقعي سان پنهنجي تاريخ جو آغاز ڪيو.
تاريخ اصل ۾ انسانيت جي محافظ آهي، جيڪا نه صرف قومن ۽ جماعتن جي پر ٻين به پوين تجربن جو رڪارڊ محفوظ رکي انسانن جي آڏو پيش ڪري ٿي ته جيئن انسان انهن تجربن جي روشنيءَ ۾ پنهنجي حال جو جائزو وٺي ۽ مستقبل ۾ پاڻ کي محفوظ رکي سگهن.
تاريخ جي رڪارڊ جي جائزي وٺڻ لاءِ ٽي نقطهءِ نظر آهن:
- (1) معروضي مطالعو يعني واقعا ۽ حالات جيئن به گذريا هجن، انهن کي جيئن جو تيئن ڏسڻ.
- (2) قوم پرستيءَ جو مطالعو يعني اهم واقعن کي ان نسل يا قوم يا ملڪ جي حمايت جي جذبي سان ڏسڻ.
اصولي طور تي تاريخ يا تواريخ جو مقصد نسلي ۽ قومي ڪٽرپڻي کان مٿاهون ٿي، انساني ۽ ان جي مختلف واقعن جي ڪارنامن تي صحيح نموني تحقيق ڪري راءِ قائم ڪرڻ هئڻ گهرجي.[4][5]لفظ هـِـسٽري “History"، هڪ يوناني ڌاتوءَ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: ”پڇا ڳاڇا ڪري ڪجهه معلوم ڪرڻ“. انهيءَ لحاظ کان لفظ ”هسٽري“ پنهنجي اصلوڪي وسيع معنيٰ ۾ ”سائنس“ جو ٻيو نالو آهي. يعني، جيڪو انساني علم جاچ ۽ تجربي جي رستي استقرائي طرح حاصل ڪجي، ان کي تاريخ چئي سگهبو هو. جيئن زمانو گذرندو ويو تيئن هن لفظ کي به محدود معنيٰ ۾ استعمال ڪيو ويو. هڪ طرف سندس معنيٰ ماضيءَ جي سهيڙيل علم تائين محدود ڪئي وئي، ته وري ٻئي طرف ان تاريخ کي انساني زندگيءَ سان نسبت رکندڙ ڳالهين متعلق استعمال ڪيو ٿي ويو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته ”تاريخ“ لفظ هيٺين ڳالهين سان نٿو لڳائي سگهجي. 1. بنا ترتيب جي گڏ ڪيل علم، 2. هر اهو علم جنهن جو زمان يا وقت سان ڪو لاڳاپو نه هجي، ۽ 3. رواجي معنيٰ ۾ اهو سمورو علم جنهن جو انساني ارتقا سان ڪو واسطو ڪونهي. ان ڪري هن ڪتاب ۾ ”تاريخ“ لفظ جي معنيٰ آهي: ”انسان ذات جي سوانح جو لکت ۾ ترتيب ڏنل سرمايو“. اهو انسان ذات جو سرمايو يا تجربو گهڻن ئي نمونن جو آهي. قديم زماني جي ابتدائي ڏينهن کان وٺي جڏهن انسان ذات حيواني حالت کان مٿي چڙهي، تڏهن کيس زندگيءَ جي جدوجهد ۾ فتح حاصل ٿي ۽ حيواني دنيا تي سندس تسلط قائم ٿيو. تنهن کان سواءِ ڊگهي عرصي جي آزمائش ۽ تجربي جي ڪري کيس قدرت جي جماداتي سرماين جو مالڪ بڻايو ويو ۽ منجهس اهليت ۽ قابليت پيدا ٿي، جو برپٽن ۾ به پنهنجي کاڌي، اجهي، ڪپڙي ۽ آرام جو سازو سامان مهيا ڪري سگهيو. وڏي ڳالهه ته منجهس اها لياقت پيدا ٿي ته ڪيئن ٻين انسانن سان معاشري ۾ گڏ رهي ڳوٺ، شهر ۽ ملڪ ٺاهي، صنعتون ۽ هنر، علم ادب ۽ تعليم، فلسفي ۽ مذهب جو ڪيئن واڌارو ڪري. اهو سڀ انساني تجربو تاريخ جو موضوع آهي. تاريخ انسان جي هر پهلوءَ جي ارتقا جو نقشو آهي ۽ سندس وڌندڙ طاقت ۽ سندس مرحليوار خودشناسيءَ جو بيان آهي. اصل ۾ تاريخ انسان ذات جي اجتماعي ذهن جو (مسلسل) قصو آهي.[6]تاريخ جو ھڪ ٻيو نالو ’تجربو‘ آھي. اسين جڏھن تاريخ جو ذڪر ڪريون ٿا، تڏھن اسين گهڻو ڪري انساني نسل جي گڏيل تجربي بابت سوچيندا آھيون؛ پر اسان مان ھر ھڪ فرد پنھنجي اڪيلي زندگيءَ جي مدت ۾ جيڪو ذاتي تجربو ڪري ٿو، اھو پڻ حقيقت ۾ تاريخ آھي[7].[8]ڪرامويل جو اعتماد هو ته تاريخ جي علم ۾ ڌڻي تعاليٰ جي ذات جو عڪس ٿو ملي. هيءُ مضمون رب جي صفات جو مظهر آهي. فرائڊ جي راءِ موجب ”تاريخ هڪ اهڙي مستقل ۽ ابدي گهنڊ جو آواز آهي جو انسانذات جي ڪنن ۾ هميشه صدين کان صدين تائين حق ۽ ناحق، انصاف ۽ عدل، ظلم ۽ ڏاڍ جي قانون جي اهميت ۽ ڄاڻ جي وسيلي ٻرندو ٿو رهي“. جونز جو خيال آهي ته، ”تاريخ زندگي جي مشاهدات ۽ تجربات جي هڪ کاڻ آهي. اڄوڪن ٻارن ۾ موجود نسل جي لاءِ علم تاريخ جو پڙهڻ ۽ پڙهائڻ انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته اڳوڻي زماني جي ماڻهن جي مشاهدن ۽ تجربن جو خزانو انهن کي ملي ۽ پڻ دنيا کي فيضياب ڪري.“ هربرٽ جو هڪڙو معتقد مفڪر مسٽر زلر هو، جنهن جي راءِ موجب، ”تاريخ جي علم کي اسڪولي نصاب ۾ مرڪزي حيثيت رکڻ گهرجي، ۽ باقي سڀني مضمونن کي ثانوي طور ئي تاريخ جي چوگرد تربيت ڏيڻ گهرجي.“ مٿي ڏنل ڳالهين مان ثابت ٿئي ٿو ته تاريخ جي فلسفي ۽ فائدي بابت مختلف ماڻهن ۽ مفڪرن جا متضاد رايا رهيا آهن. تنهن هوندي به هڪڙي حقيقت پڌري ٿيل آهي ته هن مخالفت موافقت يعني متضاد خيالن جو سبب هيءُ آهي ته مؤرخ ۽ مفڪر تاريخ جي علم جي وصف ۽ مقصد بابت هم خيال ۽ متفق راءِ نه رهيا آهن. هر ڪنهن فلسفيءَ ۽ مفڪر پنهنجي راءِ ۽ خيال موجب تاريخ کي سٺو يا بيڪار سمجهيو آهي، هر ڪنهن مفڪر تاريخ جي علم بابت پنهنجو مفهوم ۽ مطلب جدا جدا ٺاهيو آهي. ان ڪري هر ڪنهن جو اختلاف ۽ اتفاق صحيح ۽ درست آهي.[9]تاريخ ماضيءَ جو هڪ منتشر، گهڻ پاسائون، تڪراري ۽ بحث طلب رڪارڊ آهي. عام طور تي هن بحث کي سلجهائڻ لاءِ تاريخي ڪتابن کان مدد وٺبي آهي. اهي تاريخي ڪتاب هن بحث جو هڪ طرف ٽوڙ به هوندا آهن، ته ٻئي طرف نوَن بحثن کي کولي هڪ نئين تڪرار يا بحث جو سبب به بڻجندا آهن. ان تڪرار يا بحث کي سلجهائڻ لاءِ ڪتاب سميت علم الدلائل کان به مدد وٺبي آهي. ڇو ته جتي ڪتاب مجموعي طرح تڪرار جو شڪار ٿي بحث کي ويتر اُلجهائي ڇڏين ٿا، ته اُتي انساني شعور، عقل، دانائي ۽ فهم ئي رهنمائي ڪري ٿو. هونئن به تاريخدان ۽ سڄاڻ پڙهندڙ رڳو ڪتابن تي نه ڀاڙيندا آهن. ڇاڪاڻ ته اهي ڪتاب دراصل ماڻهن جا ئي لکيل هجن ٿا، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن مڪتبئه فڪر ۽ ڌُر سان سلهاڙيل هوندا آهن.[9].
تاريخ جا سرچشما يا مآخذ
سنواريوتاريخ کان اڳ واري زماني بابت ڪجهه ويچار ۾ آڻجي، ان کان اڳ اچو ته ڏسون ته اهي ڪهڙا مکيه مآخذ آهن، جيڪي اسان کي گذريل ست هزار ورهين جي تاريخ لکڻ ۾ عمومي مدد ڪن ٿا. مشرق وسطيٰ يعني: مصر، بابل، آشور، ايشيا صغير ۽ قريط جي قديم تاريخ معلوم ڪرڻ لاءِ لاتعداد پٿر تي لکيل ڪتبا ۽ مٽيءَ جي وڏين سـِـرن تي اُڪريل لکتون آهن. پر انهن مان ڪي اڃا پڙهڻ جوڳا نه آهن.
بعد جي زماني جي تهذيبن بابت، (مشرقي ۽ مغربي) اسان وٽ اهي دستاويز يا سندن نقل موجود آهن، جي اصل کـَـلـُـن يا ”پپائرس“ ٻوٽي جي ورقن تي لکيل آهن. هاڻوڪي زماني ۾ ڪاغذ ۽ ڇاپي جي مشين اسان لاءِ ايترو گهڻو مواد موجود ڪيو آهي، جو تاريخ نويس تاريخي علم جي ڪثرت ۽ رڱاوت کي ڏسي منجهيو ٿو پوي. ان ڪري هر زماني جي تاريخ لکڻ جو مسئلو مختلف آهي. قديم زماني جي تاريخ لاءِ مسئلو آهي ته ڪيئن اهي ڪتبا پڙهي سمجهيا وڃن ۽ سندن معنيٰ ڪڍي وڃي. هاڻوڪي زماني جي تاريخ لکڻ واري لاءِ اهو مسئلو درپيش آهي ته، جيڪو مواد موجود آهي ان مان ڪهڙو انتخاب ڪجي (جو سچو ۽ معتبر هجي). جيڪڏهن هڪڙي خيال کان هن زماني جي تاريخ لکڻ لاءِ مواد ملڻ آسان آهي ته وري ٻئي خيال کان مشڪل آهي، ڇو ته (هاڻوڪي زماني جي تاريخ لکڻ لاءِ) بي ريا ٿي لکڻ مشڪل تر آهي. اڄ ڪلهه جي تاريخ نويس جو ذاتي لاڙو سندس علم ۾ داخل ٿئي ٿو. سندس سياسي خيالات، مذهبي عقيدا، قومي بدظني، اهي سڀ سندس بي ريا راءِ کي رياڪار بنائين ٿا ۽ سندس وسيع نظريءَ ۾ حائل ٿين ٿا. قديم زماني جي تاريخ لکندڙ انهيءَ خطري کان نسبتاً خالي آهي. هو بنا ڪنهن جذبي جي شهنشاهتن جي عروج ۽ زوال تي غور ۽ فڪر ڪري سگهي ٿو ۽ جاچي سگهي ٿو. مذهبي عقيدن جي هڪٻئي سان ٽڪر ۽ تبديليءَ کي چڱيءَ طرح پروڙي سگهي ٿو. بي جذباتي علم لاءِ تاريخ کان اڳ جي خاموش دنيا جا آثار هڪ آزاد ترين ميدان آهي ۽ انهيءَ ميدان ۾ ئي خاص ڪري ويهين صدي (عيسوي) جي شروعات کان وٺي، تاريخ جي علم شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. (هن ڪتاب جي) ضخامت جي محدود هئڻ ڪري، هت ان علم جي مختصر بيان کان وڌيڪ درج نٿو ڪري سگهجي.[10]
تاريخ کان اڳ وارو زمانو
سنواريوعلم هيئت جي ڄاڻـُـن جو چوڻ آهي ته شايد 3,000,000,000 (ٽي ارب) ورهيه اڳ سڄو شمسي نظام هڪ گئس جو تيز گرمي سان ٻرندڙ جسم هو. ڪنهن نموني سان، شايد ڪنهن وڏي ستاري جي ويجهي اچڻ ڪري، اهو جسم منتشر ٿي سج سميت اٺن گرهن يا سيارن ۽ پنج سؤ ننڍن تارن ۾ ورهائجي ويو. ننڍا جسم وڏن کان جلد ٿڌا ٿي ويا ۽ شايد 1,000,000,000 (هڪ ارب) ورهين کان پوءِ هڪ سخت مٿاڇرو ڌرتيءَ جي سطح تي ٺهڻ شروع ٿيو. لکين سالن کان پوءِ ڌرتيءَ تي بارش پوڻ ڪري وڏا سمنڊ ٺهيا ۽ انهن وڏن سمنڊن ۾ لاتعداد زمانن کان پوءِ زندگيءَ جا آثار نمايان ٿيا. ان کان پوءِ علم حيوانات جا ماهر ان تاريخ تي روشني وجهي اسان کي ٻڌائين ٿا ته ڪهڙي طرح ابتدائي حيوانات آهستي آهستي ترقي ڪري لکين سالن جي مدت اندر مڇيون، ڪرڙيون، پکي، کير پياڪ جانور بڻيا ۽ آخر ۾ انسان جي حالت کي پهتا. قديم ترين آثار جيڪي هٿ لڳا آهن، انهن مان هڪ اها آهي کوپڙي، جا انساني کوپڙيءَ سان گهڻين ڳالهين ۾ مشابهت رکي ٿي.ان کي ”پـِـٿيڪان ٿروپـَـس“ (Pithecanthropus) يعني ”ڀولڙو انسان“ سڏيو ويو آهي. اها کوپڙي سن 18922 عيسويءَ ۾ جاوا ۾ زمين هيٺان کوٽي ڪڍي ويئي هئي. سڀئي ان ڳالهه تي متفق آهن ته اُها مخلوق يا اهو حيوان، جنهن جي اها کوپڙي آهي، سو علم طبقات الارض جي Oliocene زماني ۾ رهيو هوندو. اهو زمانو 550,000 (ساڍا پنج لک) ورهيه اڳ ختم ٿيو. هائڊيلبرگ (جرمني) شهر جي ويجهو 19077 عيسويءَ ۾ جيڪا کوپڙي لڌي ويئي هئي ۽ جيڪا سڄي پر حيواني انسان جي کوپڙي هئي، سا به هن کان گهٽ قديم ناهي. 1912 عيسويءَ ۾ وري پلٽ ڊائون (Piltdown) انگلينڊ ۾ هڪ تمام جهوني کوپڙي لڌي ويئي. هن وقت تائين سندس زماني متعلق اڃا ڪو اتفاق راءِ نه ٿيو آهي. ”علم الانسان“ جي ڪن ماهرن جو رايو آهي ته اهو دور جاوا ۽ هائڊيلبرگ وارن زمانن جي وچ ۾ آهي. ٻين جو خيال آهي ته اها کوپڙي 100,000 (هڪ لک) ورهين کان ٿورو وڌيڪ قديم زماني جي آهي. قديم زماني جي انساني کوپڙين کان سواءِ ڪيترائي اڻ گهڙيل اوزار ۽ هٿيار، جي ان زماني جي ماڻهن ٺاهيا، اهي هن وقت تائين سلامت آهن. انهن مان گهڻا پٿر جا ٺهيل آهن ۽ ڪي ڌاتوءَ جا. انهن مان تمام جهونن اوزارن متعلق، جن کي ”پرڀاتي يا شروعاتي پٿر“ (Eolithic) جا اوزار ڪوٺيو وڃي ٿو اڃا شڪ آهي ته اهي انسانن جا ٺاهيل آهن يا اُهي مورڳو عجيب شڪل جا قدرتي طرح ٺهيل پٿر آهن. جيڪڏهن اهي پٿر انسان جا ٺاهيل آهن ته پوءِ طبقات الارض جي علم مطابق چئبو ته انسان (هن دنيا جي تختي تي) ”اقرب“ (Pliocene) زماني ۾ موجود هو. پر ”جهوني پٿر واري“ زماني جي اوزارن نسبت ته اسان کي پڪ آهي. انهن لاءِ پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته اهي انساني هٿن پٿر جي ٽڪرن مان اڻپوري طرح گهڙي ٺاهيا آهن. ”جهوني پٿر وارو زمانو“ (Paleolithic Epoch) پنج هزار ورهين کان ڏهه هزار ورهيه قبل مسيح جو زمانو آهي. ان زماني جا قديم آثار، جهڙوڪ: ڪوڏريون، رَندا ۽ چاقو وڏين ندين جي ماٿرين مان لڌا ويا آهن، جيڪي نديون جهوني زماني جي سمنڊ ۾ وهندڙ برفاني ٽڪرين جي وهڪري سبب انهن ماٿرين ۾ رهجي ويون آهن. ان زماني کان پوءِ جا آثار، جهڙوڪ: سٺي نموني ۾ گهڙيل پٿر جا اوزار ۽ انهن سان گڏ هڏي ۽ سـِـڱ مان ٺاهيل اوزار انهن غارن مان لڌا ويا آهن، جي ڪيتري زماني تائين شڪاري قومن جي گهر جو ڪم ڏيندا هئا.ڏهه هزار ورهيه قبل مسيح جي وقت کان وٺي انساني تهذيب جلد ترقي ڪئي. ان زماني کي ”نئون پٿر جو زمانو“ (Neolithic Epoch) سڏيو وڃي ٿو. ان دور ۾ نه رڳو پٿر جا اوزار بهتر طريقي سان ٺاهيا ويا، پر انسان جانورن کي پالڻ سکيو، زمين کيڙڻ سکيو ۽ پاڻ ۾ گڏجي منظم جماعتن ۾ رهڻ سکيو. ڇٻن ٺاهڻ، ڪـَـتڻ، اُڻڻ ۽ ٺڪر جا ٿانو ٺاهڻ جون صنعتون ۽ هنر پڻ وجود ۾ آيا. ان ”نئين پٿر جي تهذيب“ مان ئي قديم ترين تمدن، يعني مصر جي تمدن ترقي ڪئي.[11]
انساني قومون
سنواريواڪثر ڪري انسان ذات جون ٽي قومون سندن چمڙيءَ جي رنگ جي لحاظ کان هڪٻئي کان الڳ سمجهيون وينديون آهن. اهي آهن: (1) ڪاري رنگ واريون قومون (2) ڦڪي رنگ واريون، منگولي يا توراني قومون (3) سفيد چمڙي واريون، قفقازي يا يورپي قومون. پر اهو امتياز هينئر بنيادي نٿو سمجهيو وڃي. اڄڪلهه اهو اعتقاد رکيو وڃي ٿو ته سڄي انسان ذات (سڀئي انساني قومون) هڪ ئي خاندان جو اولاد آهن، رنگ ۽ ٻيا اختلاف رڳو آبهوا ۽ ٻئي اهڙي قسم جي ماحول جو اثر ۽ نتيجو آهن.[12]
تاريخ جو جاگرافيءَ سان تعلق
سنواريوماحول جو (انساني زندگيءَ تي) زوردار اثر انسان کي مجبور ڪري ٿو ته جاگرافيءَ جي اهميت محسوس ڪندي ان جو اڀياس ڪري، خاص طرح تاريخ سان گڏ طبعي جاگرافي. انسان ذات جون مختلف قسمن جون قومون جهنگن، ميدانن، ڍنڍن وارن علائقن، جبلن ۽ ٻيٽن جي پيدائش آهن. آبهوا جي ڦير گهير جي ڪري ماڻهن هڪ هنڌان ٻي هنڌ لڏپلاڻ ڪئي. اچ وڃ ۽ بار برداريءَ جي ذريعن پڻ تاريخ جي رفتار کي متاثر ڪيو آهي. هن تاريخ جو هر هڪ باب ڪنهن سٺي نقشي کي اڳيان رکي پڙهڻ گهرجي. اهو نقشو اهڙو هئڻ گهرجي جنهن ۾ طبعي وصفن کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي هجي.[13]
علم التواريخ
سنواريوتاريخ جي زمانن کي مقرر ڪرڻ جي صفت يا تعريف اڃا مڪمل نه ڪئي وئي آهي. مصري ۽ بئبلوني (بابلي) تاريخ جي واقعن جون ڪي تاريخون ڪيترين صدين اندر به مقررڪري نه ٿيون سگهجن. اڄ تائين پڻ وقت جي ڳاڻيٽي جا ڪيترائي مختلف طريقا آهن، پر اهو سرشتو جيڪو گهڻن هنڌن تي قبول ڪيو وڃي ٿو ۽ اڪثر ڪري آسان آهي، اهو مغربي دنيا ۾ رائج آهي. اهو سرشتو رومي لوڪن جي تقويم يا ڪئلينڊر تان ورتو ويو آهي ۽ خاص طرح اهو طريقو، جيڪو جوليس سيزر (قيصر يوليوس) عيسوي سن جي شروعات کان ٿورو اڳ (45 سال قبل مسيح) قائم ڪيو. ان ڪئلينڊر مطابق سال ۾ 365 ڏينهن هئا ۽ سال ڪبيسه (Leap year) هر چوٿين سال 3666 ڏينهن جو ڳڻيو ويندو هو. ڪجهه زماني کان پوءِ وري ان ۾ ٿوري ڦير ڦار ڪئي وئي، ان لاءِ ته ڪئلينڊر سج جي ظاهري گردش سان ٺهڪي اچي. اها ڦير ڦار، جنهن ۾ خاص ڳالهه هيءَ هئي ته هر ٻن صدين کان پوءِ ڪبيسي سال ترڪ ڪيو وڃي، سا سال 1528 عيسويءَ ۾ پوپ گريگري تيرهين جي چوڻ تي آندي وئي. سالن يا سن جي ڳڻپ حضرت عيسيٰ مسيح جي ولادت جي سال کان اڳ (قبل مسيح) يا پوءِ (عيسوي يا مسيحي سن) ڪئي وڃي ٿي. ان ولادت جي سال کان اڳ جي سن کي ”ق - م“ (قبل مسيح) ۽ بعد واري سن کي ”ع“ يا ”م“ (”عيسوي“ يا ”مسيحي“) جي اکرن سان چٽو ڪيو وڃي ٿو.[14]
تاريخ بطور سائنس ۽ فن
سنواريوعلم التاريخ هڪ اهڙي سائنس آهي، جنهن کي ڳولا ۽ تحقيق، تنقيد ۽ تبصري واري سائنس چئي سگهجي ٿو.[9]. تاريخ پنهنجي ٻن حيثيتن پٽاندر علم به آهي ۽ هنر به. هن لحاظ کان ته تاريخ حقيقي ۽ سچن واقعن جي ڳولا ۽ تحقيق جو نالو آهي ته پوءِ تاريخ هڪ علم آهي. جيڪڏهن هن لحاظ سان ته تاريخ انهن واقعن ۽ ڳالهين جي بيان ۽ تذڪري جو به نالو آهي ته پوءِ تاريخ هڪ فن آهي يا هئڻ گهرجي.[9].
سياسي سماجي ۽ اقتصادي تاريخ
سنواريوفري مئن ۽ ان جا پيروڪار چون ٿا، ته سياسي ڳالهيون تاريخ جي باقي ٻين شعبن کان وڌيڪ اهميت رکن ٿيون، ڇاڪاڻ ته سياسي تبديلين، انقلابن ۽ قانون جي ڪري هميشه ملڪ جون اقتصادي ۽ سماجي حالتون ڦرنديون آهن. يعني سماجي ۽ اقتصادي حالتن جو مدار سياسي حالتن تي ٿيندو آهي. فري مئن جي راءِ ۾ تاريخ ”ماضيءَ جي سياست“ آهي. ڇاڪاڻ ته قومي، سماجي، ۽ اقتصادي حالتن تي سياسي ۽ آئيني سببن ۽ حالتن جو زبردست اثر پوي ٿو، تنهنڪري اسڪولن ۾ سياسي تاريخ پاڙهڻ گهرجي. سماجي ۽ اقتصادي ڳالهين کي اهميت ڏيڻ جي ڪا خاص ضرورت ڪانهي، ڇوته ملڪ جي سياسي ارتقاءَ ۽ ان جي احوال جو نالو ئي ته تاريخ آهي. ملڪ جا بادشاهه ۽ راڻيون ۽ انهن جا جاءِ نشين سندن جنگيون صلحناما ۽ قانون اسان کي هڪ سلسليوار ۽ صحيح تاريخ جي ترتيب ميسر ڪري ڏين ٿا. اسان جي معلومات جو زماني وار سلسلو قائم رهي ٿو.[9].
تاريخ جو نصاب
سنواريونصاب جي چونڊ جي لاءِ ٻه طريقا يا ٻه نظريا آهن: هڪڙو عقلي يا منطقي ۽ ٻيو نفسياتي.
(1) عقلي يا منطقي طريقو: هن طريقي موجب اسين ٻارن جي سڄي اسڪولي مدت لاءِ اول تاريخي مواد جي جملي انداز جو يقين ڪندا آهيون. ۽ پوءِ ساڳئي مقرر ڪيل ڪورس کي مختلف ڪلاسن يا درجن ۾ ورهائي ڇڏيندا آهيون. مطلب ته هن طريقي موجب اسين تاريخي معلومات کي وڌيڪ اهميت ٿا ڏيون ۽ شاگردن جي نفسياتي گهرجن يا جبلتن کي گهٽ اهميت ٿا ڏيون يا مورڳوئي نظر انداز ڪندا آهيون.
(2) نفسياتي طريقو: هن طريقي موجب اسين اول تاريخ پڙهڻ ۽ پاڙهڻ لاءِ ٻارن جي فطرتي لياقتن ۽ لاڙن تي ويچار ڪندا آهيون ۽ عمر آهر ٻارن جي جبلتي لاڙن ۽ فطرت کي مد نظر رکي پوءِ نفسياتي گهرجن موجب مختلف عمر وارن شاگردن لاءِ، تاريخ مان موزون ۽ مناسب حساب سان نصاب ۾ داخل ڪندا آهيون. مطلب ته نفسياتي طريقي موجب اسين نصاب کي ٻارن جي عمر جي مختلف منزلن آهر ترتيب ٿا ڏيون.
.[9]اسٽينلي هال صاحب جو خيال هو ته ٻار پنهنجي وڏن ۽ نسل انسانيءَ جي تجربن ۽ ڏکن سکن جو دور ڪندو آهي. ڇاڪاڻ ته ٻار جي دماغ ۾ قدرتي طرح ڪنهن نه ڪنهن قسم جي حياتياتي مادي جي اهڙيءَ ترتيب جو وجود آهي جنهن ڪري هو پنهنجي ڪنهن حياتيءَ ۾ پنهنجي ابن ۽ ڏاڏن جي ڀيٽ تي آڻڻ تي آماده هوندو آهي. هال صاحب جو اعتقاد هو ته جيسين ٻار کي ان لاشعوري لياقت جي تربيت نه ڏني ويندي تيسيتائين ٻار جي سچي ۽ موزون نشونما نه ٿي سگهندي.[9].
خارجي ڳنڍڻا
سنواريوحوالا
سنواريو- ↑ George Santayana, "The Life of Reason", Volume One, p. 82, BiblioLife, ISBN 978-0-559-47806-2
- ↑ جامع سنڌي لغات جي ايپ
- ↑ .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
- ↑ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد
- ↑ Encyclopedia Sindhiana
- ↑ ڪتاب:عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو; تصنيف:ڊاڪٽر نبي بخش قاضي; ايڊيشن:2005ع;ڇپائيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
- ↑ {ماضيءَ جي روشني: اُن جي اھميت ۽ حدون- آرنلڊ جي ٽائنبي/مراد علي مرزا}
- ↑ http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/mehran/Book2/Book_page8.html. Missing or empty
|title=
(مدد) - ↑ 9.0 9.1 9.2 9.3 9.4 9.5 9.6 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ جي تعليم جا اصول مصنف؛ محمد الياس رضوي ايڊيشن؛ پهريون ايڊيشن؛ پهريون 2006ع ۾ ڇپيو ڇپيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ صفحا؛ 134 ڊيمي سائيز سال؛ 1417ھ، 2006ع
- ↑ ڪتاب:عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو; تصنيف:ڊاڪٽر نبي بخش قاضي; ايڊيشن:2005ع;ڇپائيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
- ↑ ڪتاب:عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو; تصنيف:ڊاڪٽر نبي بخش قاضي; ايڊيشن:2005ع;ڇپائيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
- ↑ ڪتاب:عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو; تصنيف:ڊاڪٽر نبي بخش قاضي; ايڊيشن:2005ع;ڇپائيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
- ↑ ڪتاب:عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو; تصنيف:ڊاڪٽر نبي بخش قاضي; ايڊيشن:2005ع;ڇپائيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
- ↑ ڪتاب:عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو; تصنيف:ڊاڪٽر نبي بخش قاضي; ايڊيشن:2005ع;ڇپائيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو